ڪراچي

ڪراچي: ماحولياتي گدلاڻ سبب ھزارين ماڻھو بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا

سڪندر ڀٽو، ڪراچي
Pollution (640x335)
ڪراچي جي ڪچين ۽ ٻين وسندين ۾ ماحولياتي گدلاڻ سبب هزارين ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ماحولياتي آلودگي سبب ڪچي ۽ ٻين وسندين جي علائقن جنهن ۾ رند ڳوٺ ، عبدالله شاه غازي ڳوٺ ، سچل ڳوٺ ، ماروڙا ڳوٺ ، شر ڳوٺ ، حسين هزاره ڳوٺ ، پهلوان ڳوٺ ، سعدا آباد سوسائيٽي ، يوسف ڳوٺ ، مڌو ڳوٺ ، شانتي ننگر ، هاڪس بي ڪالوني ۽ ٻين علائقن جي رهندڙ ماڻهن ۾ مختلف بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن جنهن ۾ موضي مرض ڪينسر ، هيپاٽائيٽس ، گلي اکين ، چمڙي ، پيٽ ، ۽ بيون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ڪچي ۽ ٻين ۾ خالي پيل پلاٽن ۽ گهٽين ۾ ڪراچي ميونسپل انتظاميا ، خانه بدوشن ۽ ماڻهن پاران ڪچرو اڇالايو وڃي ٿو جيڪو ڪيترائي مهينا اتي پيل هوندو آهي بعد ۾ ڪچي آبادي ۽ وسندين جي ماڻهن ۽ ميونسپل انتظاميا پاران هن ڪچري جي ڊهيرن کي باه ڏئي ڇڏن ٿا جتي هو شهر مان گڏ ٿيل ڪچرو ڍيرن تي ڪيترائي ڏينهن سڙي ٿو، جنهن مان زهريلو دهون نڪري ٿو اهو زهريلو دهون ڪچي آبادي ۽ ٻين وسندين جي مختلف گهٽين ۽ گهرن ۾ هوا رستي داخل ٿي ويندو آهي جنهن سبب هن زهريلي دهونهي جي ماهولياتي گدلائڻ سان ماڻهن ۾ بيماريون پيدا ٿي وڃن ٿيون جنهن سبب ماڻهن تي اهو سب اثرانداز ٿي ٿو ، هنن ڪچي آبادين ۾ سروي دوران معلوم ٿيو ته شهر ۽ گهرن کان آيل ڪچهرو گهٽين ۾ اڇلائڻ سبب اتان جا گٽر بند ٿي وڃن ٿا ۽ اتان جو ڊرينج نظام به ناڪاره ٿي وڃي ٿو ۽ ڪچين آبادين ۽ ٻين وسندين ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڪچن ۽ ٻين آبادين لڳ وڏا ، وڏا ، گندي پاڻي جا تلاءُ ڀرجي وڃن ٿا جنهن سبب اتي مڇر ۽ جراسيم پيدا ٿي وڃن ٿا جنهن سبب هنن آبادين ۾ رهندڙ ماڻهو مختلف بيمارين مبتلا ٿي وڃن .
ماحولياتي آلودگي سبب ڪچين ۽ ٻين آبادين جي علائقن ۾ ماڻهن کي مختلف بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن هن سلسي ۾ سروي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي رند ڳوٺ ، عبدالله شاه غازي ڳوٺ ، سچل ڳوٺ ، ماروڙا ڳوٺ ، شر ڳوٺ ، حسين هزاره ڳوٺ ، پهلوان ڳوٺ ، سعدا آباد سوسائيٽي ، يوسف ڳوٺ ، مڌو ڳوٺ ، شانتي ننگر ، هاڪس بي ڪالوني ۽ ٻين علائقن جي رهندڙ متاثرين ماڻهن ، انساني حقوق جي اڳواڻ عبدالحئي ، حسن عطر ، احمد عباسي ، حاجي آصف سومرو ، زين العابدين ، محمد انس ، اڪبر علي ڀٽو ، رضوان علي ، ذيشان علي ، محمد الياس ، ارسلان خان مرزا اسد ۽ ٻين چيو ته ڪراچي جي مونسپل انتظاميا شهر جي مختلف علائقن ۾گند ڪچهرو اسان جي ڪچي آبادين جي علائقن ۾ جيڪي خالي پلاٽ پيل هوندا آهن ۽ گهٽين ۾ اڇلائي ويندا آهن جنهن سبب اسان جي علائقن ۾ مختلف بيماريون ڦهلجي وينديون آهن هنن ڳوٺاڻن روزاني جيجل سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته هڪ طرف هي ڪراچي ميونسپل انتظاميا وارا پوري ڪراچي شهر جو گند ڪچهرو اسان جي علائقن ۾ اڇلائن ٿا جنهن سان اسان ۾ خطرناڪ موت آڻيندڙ بيماريون ڦهلجي ويون آهن ته جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جنهن لاءِ ڪراچي ميونسپل انتظاميا