اليڪشن 2013باڊھ

عادل انڙ جي حق ۾ هٿ کڻي ويل آزاد اميدوار سڪندر علي بروهي وري ميدان ۾

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

عادل انڙ جي حق ۾ هٿ کڻي ويل آزاد اميدوار سڪندر علي بروهي وري ميدان ۾
عادل انڙ جي حق ۾ هٿ کڻي ويل آزاد اميدوار سڪندر علي بروهي وري ميدان ۾
3 ڏينهن اڳ پي ايس 41 تان عادل انڙ جي حق ۾ هٿ کڻي ويل آزاد اميدوار سڪندر علي بروهي ٻيهر چونڊ ميدان تي لهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ زهري هائوس باڊهه تي پنهنجي ڀاءُ اين اي 205 جي آزاد اميدوار نور احمد بروهي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آزاد اميدوار سڪندر علي بروهي چيو ته 3 ڏينهن اڳ پي ايس 41 جي آزاد اميدوار عادل الطاف انڙ جي حق ۾ مون هٿ کنيو هو پر عادل انڙ ٿيل معاهدي تي عمل نه ڪيو، هن چيو ته اسان ۾ طئي ٿيل هو ته آئون عادل انڙ جي حق ۾ هٿ کڻندس جڏهن ته عادل انڙ اين اي 205 تي آزاد اميدوار نور احمد بروهي جي مدد ڪندو ۽ چونڊ مهم گڏجي هلائي ويندي پر هنن معاهدي تي عمل نه ڪيو، هو اڪيلي سر پنهنجي چونڊ مهم هلائي رهيا هئا، اسان معاهدي دوران ڳالهين ۾ موجود دوستن کي ۽ حاجي الطاف حسين انڙ کي پڻ اهڙي شڪايت ڪئي پر هنن اسان جي شڪايت تي ڌيان نه ڏنو، جنهن ڪري آئون ٻيهر چونڊ وڙهڻ جو اعلان ٿو ڪيان.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button