سنڌ سماچار
-
ڪراچي: عدالت پاران خورشيد شاه خلاف توهين رسالت ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻ جوڳي منظور
ضلعي سيشن جج اوڀر جي عدالت ايم ڪيو ايم جي سي اي سي جي ميمبر ليلي پروين ۽ ٻين جي داخل درخواست تي پيلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاه خلاف توهين رسالت ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻ جوڳي منظور ڪندي 28 آڪٽوبر تي جواب طلبي لاءِ نوٽس جاري ڪري ڇڏيا
وڌيڪ پڙھو -
ڪراچي: ماحولياتي گدلاڻ سبب ھزارين ماڻھو بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا
ڪراچي جي ڪچين ۽ ٻين وسندين ۾ ماحولياتي گدلاڻ سبب هزارين ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ماحولياتي آلودگي سبب ڪچي ۽ ٻين وسندين رهندڙ ماڻهن ۾ مختلف بيماريون پيدا ٿين پيون
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ چيني انجنئيرن کان ڦر، ڪيس داخل نه ٿيو
هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي 3 مختلف هنڌن تان ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن جي گاڏين کان ڦرلٽ، هٿياربند ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ چيني انجنيئرن کان لکين روپيه ڦر لٽ ڪري فرار ٿي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: وڏي وزير عيد تي مستحق ماڻھن ۾ عيد جا تحفا ورھايا
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾ عيد الاضحى جو موقعي تي عيد جي تحفا ورهايا
وڌيڪ پڙھو -
سينٽرل جيل سکر وَن تي امڪاني حملي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مشق ڪئي وئي
سينٽرل جيل سکر وَن تي امڪاني حملي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مختلف سيڪيورٽي ۽ سول ادارن پاران علامتي حملي کانپوءِ آپريشن جي مشق ڪئي وئي، جنهن دوران ڪامياب آپريشن ڪندي علامتي دهشتگردن تي ڪنٽرول ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل اجمتاعي لڄالٽ جا جوابدار آزاد گھمي رھيا آھن
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل اجمتاعي لڄالٽ ۽ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي جي جوابدارن جو پوليس وار به ونگو به نه ڪري سگهي، پوليس خانا پوري ڪرڻ جي لاءِ جوابدار لالو سامٽيو جي ڀاءُ صوڀو سامٽيو کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
نوشهروفيروز : پوليس ڀٽي برادري جي گهرن ۾ داخل، چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال
نوشهروفيروز ايس ايڇ او ايس نبي ڪچي ڀٽي برادري جي گهرن ۾ داخل ٿي، چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال نه ڪندي عورتن تي ڏمرجي پيو، روڪڻ تي ٻارڙن کي ٿڦر هنيا، قرآن پاڪ جي بيحرمت پڻ ڪئي. سخت قدم کنيا وڃن
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: اجتماعي لڄالٽ واري سانحي جا جوابدار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود گرفتار ڪري نه ٿي سگھيا
رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي ۽ چار عورتن شازيا، ڪائنات، سپنا ۽ آسيا سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ واري سانحي جا جوابدار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود پوليس انتظاميه گرفتار ڪري نه سگهي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ شٽربند هڙتال
سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ شٽربند هڙتال، ڪارڪنن جا هنڱورجا قومي شاهراهه تي ۽ رسول آباد قومي شاهراهه تي الڳ الڳ ڌرڻا ٽريفڪ معطل ٿي وئي
وڌيڪ پڙھو -
مورو: سنڌ بچايو ڪميٽي جي مرڪزي سڏ تي مورو شهر ۾ به مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال
مورو ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي جي مرڪزي سڏ تي آپريشن متاثرين جي سنڌ ۾ آمد خلاف مورو شهر ۾ به مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي جڏهن مورو شهر جا اهم ڪاروباري مراڪز مين شاهي بازار، ريشم بازار، دادو روڊ، درس روڊ، ٻانڌي روڊ، گچيرو روڊ، مين روڊ، کيڙا بازار، درزي مارڪيٽ سميت مختلف ڪاروباري مرڪز بند رهيا
وڌيڪ پڙھو