پرڏيھي خبرون

 ڪمپيوٽر سسٽم ۾ اينٽي وائرس ايجاد ڪندڙ جان ميڪافي گرفتار

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ

 ڪمپيوٽر سسٽم ۾ اينٽي وائرس ايجاد ڪندڙ جان ميڪافي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، امريڪي ميڊيا موجب امريڪي انصاف جي کاتي جو چوڻ آهي ته جان ميڪافي کي امريڪا ۾ تيڪس چوري جي الزام ۾ اسپين مان گرفتار ڪيو ويو آهي، انصاف جي کاتي موجب جان ميڪافي تي 2014 کان 2018 تائين ٽيڪس يرٽرنز جمع نه ڪرائڻ جو الزام آهي، جڏهن ته ان تي اثاثا لڪائڻ جو به الزام آهي. انصاف کاتي موجب جان ميڪافي پنهنجي آمدني ٻين جي نالن تي اڪائونٽس ۾ جمع ڪئي آهي، جان ميڪافي جي اسپين مان امريڪا منتقلي رهيل آهي، جڏهن ته الزام ثابت ٿيڻ تي ان کي 30 سالن تائين قيد ٿي سگهي ٿي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button