قومي خبرون
-
آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي 21 سيٽون حاصل ڪري ورتيون
آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي چونڊن لاءِ ڪالهه 41 تڪن مان 38 تڪن تي چونڊون ٿيون، جن مان 18 سيٽن تي پيپلزپارٽي ڪامياب ٿي وئي آهي جڏهن ته نواز ليگ 7 ۽ مسلم ڪانفرنس 4 سيٽون حاصل ڪيون. پولنگ دوران هنگامن، جهيڙن ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پ پ ۽ مسلم ڪانفرنس ۾ گڏجي حڪومت ٺاهڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب ڪالهه پولنگ 8 وڳي کان شروع ٿي، صبح جي وقت پولنگن تي ووٽنگ جو تعداد گهٽ هو پر پوءِ منجهند جو رش ٿي وئي ۽ آهستي آهستي ووٽن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو ويو. ڪيترن ئي پولنگن تي ووٽنگ جو عمل دير سان شروع ٿيو، پولنگ لاءِ 4 هزار 35 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، جن مان هڪ هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن کي حساس ۽ 7 سئو کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو. پنجاب پوليس، پنجاب ڪانسٽيبلري، گلگت اسڪائوٽس، خيبرپختونخواهه جي پوليس جي دستن کي پولنگ اسٽيشنن تي مقرر ڪيو ويو هو. پولنگن تي سياسي گروپن جي ماڻهن ۾ هنگاما ۽ جهيڙا ٿيندا رهيا
وڌيڪ پڙھو -
ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن جو ٿاڻي تي حملو، 2 آپگهاتي ڌماڪا، عمارت تباهه، ايس ايڇ او سميت 10 اهلڪار شهيد، طالبان ذميداري قبول ڪري ورتي
ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي ڪلاچي جي سٽي ٿاڻي تي دهشتگردن حملو ڪري ڏنو، ٿاڻي جي 20 کان 25 پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ بعد دستي بمن سان حملن ۽ فائرنگ ۾ ايس ايڇ او سميت 10 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ٻن آپگهاتي بمبارن پاڻ کي ڌماڪن سان اڏائي ڇڏيو، ٿاڻي ۾ اندر داخل ٿيندڙ بڪتربند گاڏي ۽ عمارت باهه لڳڻ بعد تباهه ٿي وئي، يرغمال بڻيل پوليس اهلڪارن کي ٿاڻي مان زخمي حالت ۾ ڪڍي اسپتال داخل ڪرايو ويو، ذريعن موجب ڊير اسماعيل خان جي ڪلاچي ٿاڻي ۾ ڪالهه شام جي وقت 10 کان 12 دهشتگرد اندر داخل ٿيا، ان کان اڳ هڪ برقعا پوش عورت به ٿاڻي اندر داخل ٿي، ٿاڻي جي گيٽ وٽ مقرر پوليس اهلڪار دهشتگردن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس دستي بم سان حملو ڪري شهيد ڪيو ويو. جنهن بعد پوليس اهلڪار الرٽ ٿيندي ئي دهشتگردن ٿاڻي اندر دستي بمن سان وڌيڪ حملا ڪري ڏنا ۽ فائرنگ ڪري ٿاڻي اندر موجود 20 کان 25 اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو
وڌيڪ پڙھو -
ملڪ ۾ بدعنواني جي بازار گرم آهي، حڪمرانن کي پنهنجا کيسا ڀرڻ جي ڳڻتي آهي:نواز شريف
مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ بدعنواني جي بازار گرم آهي. اسلام آباد ۾ روزانو ٻوليون لڳن ٿيون، ڪشميرين لاءِ ملندڙ رقم حڪومت پاڪستان ۾ استعمال ڪري رهي آهي. آزاد ڪشمير جي شهر پتيڪا ۾ چونڊن جي حوالي سان ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي نواز ليگ جي سربراهه چيو ته وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي اڄ آزاد ڪشمير جي ترقي ياد اچي رهي آهي. ترقي جي نالي تي جيڪي ڳالهيون ڪيون وڃن پيون، اهو آزاد ڪشمير جو حق آهي، جيڪڏهن ڪشميرين جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو ته ان خطي جي تقدير بدلائي ڇڏينداسين. نواز شريف چيو ته وفاقي حڪومت بوکلائجي وئي آهي. اهڙي حڪمراني اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي. عوام بيروزگاري، غربت ۽ لوڊشيڊنگ مان بيزار ٿي چڪو آهي پر حڪمرانن کي عوام جو ڪو فڪر ناهي.