پاران اسان جي علائقي ۾ نه وري ڪو ڊسپينسريون آهن ۽ نه وري اسان جو ڪراچي شهر جي ڪنهن وڏي اسپتال ۾ علاج ڪرايو ويندو آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان ڇا هي اسپتالون وڏن ماڻهن جي لاءِ آهن سرڪار اسان جو به علاج ڪرائي ته جئين اسان هن موت مار بيمارين کان بچي سگهون ، هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ، وڏي وزير ، سنڌ سرڪار ، مڪامي کاتن واري وزير ، سيڪريٽري ۽ ٻين کان اپيل ڪندي گهر ڪئي ته ۽ هي ڪراچي شهر جو گند ڪچهرو اسان جي علائقن ۾ نه اڇلائن هي شهر جو گند ڪچهرو شهر کان ٻاهر پهاڙي علائقي ۾ اڇلايو وڃي ته جئين هن ڪچهري سان اسان جي علائقن ۾ ماحولياتي آلودگي پيدا نه ٿئي هنن اپيل ڪندي چيو ته هن ڪچهري اڇلائڻ سان جيڪي خطرناڪ موت آڻيندڙ موضي مرضون ڦهلجن ٿيون جنهن ۾ اسان جا ماڻهو بيمار آهن انهن جو وڏين اسپتالن ۾ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ۽ جيڪي ماڻهو هنن بيمارين سبب فوت ٿي ويا آهن انهن جو پڻ مفت ۾ علاج ڪيو وڃي هي گدلائڻ اسان جي علائقن مان ٻاهر منتقل ڪري اسان جو ماحول صاف سٿرو ڪيو وڃي ، هنن چيو ته جيڪي به هنن مرضن ماڻهو مبتلا ٿي وڃن ٿا انهن جو علاج به ٿو ٿي سگهي ۽ هو بيمارين سبب پنهنجو رزگار به نه ٿا ڪري سگهن .
ماحولياتي آلودگي سبب ڪچي ٻين آبادين جي علائقن ۾ جتي ماڻهن کي مختلف بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن اتي اهڙين خطرناڪ موت آڻيندڙ مرض ۾ معصوم ٻار ۽ پوڙا به مبتلا ٿي ويا آهن ، روزاني جيجل جي ٽيم کي سروي دوران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ متاثر ماڻهن ٻڌايو ته شهر جو ڪچرو اسان جي علائقن ۾ اچلائڻ سبب ماحولياتي کدلاڻ سبب ٻارن ۾ ۽ پوڙهن ۾ مختلف بمياريو پيدا ٿي رهيون آهن جنهن ۾ پيٽ ، نمونيا ، چمڙي ، اکين ، دست الٽيون ، ٽي بي ۽ ٻيون بيماريون پيدا ٿئين ٿيون جن جو اسان علاج به نه ڪرائي ٿا سگهون ..
ڪراچي _ ڪراچي جي ڪچين ۽ ٻين آبادين ۾ ماحولياتي گدلائڻ سبب هزارين ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلاح ٿي وڃن ٿا ماحولياتي آلودگي سبب ڪچين ۽ ٻين آبادين جي علائقن ۾ ماڻهن کي مختلف بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن، هن سلسلي ۾ روزاني جيجل کي سروي دوران ماهر ماهوليات ڊاڪٽر مخيتار احمد ڀٽو ٻڌايو ته شهر م جيڪو ڪچرو هوندو آهي ان کي جڏهن هڪ جاءِ تي ڪيترائي مهينا گڏ ڪري رکيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان کي ساڙيو ويندو آهي ته ان مان جيڪو دهون نڪرندو آهي ان جي ماهولياتي آلودگي ، پيڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ ۽ بيٺل پاڻي سبب سان اثر انداز ٿيندڙ علائقن جي ماڻهن ۾ مختلف خطرناڪ بيماريون پيدا ٿينديون آهن جنهن ۾ موضي موت آڻيندڙ مرضون ڪينسر ، هاپاٽائيٽس سي . بي ، اي ، ڊي ، ڦڦرن ، ٽي بي ، چمڙي ، اکين ، پيٽ ، کلي ، گڙدن ۽ ٻيون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن ڊاڪٽر مختيار وڌيڪ چيو ته علائقي واسين کي کپي ته هن ماحولياتي گدلائڻ واري علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جون بيمارين جي چڪاس ڪرائي انهن بيمارين جو علاج ڪرائن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button