ھنڱورجا

ھنڱورجا: رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل اجمتاعي لڄالٽ جا جوابدار آزاد گھمي رھيا آھن

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
3210
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل اجمتاعي لڄالٽ ۽ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي جي جوابدارن جو پوليس وار به ونگو به نه ڪري سگهي، پوليس خانا پوري ڪرڻ جي لاءِ جوابدار لالو سامٽيو جي ڀاءُ صوڀو سامٽيو کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هاءِ ڪورٽ پاران ايس ايس پي خيرپور کي حڪم ڪرڻ باوجود ايس ايس پي خيرپور اڃان تائين ڪابه اثرائتي ڪاروائي شروع ناهي ڪئي جنهن جي ڪري جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ رسول آباد شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي. ميمڻ برادري پاران سانحي جي سوڳ ۾ عيدالفطر انتهائي سادگي سان ملهائڻ ۽ عيد واري نماز ڪاريون پٽيون ٻڌي ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ميمڻ برادري جي چڱي مڙس عبدالقادر ميمڻ ٻڌايو ته رسول آباد شهر ۾ 4 عورتن سان لڄالٽ واري سانحي جي سوڳ ۾ عيد سادگي سان ملهائي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي نماز ادا ڪئي ويندي.هوڏانهن متاثرخاندان پاران سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جي لاءِ وڪيلن سان صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن. پريل ميمڻ ٻڌايو ته عيد کان پوءِ اعلي عدالت سان رجوع ڪيو ويندو. ٻئي پاسي جئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ قاضي مشتاق ، ارشاد چنو، سجاد سولنگي، محسن جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ پريل ميمڻ جي گهر پهچي متاثر عورتن کي اجرڪون اوڍايون. بعد ۾ جسم ڪارڪنن شهر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي لڄالٽ سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو اڳواڻن چيو ته سنڌ جي سرزمين تي بربريت رونما ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي وڃي جسم جا ڪارڪن سڄي سنڌ ۾ واقعي جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪندا. ٻئي پاسي هنڱورجا ۾ سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن عبدالسميع ڀنڀرو، غلام شبير تنيو، الطاف ميمڻ،انور سهتو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو مظاهرين چتاءُ ڏنو ته جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته عيد جي ڏهاڙي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ عيد نماز ۾ قومي شاهراهه تي ادا ڪئي ويندي. ٻئي پاسي سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراهه عبدالرزاق ميمڻ، عبدالغفار ميمڻ، حسين ميمڻ، سردار اياز ميمڻ ۽ ٻين اعلان ڪيو آهي ته عيد کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ ميمڻ اتحاد پاران احتجاجي مظاهرا ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قومي شاهراهن تي ڌرڻا هنيا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button