وڌيڪ پڙھو -
اسلام آباد ۾ اين سي ايڇ ڊي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو
اين سي ايڇ ڊي کاتي کي امڪاني طور ختم ڪرڻ واري عمل خلاف ملازمن ڪالهه پارليامينٽ هائوس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن دوران سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ملازمن ۾ چڪريون ٿي پيون، 20 کان وڌيڪ ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ملازمن چيو ته اين سي ايڇ ڊي کي ختم ڪري اسان کان روزگار کسيو پيو وڃي. جيڪڏهن کاتي کي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي طرف اين سي ايڇ ڊي جي چيئرمين نفيسا شاهه جو چوڻ آهي ته صدر ۽ وزيراعظم سان ڳالهائي معاملي حل ڪرائينديس. مانيٽرنگ ڊيسڪ
وڌيڪ پڙھو -
قوم ڄاڻي پئي ته صدر زرداري بي دين قوتن ۽ ايجنسين جي مدد سان جيل ۾ رھائي وٺي ميدان ۾ آيو آھي: رانا ثناءالله
لاھور ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي رانا ثناءالله جو چوڻ ھئو ته صدر زرداري ڪالھ بينظير ڀٽو جي سالگرھ جي ڏينھن تي جيڪا زبان استعمال ڪئي اھا صدر جي نه پر ھڪ ڪرپٽ جيالي جي زبان ھئي. ھن چيو ته بينظير ڀٽو جي قتل جي صحيح جاچ ڪرائي وڃي ته عوام حيران ٿي ويندو ته بي بي جو رت ڪنھن جي ھٿن تي آھي. رانا ثناء الله جو چوڻ ھئو ته قوم ڄاڻي ٿي ته صدر زرداري ايجنسين جي مدد سان جيل مان رھائي حاصل ڪئي. ھو بي دين قوتن ۽ اينجسين جي مدد سان ميدان ۾ آيو آھي. ھن چيوته آئنده اليڪشن ۾ ايجنسين جي مھرن ۽ عوامي سوچ رکندڙ قيادت جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو. رانا ثناءالله چيوته آصف علي زرداري پيپلز پارٽي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي بينظير ان کي آمريڪا۾ ھڪ فليٽ ۾ تائين محدود ڪري ڇڏيو، صدر جو پيپلز پارٽي سان ڪو تعلق ناھي.
