اليڪشن 2013گمبٽ

ھنڱورجا: پي پي ٻيهر ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي، پ پ اميدوار

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

ھنڱورجا: پي پي ٻيهر ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي، پ پ اميدوار
ھنڱورجا: پي پي ٻيهر ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي، پ پ اميدوار
اين اي 217 جي پي پي اميدوار سيد جاويد شاهه جيلاني ۽ پي ايس 34 جي اميدوار نعيم کرل چيو آهي ته پي پي ٻيهر ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي ۽ ٽانگا پارٽين کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. رسول آباد، هنڱورجا ، پير حيات شاهه ، گڏيجي يوسي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي هنن چيو ته پي پي ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي آهي . هنن چيو ته خيرپور ۾ هر مهيني هڪ لک 65 هزار عورتون بينظير سپورٽ پروگرام تحت وظيفو وٺي رهيون آهن ڪاميابي يقيني آهي هنن چيو ته پي پي جو مقابلو ڪرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ٻئي پاسي پي پي جي اميدوار جاويد شاهه جيلاني، ڊاڪٽر مهرين ڀٽو، آفتاب ملاح جي اڳواڻي ۾ ٽول پلازا راڻيپور کان سوين موٽر سائڪل ۽ ڪارن جي ريلي ڪڍي وئي جيڪا هنڱورجا ، سڳيون، سمي ، صوڀوديرو ، مڏ مان ٿيندي ڳوٺ سامٽيا پهتي جتي ريلي جي ڳوٺاڻن شاندار آجيان ڪئي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 11 مئي پي پي جي فتح جو ڏينهن آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button