سنڌ سماچار
-
نصرت ڀٽو کي سندس ور ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو
پنهنجي مڙس، ٻن جوان پٽن ۽ هڪ نياڻي جي شهادت جا گهاءَ سهندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي شريڪ چيئرپرسن ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي والدهه ،صدر آصف علي زرداري جي سس بيگم نصرت ڀٽو جو مڙهه سومر جي شام دبئي کان خصوصي جهاز جي ذريعي سکر ايئرپورٽ پهتو، سکر ايئرپورٽ تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ بعد ۾ هيليڪاپٽر ذريعي دفنائڻ لاءِ سندس ميت کي ڳڙهي خدا بخش پهچايو ويو، جتي ان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، محترمه نصرت ڀٽو جي مڙهه سان گڏ ان جي ڌيءَ صنم ڀٽو، بلاول ڀٽو، آصفه ڀٽو، بختاور ڀٽو سکر ايئرپورٽ تي پهتا، جتي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، فردوس عاشق اعواڻ، قمرالزمان ڪائره ۽ ٻيا مرڪزي ۽ صوبائي قائدين پهرين ڏينهن موجود هئا.
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان مسلم ليگ يوٿ ونگ ضلعي سکر پاران مونس الاهي جي با عزت آزاد ٿيڻ تي مٺائي ورهائي وئي
پاڪستان مسلم ليگ يوٿ ونگ ضلعي سکر پاران ضلعي صدر مختيار مهر ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالمالڪ سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪنن پاران مونس الاهي جي با عزت آزاد ٿيڻ تي مٺائي ورهائي وئي ۽ ڪارڪنن ان مو قعي تي مونس الاهي جي حق ۾ نعرا هنيا، ضلعي صدر مختيار مهر چيو ته مونس الاهي تي جيڪي الزام هنيا ويا هئا اهي سڀ ڪوڙا ثابت ٿيا ۽ ڪورٽ مونس الاهيءَ کي باعزت طور تي بري ڪري ڇڏيو، ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ق ليگ جي قائد هميشه محب وطن ڪيا آهن ۽ سچا پاڪستاني آهن
وڌيڪ پڙھو -
جماعت اسلامي پنجاب طرفان 5 ڪروڙ رقم، ست هزار مريضن،5 هزار جانورن جو علاج ۽ ستر هزار مڻ خوراڪ ورهايو ويو آهي.ڊاڪٽر سيد وسيم اختر
جماعت اسلامي پنجاب جي امير اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سيد وسيم اختر چيو آهي ته حڪمران ٽولو پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ بجاءِ عوام جي اهنجن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري.آمريڪي غلامي مان نڪري قومي مفاد ۽ عوامي امنگن موجب پاليسيون جوڙيون وڃن.آءِ ايم ايف کان نجات جو واحد رستو اسلامي طرز معيشت آهي.ملڪ کي بيروني امداد تي هلائڻ بدران پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ خود انحصاري واري پاليسي کي اپنايو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي سانگهڙ ۾ برسات متاثرن ۾ امداد ورهائڻ بعد غوري هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
عبدالرشيد ترابي اڄ برسات متاثر علائقن جو دورو ڪندو
جماعت اسلامي آزاد ڄمون ڪشمير جو امير عبدالرشيد ترابي 26،25 آڪٽوبر تي سنڌ جي برسات متاثر علائقن جو دورو ڪندو.صوبائي پڌرائي موجب عبدالرشيد ترابي سانگهڙ،ميرپورخاص ۽ مٽياري ضلعن ۾ الخدمت فائونڊيشن طرفان قائم خيمه وسندين جو دورو ۽ متاثرن ۾ امداد ورهائيندو.صوبائي ڊپٽي جنرل سڪريٽري اڳوڻو ايم پي اي مولانا عبدالوحيد قريشي ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هوندا.
