خبرون
-
ڪنڊيارو جو پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ ھنڱورجا پريس پھچي ويو، وارث قتل ٿا ڪرڻ چاھين
ڪنڊيارو جي ڳوٺ پراڻو شهمير جي پسند جو پرڻو ڪندڙ پريمي جوڙي هنڱورجا پهچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته حيدرآباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ کانپوءِ سندس وارث جان جا دشمن بڻجي ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ڪمپيوٽر سسٽم ۾ اينٽي وائرس ايجاد ڪندڙ جان ميڪافي گرفتار
ڪمپيوٽر سسٽم ۾ اينٽي وائرس ايجاد ڪندڙ جان ميڪافي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، امريڪي ميڊيا موجب امريڪي انصاف جي کاتي جو چوڻ آهي ته جان ميڪافي کي امريڪا ۾ تيڪس چوري جي الزام ۾ اسپين مان گرفتار ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
اي ايس آءِ اصغر مغيري تي تشدد نه ڪيو هو، هُن پاڻ وردي ڦاڙي ڊرامو ڪيو آهي: پ پ اڳواڻ
اي ايس آءِ اصغر مغيري تي تشدد نه ڪيو هو، هُن پاڻ وردي ڦاڙي ڊرامو ڪيو آهي، لاڙڪاڻو ۾ اي ايس آءِ تي تشدد جي الزام هيٺ آيل پ پ اڳواڻ ايس ايس پي مسعود بنگش جي جاچ تي به بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
شھدادڪوٽ راند کيڏندڙ ٻارڙين جي ڪنن مان واليون ڇنڻ وارو عمل جاري، پوليس جي لاپرواھي
شهدادڪوٽ ۾ راند کيڏندڙ ننڍڙن ٻارڙين جي ڪنن مان واليون ڪٽي ۽ ڇني وڃڻ وارن واقعا روز جو معمول بڻيل، پوليس جي ڪن تي جون نه چري
وڌيڪ پڙھو -
ڪاڇي ۽ ڀرپاسي جي يونين ڪائونسلن جي بجيٽ ڪاغذي ڪارواين جي ور چڙھي ويئي
ڪاڇي ۽ ڀرپاسي جي فريدآباد، چارو، سيدپور، خان جو ڳوٺ ۽ لتڻ جي 5 يونين ڪائونسلن جي 8 ڪروڙ 40 لکن کان وڌيڪ بجيٽ ملازمن جي پگهارن نلڪن، سلائي مشينن ڏيڻ جي گذريل 4 سالن ۾ ڪاغذي ڪارواين جي ورچڙھي ويئي
وڌيڪ پڙھو -
راڻيپور: ڪرونا وائرس کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان ئي شڪست ڏئي سگھجي ٿي، پرنسپال سچل سرسمت ڪاليج
ڪرونا وائرس جو خطرو اڃان محسوس ڪيون پيا ، هر ممڪن ڪوشش ڪري ڪرونا وائرس کي عبرت ناڪ شڪست ڏينداسين
وڌيڪ پڙھو -
عوامي تحريڪ جو پراڻو ڪارڪن ڀڳت ريشم ڀيل ديھانت ڪري ويو
ڀڳت ريشم ڀيل جي وڇوڙي تي عوامي تحريڪ ۾ ڏک جي لھر، ريشم ڀيل ڪچي گھر ۾ رھندڙ مضبوط دل وارو انقلابي ھو.
وڌيڪ پڙھو -
راڻيپور: ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن ٽن مھينن کان پگھارون نه مليو، احتجاج جاري
راڻيپور ۾ ٽائون ڪاميٽي جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن کي ٽن مهينن جي پگهار نه ملي ملازمن جو جاري احتجاج اڄ چوٿين ڏينهن ۾ داخل نعريبازي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪئمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال شروع ڪري ڏني
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي شھر ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو
ٺٽي شهر ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو شهر جي اڪثريتي پاڙن ۾ گٽرن جي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري 2 لک کان وڌيڪ شهرين توڙي نمازين کي سخت تڪيلفن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شھداد ڪوٽ ۾ مظاھرو
شهدادڪوٽ ۾ خاصخيلي راڄوڻي اتحاد پاران ٽنڊو آدم ۾ قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
وڌيڪ پڙھو