وڌيڪ پڙھو -
آپگهاتي جيڪٽ پهريل 8 ورهين جي ٻارڙي تحويل هيٺ
اسلام دره چيڪ پوسٽ تي 8 ورهين جي ٻارڙي کي سيڪيورٽي اهلڪارن تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ڊي پي او لورئر دير موجب ٻارڙي کي خودڪش جيڪٽ پاتل هئي جيڪا حفاظت سان لاٿي وئي آهي. دهشتگردن خودڪش حملا ڪرڻ لاءِ ننڍڙن ٻارڙن کي اغوا شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻارڙي پشاور جي رهواسي آهي جنهن کي اغوا ڪيو ويو هو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ جاچ جاري آهي. پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻارڙي کي خودڪش جيڪٽ پاتل هئي. جيڪا حفاظت سان لاٿي وئي آهي. حراست ۾ ورتل ٻارڙي سهانا ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٻن عورتن ۽ هڪ مرد بيهوش ڪري اغوا ڪيو هو، مون سان گڏ 2 مرد ۽ 2 عورتون پڻ شامل آهن جن مون کي چيڪ پوسٽ تي حملي ڪرڻ جو چيو هو. معصوم ٻارڙي سهانا چيو ته هو ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندي آهي
وڌيڪ پڙھو -
ٿرڪول منصوبو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سبب ثابت ٿيندو، محنت جي ضرورت آهي: ثمر مبارڪ
پاڪستان جي نامياري ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿر ڪول منصوبي تي ماهر سائنسدان ڪم ڪري رهيا آهن، آگسٽ ۾ ان منصوبي مان گئس ٺاهڻ شروع ڪئي ويندي، ان منصوبي جي سڀ کان پهرين ترجيح سستي بجلي پيدا ڪرڻ آهي. گذريل ڏينهن پي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان ٿر ڪول منصوبي جي حوالي سان پڇيل سوالن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪوئلي جو دنيا جو ٽيون وڏو ذخيرو آهي جنهن مان اسان پنهنجي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سٺي نموني فائدو وٺي سگهون ٿا.ٿر ڪول منصوبي ۾ مائننگ طريقي ڪار استعمال نه ٿيندو
وڌيڪ پڙھو -
پنجگور ۾ بم ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 21 زخمي
بلوچستان جي شهر پنجگور ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ نينگر سميت 2 ڄڻا مارجي ويا،جڏهن ته 21 ڄڻا زخمي ٿي ڏسو صفحو3 نمبر5 پيا. شهر جي مرڪزي بازار ۾ بسم الله چوڪ وٽ ان وقت ڌماڪو ٿيو جڏهن سڪيورٽي فورسز جي گاڏي اتان گذري رهي هئي. ڌماڪي ۾ نينگر سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 ايف سي اهلڪارن سميت 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا.واقعي بعد ايف سي اهلڪارن ۽ پوليس علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ورتو، جڏهن ته مارجي ويلن جا لاش زخمين کي اسپتال پهچايو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
صدر آصف علي زرداري سان ايران، سنگاپور ۽ تاجڪستان جي لاءِ نامزد سفيرن جي ملاقات، ذميوارين بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي
صدر آصف علي زرداري سان ايران، سنگاپور ۽ تاجڪستان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايران جي لاءِ نامزد سفير خالد عزيز بابر، سنگاپور جي لاءِ نامزد هاءِ ڪمشنر حسن جاويد ۽ تاجڪستان جي لاءِ نامزد سفير امجد سيال صدر سان ملاقات دوران پنهنجي نين ذميوارين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري نون سفيرن کي مبارڪباد کي ڏيندي هدايت ڪئي ته پنهنجي مقرري وارن ملڪن سان پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ استحڪام ۽ تعاون جي فروغ تي ڌيان ڏين
وڌيڪ پڙھو -
”ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺهڻ گهرجي“ پنجاب اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي پٽ عبدالقادر گيلاني حمايت ڪري ڇڏي
پنجاب اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث دوران ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي اعلانن جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن واري اسيمبلي اجلاس ۾ نواز ليگ جي ايم پي اي، چوڌري عبدالوحيد پنهنجي تقريب دوران ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت کي وڏو دهشتگرد قرار ڏنو هو ۽ تنقيد ڪندي چيو هو ته ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ٿيندڙ دهشتگردي کان وڌيڪ ٻي ڪا دهشتگردي ناهي، ان دهشتگردي کي ختم ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو وڃي. جڏهن ته ڪالهه نواز ليگ جي ايم پي اي چوڌري سرفراز احمد ۽ ممتاز احمد پنهنجي تقرير ۾ اعلان ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي لاءِ پهريان به نواز ليگ رقم رکي هئي ۽ نواز شريف جي حڪومت ختم نه ڪئي ته ڪالاباغ ڊيم هينئر ٺهيل هجي ها
وڌيڪ پڙھو