خبرون
-
اليڪشن 2013: باڊھ ۾ اميدوارن طرفان پريس ڪانفرنسن ۽ عذرخواھين جو سلسلو جاري
پي ايس 41 جي آزاد اميدوارن عادل الطاف انڙ، سڪندر علي بروهي، اين اي 205 جي آزاد اميدوار نور احمد بروهي پنهنجي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ تڪ جي مختلف شهرن باڊهه، ڏوڪري، نصيرآباد، وڳڻ، لالو رائنڪ ۽ ٻين ڳوٺن جا طوفاني دورا ڪري ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايون
وڌيڪ پڙھو -
حيدرآباد: پولنگ عملي اليڪشن هاڻي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ڏنو ويندو، فرسٽ ايڊيشنل سيشن
فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جيڪو اين اي 221 پي ايس 47 ۽ 50 حيدرآباد لاءِ رٽرننگ آفيسر پڻ آهي پڌرو ڪيو آهي ته ڪجهه سببن جي ڪري ڄاڻايل تڪن جي پولنگ عملي کي جيڪو اليڪشن مٽيريل 10 مئي 2013 تي سيشن ڪورٽ بلڊنگ ۾ ملڻو هو، کي هاڻي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ڏنو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
عمرڪوٽ : صاف و شفاف ۽ پرامن طريقي سان ڪرائڻ جي لاءِ ڪوتاهي برداهشت نه ڪئي ويندي ، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ
عام چونڊن جي مرحلي کي صاف و شفاف ۽ پرامن طريقي سان ڪرائڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداهشت نه ڪئي ويندي ايڪشن ڪميشن جي هدايت جي مطابق جاري ڪيل ضابطا اخلاق ته سخت عمل ڪرايو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
جمھوري نظام جي بقا ۽ استحڪام لاءِ ھڪ ھڪ ووٽ انتھائي قيمتي آھي ـ عمران احمد
ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ڄامشورو عمران احمد ان ڳالھ تي زور آندو آھي ته عام چونڊن واري ڏينھن ھر مڪتبه ِفڪر جي ماڻھن کي گھرجي ته ھو پنھنجو ووٽ َضرور ڪاسٽ ڪن
وڌيڪ پڙھو -
عادل انڙ جي حق ۾ هٿ کڻي ويل آزاد اميدوار سڪندر علي بروهي وري ميدان ۾
3 ڏينهن اڳ پي ايس 41 تان عادل انڙ جي حق ۾ هٿ کڻي ويل آزاد اميدوار سڪندر علي بروهي ٻيهر چونڊ ميدان تي لهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: ڪمشنر سکر ۽ ڊي آءِ جي سکر امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو
ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي ۽ ڊي آءِ جي سکر سلطان احمد خواجه ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري شعبن جي ضلعي سربراهن سان 2013 جي عام چونڊن جي انتظامي توڙي امن امان جي صورتحال جي جائزي وٺڻ جي لاءِ هڪ گڏجاڻي ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جديد سسٽم رائج ڪيو ويو آهي، ڪمشنر سکر
ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ته صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ لاءِ سکر ڊويزن ۾ انتظامن ۽ امن امان جي صورتحال کي وڌ ۾ وڌ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن اليڪيشن ڪميشن پاران جاري ٿيل ضابطه اخلاف جي خلاف ورزي ڪندڙ ن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي
وڌيڪ پڙھو -
پ پ بينظير جا قاتل نه پڪڙي سگھي، ھاڻي ڪهڙي منهن سان پ پ اميدوار ووٽ گھرن ٿا، ڪاظم علي شاھ
پي پي پنج سالن جي دور حڪومت ۾ پنهنجي قائد بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي وري ٻيهر ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ لاءِ پي پي جا اميدوار اچن ٿا.
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: پي پي ٻيهر ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي، پ پ اميدوار
اين اي 217 جي پي پي اميدوار سيد جاويد شاهه جيلاني ۽ پي ايس 34 جي اميدوار نعيم کرل چيو آهي ته پي پي ٻيهر ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي ۽ ٽانگا پارٽين کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. رسول آباد، هنڱورجا ، پير حيات شاهه ، گڏيجي يوسي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي هنن چيو ته پي پي ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي آهي .
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: شھرين جو سيپڪو خلاف مظاھرو
رهواسين محمد عثمان ٻگهيو، ڪفايت منگي، قربان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي وچان گذرندڙ رائيس ڪئنال جي پل تي رڪاوٽون کڙيون ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين پاران سيپڪو اختيارين خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي باڊهه_لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ هئڻ سبب 2 ڪلاڪن تائين سموري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي
وڌيڪ پڙھو