خبرون
-
چوڌري نثار جو ڊگريون صحيح قرار ڏنيون ويون
ڪيمبرج يونيورسٽي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چوڌري نثار علي خان جي او ليول ۽ اي ليول جي ڊگرين کي درست قرار ڏيئي ڇڏيو. اربع ڏينھن ذريعن مطابق چوڌري نثار پنھنجي او ليول ۽ اي ليول جون ڊگريون برٽش ڪونسل جي ذريعي ڪيمبرج يونيورسٽي موڪليون ھيون
وڌيڪ پڙھو -
اتر ڪوريا آمريڪا تي ايٽمي حملي جي منظوري ڏيئي ڇڏي
اتر ڪوريا جو چوڻ آھي ته پنھنجي فوج کي آمريڪا تي ايٽمي حملي ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آھي. بيان ۾ چيوويو آھي ته ڪوريا ۾ ھڪ کان ٻن ڏينھن ۾ جنگ شروع ٿي سگھي ٿي.
وڌيڪ پڙھو -
ھھڙا ٿين ھاڃا ھن ڀنڀور ۾، پوليس جي ظلم جي انتھا، ھڪ ڳوٺاڻو مارجي ويو
دادو کان مورو ايندي دادو مورو پل تي سي آئي پوليس نوشهروفيروز دادو کان مورو ايندڙ مسافر وين کي روڪي مسافرن جي چيڪنگ دوران ڳوٺ لالو ماڇي جي ٻن نوجوانن شريف ماڇي ۽ قربان عرف ڏاڏو ماڇي کي وين مان لاهي ويهاري ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
غنويٰ ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي رواني
پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي چيئرپرسن محترمه غنويٰ ڀٽو قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ اربع جي ڏينهن سکر ايئرپورٽ تي پهتي
وڌيڪ پڙھو -
ملڪ جو عوام پ پ پارٽي کان بيزار ٿي چڪو آهي، امداد چولياڻي
پي ايس 41 جي اميدوار ۽ نواز ليگ اڳواڻ امداد چولياڻي باڊهه ۾ صحافي ڀائرن عبدالخالق مغيري ۽ منصور مغيري سان سندن والد جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ وارن گذريل 5 سالن دوران عوام کي مهانگائي، بيروزگاري، بدامني جهڙا تحفا ڏنا
وڌيڪ پڙھو -
نصرالله ڪنگراڻي جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿيا
ايس يو پي پاران نصرالله ڪنگراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي ويئي ان موقعي تي غلام قادر لغاري، شفيع محمد گاڏھي انڊس نيوز سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته جوھي پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتات نه ٿي ڪري
وڌيڪ پڙھو -
ڪشمور: ڊومڪي پ پ پ کان ناراض، آزاد حيثيت سان وڙھڻ جو اعلان
اڳوڻي ايم پي اي غالب حسين ڊومڪي پ پ پ قيادت جي ٽڪيٽن واري فيصلي کي نه مڃيندي اين اي 210 تي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بخشاپور ۾ ڊومڪي برادري جو ڪٺ ٿيو جنھن ۾ گڏيل صلاح مشوري بعد غالب ڊومڪي اعلان ڪيو ته ھو پ پ پ ڇڏي آزاد حيثيت ۾ اين اي 210 تي چونڊ وڙھندو
وڌيڪ پڙھو -
ڪمشور:فوڊ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ٿي سگھي
ڪمشور ۾ فوڊ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ٿي سگھي، آبادگارن ڪڻڪ واپارين کي سستي اگھ تي ڏيڻ تي مجبور آھن، فوڊ کاتي پاران بند پيل سينٽرن اڃان تائين بحال نه ٿي سگھيا، آباد گارن غلام حيدر مزاري، حاجي نياز کوسو، رحمت الله چاچڙ ۽ ٻين چيو ته بند پيل سينٽر جلد کوليا وڃن نه ته احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
صالح: ھٿياربند مورتين مان سونا زيوري لاھي فرار، شھر ۾ ھڙتال
صالح پٽ جي تاريخ ۾ ڦر جي وڏي واردات چئن هٿياربندن گذريل رات ٻه بجي هندو محله جو مين گيٽ جا تالا ٽوڙي ٻن مندرن ڀيرم بادشاهه ۽ شو مندر جا تالا ٽوڙي مندر اندر رکيل مورتن مان سونا زيور لاهي بيحرمتي ڪرڻ بعد مورتن اڳيان رکيل چندي وارن پيٽن مان تالا ٽوڙي رقم ڪڍي فرار
وڌيڪ پڙھو -
مسلم ليگ ن جو اميدوار ق ليگ ۾ شامل
صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي پي 110 تان ن ليگ پاران ٽڪيٽ وٺندڙ اميدوار سيد وقار حسين گيلاني اڱاري ڏينھن مسلم ليگ ق ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مسلم ق پارا ان سيٽ لاءِ پھريان ئي مونس الاھي کي بيھاريو ويو آھي. گيلاني ان ڳالھ جو اعلان ق ليگ جي سربراھن چ
وڌيڪ پڙھو