جيڪب آباد

افغانستان سرحد تي اتحادي فوجن جي موجودگي پاڪستاني حدن ۾ ڊرون حملا، آمريڪي ڌمڪيون حڪمرانن لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي: مجاھد چنا

Pak Afgan Border2جيڪب آباد : جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا چيو آهي ته افغانستان سرحد تي اتحادي فوجن جي موجودگي پاڪستاني حدن ۾ ڊرون حملا، آمريڪي ڌمڪيون حڪمرانن لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، پارليامينٽ جي گڏيل قرارداد ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ آمريڪي جارحيت خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ باوجود هيلري ڪلنٽن سميت ٻين آمريڪي عملدارن جو شاندار استقبال ۽ جي ايڇ ڪيو ۾ مذاڪرات جي خبرن سان قوم ۾ ڳڻتي آهي، اي پي سي ذريعي قوم جي نمائندگي جو حق ادا ڪرڻ بدران ان کي خيرات وٺڻ لاءِ استعمال ڪرڻ حڪمرانن جي غلامي واري سوچ جي علامت آهي، بزدل حڪمرانن جا رويا تبديل نه ٿيا ته انهن جو حشر به مصر ۽ لبيا جي حڪمرانن جهڙو ٿيندو اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن وڌيڪ چيوته ڀارت کي پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ نظريه پاڪستان کي دفن ڪرڻ ۽ لکين شهيدن جي خون سان غداري آهي، هن وڌيڪ چيوته پاڪستان کي حقاني نيٽ ورڪ کان نه پر قادياني ۽ ريمنڊ ڊيوس نيٽ ورڪ مان خطرو آهي جنهن جي سرپرستي آمريڪا ڪري رهيو آهي، هن چيوته سول ۽ عسڪري قيادت جرئت جو مظاهرو ڪندي پارليامينٽ جي قرارداد ۽ اي پي سي جي پڌرنامي جي مطابق پرڏيهي پاليسي جوڙي، قوم انهن سان گڏ آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button