وڌيڪ پڙھو -
ڦٽين جو سرڪاري اگھ ڏياريو وڃي: آبادگار
ڦٽين جو صحيح اگه ڏياريو وڃي ٺري مير واه جي آبادگارن پاران پريس ڪلب ٺري مير واه تائين احتجاجي ما رچ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو واپاري ٻنهي هٿن سان ڦرين ٿا آبادگارن جون داهون آبادگارن حاجي غلام الله شر شير محمد محمد علي شر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرين اخبار وارن کي ٻڌايو واپاري ملي ڀڳت ڪري اسان آبادگارن سان وڏو ظلم ڪري رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
جيجي زرينه بلوچ جهڙا انقلابي ڪردار پوئتي پيل ۽ غلام معاشرن لاءِ تبديلي جي ضمانت ٿين ٿا: صوبائي وزير
جيجي زرينه بلوچ جهڙا انقلابي ڪردار پوئتي پيل ۽ غلام معاشرن لاءِ تبديلي جي ضمانت ٿين ٿا، ملڪ جي جمهوريت جي بحالي ، ون يونٽ جي خاتمي ، سنڌو درياهه تي بند ٻڌڻ خلاف ، ملڪي ۽ سنڌ جي قومي حقن لاءِ جيجي گيتن ، ڪهاڻين ۽ عملي طور تي لانگ مارچن ذريعي جدو جهد ڪري سنڌ ۾ مزاحمتي ڪردار طور پنهنجي تاريخ رقم ڪرائي اهڙو اظهار ثقافت کاتي جي صوبائي وزير حيدرآباد ۾ ڳڙهي خدابخش بيگم نصرت ڀٽو جي جنازي ۾ ويندي جيجي زرينه بلوچ جي ڇهين ورسي جي حوالي سان ميڊيا جي نمائندن سان ڳلهائيندي ڪيو هن چيو ته اسان پنهنجي قومي ڪردارن کي مڃتا طور ڀيٽا ڏيندي ايندڙ نسلن تائين سندن اهميت پهچائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ۽ جيجي زرينه بلوچ به عظيم قومي ڪردار آهي
وڌيڪ پڙھو -
بيگم نصرت ڀٽو آمر ضيا جي جبر ۽ ڏاڍ سبب ڀٽو صاحب جي جيل ۾ هجڻ ڪري پنهنجي خاندان ٻارن ۽ پارٽي کي متحد رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو :سسئي پليجو
صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر واري ۽ شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي امڙ نصرت ڀٽو جي وفات تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو انتهائي بهادر عورت هئي جنهن آمر ضيا جي جبر ۽ ڏاڍ سبب ڀٽو صاحب جي جيل ۾ هجڻ ڪري پنهنجي خاندان ٻارن ۽ پارٽي کي متحد رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ جمهوريت لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جون قربانيون ناقابل فراموش آهن - اهڙو اظهار هن اڄ مرحوم بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
افغانستان سرحد تي اتحادي فوجن جي موجودگي پاڪستاني حدن ۾ ڊرون حملا، آمريڪي ڌمڪيون حڪمرانن لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي: مجاھد چنا
جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا چيو آهي ته افغانستان سرحد تي اتحادي فوجن جي موجودگي پاڪستاني حدن ۾ ڊرون حملا، آمريڪي ڌمڪيون حڪمرانن لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، پارليامينٽ جي گڏيل قرارداد ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ آمريڪي جارحيت خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ باوجود هيلري ڪلنٽن سميت ٻين آمريڪي عملدارن جو شاندار استقبال ۽ جي ايڇ ڪيو ۾ مذاڪرات جي خبرن سان قوم ۾ ڳڻتي آهي، اي پي سي ذريعي قوم جي نمائندگي جو حق ادا ڪرڻ بدران ان کي خيرات وٺڻ لاءِ استعمال ڪرڻ حڪمرانن جي غلامي واري سوچ جي علامت آهي
وڌيڪ پڙھو -
قذافي جو قتل لبيا جي تيل مٿان قبضي جي آمريڪي سازش آهي..اسدالله ڀٽو
جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته ڪرنل قذافي جو قتل لبيا جي تيل مٿان قبضي جي آمريڪي سازش آهي.قذافي ڀٽو فيملي جو محسن هو.پاڪستان ۾ قائم ڀٽو فيملي جي حڪومت جو پنهنجي محسن قذافي کي آمريڪي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا نه ڪرڻ افسوس ناڪ ڳالهه آهي.حڪمران آمريڪي غلامي مان نڪري اي پي سي ۽ پارليامينٽ جي قراردادن جي روشني ۾ پنهنجون ڏيهي توڙي پرڏيهي پاليسيون جوڙين.اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ قبا آڊيٽوريم ۾ ملاقات ڪندڙ هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته لبيا هڪ اهڙو مسلمان ملڪ آهي جيڪو تيل جي دولت سان مالامال آهي
وڌيڪ پڙھو -
صوبائي وزيرپليجو گھارو ۾ مسلسل ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي جي عدم فراهمي جو سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو
ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو گھارو ۾ مسلسل ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي جي عدم فراهمي جو سختي سان نوٽيس وٺندي وزير اعلٰي هائوس، چيف سيڪريٽري ۽ ڪي اي ايس سي اختيارين سان ان معاملي تي ڳالهايو آهي. ان ڏس ۾ صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته مون کي پنهنجي تڪ جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ عزيز آهن، گھارو ڪراچي کان پوءِ قومي شاهراه تي اهم شهر آهي جيڪو اونداهي ۾ رهيو آهي پر هاڻ ايئن نه ٿيندو.
وڌيڪ پڙھو