ڪراچي

جماعت اسلامي پنجاب طرفان 5 ڪروڙ رقم، ست هزار مريضن،5 هزار جانورن جو علاج ۽ ستر هزار مڻ خوراڪ ورهايو ويو آهي.ڊاڪٽر سيد وسيم اختر

Khidmat Tentڪراچي/ٽنڊو آدم: جماعت اسلامي پنجاب جي امير اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سيد وسيم اختر چيو آهي ته حڪمران ٽولو پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ بجاءِ عوام جي اهنجن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري.آمريڪي غلامي مان نڪري قومي مفاد ۽ عوامي امنگن موجب پاليسيون جوڙيون وڃن.آءِ ايم ايف کان نجات جو واحد رستو اسلامي طرز معيشت آهي.ملڪ کي بيروني امداد تي هلائڻ بدران پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ خود انحصاري واري پاليسي کي اپنايو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي سانگهڙ ۾ برسات متاثرن ۾ امداد ورهائڻ بعد غوري هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو.هن کان اڳ ۾ هن ٽنڊو آدم بلديه جي اڳوڻي چيئرمين مرحوم عبدالستار غوري جي بيوه جي وفات تي گهر وڃي ڪري تعزيت ڪئي.پنجاب جي امير وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي پنجاب برسات متاثر سنڌ جي چئن ضلعن سانگهڙ،نواب شاهه،مٽياري ۽ خير پور ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي پئي.اسان اٺ ميڊيڪل ٽيمون،ٻه وٽنري ۽ هڪ جديد گائني اسپتال ذريعي ست هزار کان وڌيڪ مريضن،پنج هزار جانورن جو علاج،ست سو خيمه ۽ ستر هزار مڻ خوراڪ جي شين جو بندوبست ڪري چڪا آهيون.جڏهن ته جن ماڻهن جو برسات ۾ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي تن ۾ پنج ڪروڙ روڪ رقم ورهائي وئي آهي،اسان هن مشڪل گهڙي ۾ پنهنجي مصيبت جي ماريل سنڌي ڀائرن کي اڪيلو ڪو نه ڇڏينداسين.
هن چيو ته آمريڪي هدايت تي مفاهمت واري پاليسي جاري آهي ۽ وقفي وقفي سان عوام کي بي وقوف بڻائڻ لاءِ منظر نامو بدلايو وڃي پيو.نواز شريف پڻ پنهنجي واري جي انتظار ۾ ڏنل هدايت موجب پنهنجي راند کيڏي پيو.سنڌ ۾ برسات ۽ پنجاب ۾ ڊينگي مڇر عوام لاءِ وڏي مشڪلات پيدا ڪري ڇڏي آهي.هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عمران خان ٻرندڙ مسئلن جي بلڪل صحيح نشاندهي ڪري ٿو مگر جيڪي قوتون ان کي اڳتي آڻڻ ۾ فڪرمند آهن ان جي حد به اهي ئي مقرر ڪنديون.هن چيو ته جماعت اسلامي پنجاب قومي اسيمبلي جي 149 سيٽن مان 87 ۽ صوبائي تڪن 298 جي 204 تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.باقي رهيل سيٽن تي پڻ هوم ورڪ جاري آهي.هن زور ڀريو ته پنجاب وانگر سنڌ ۾ پڻ رٿابندي ذريعي ڳوٺن ۾ پڪا گهر اڏيا وڃن ۽ مزدورن لاءِ ٺهندڙ ڪالونين وانگر هارين لاءِ پڻ ڪالونيون ٺاهيون وڃن ته جيئن اهي به عام ماڻهو وانگر سٺي زندگي گذاري سگهن.هوڏانهن پنجاب جي امير شهدادپور،سڪرنڊ ۾ پڻ برسات متاثرن لاءِ قائم الخدمت ريليف ڪئمپن جو دورو ۽ متاثرن ۾ امداد تقسيم ڪئي .مولانا عبدالوحيد قريشي ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button