مختصر خبرون
-
هنڱورجا: جسمم اڳواڻ بازيابي لاءِ وارثن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج مظاهرو
جسمم اڳواڻ نثار سيال جي بازيابي لاءِ وارثن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج مظاهرو تفصيل موجب جيئي سنڌ متحدا محاذ ضلعي خيرپور جي اڳواڻي جنرل سيڪريٽري سرائي نثار سيال جي بازيابي لاءِ سندس وارثن حاڪم زادي سيال ۽ اعجاز سيال جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا :حڪومت جي ختم ٿيڻ تي يوم نجات ريلي
فنڪشنل مسلم ليگ پاران هنڱورجا ۾ لڪياري هائوس کان پريس ڪلب تائين يوم نجات ريلي ڪڍي وئي تفصيل موجب فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاهه لڪياري ، سيد عباس علي شاهه ، عزيز احمد سهتو، عبدالعزيز ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڪياري هائوس کان فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن حڪومت جي ختم ٿيڻ تي يوم نجات ريلي ڪڍي وئي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: شاهه رڪن الدين عالم جو ساليانو عرس مبارڪ 18 مارچ کان ملتان ۾ شروع ٿيندو
حضرت شاهه رڪن الدين عالم جو ٽن ڏينهن وارو ساليانو عرس مبارڪ 18 مارچ کان ملتان شريف ۾ شروع ٿي رهيو آهي عرس مبارڪ جي تقريات جو افتتاح درگاه جو گادي نشين ، اڳوڻو وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف پاڪستان جو وائس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڪندو .
وڌيڪ پڙھو -
شھدادڪوٽ: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هوٽل تي ويٺل هڪ ڄڻو مارجي ويو
شهدادڪوٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هوٽل تي ويٺل هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو پوليس چڙهائي ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي شهر جي دوست علي روڊ تي ڪار ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ۾ پوليو جي حوالي سان ميڊيا ۾ آيل خبرن تي نوٽيس
تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ تڳيل موهل يونين ڪائونسل ڪوٽ مير محمد ۾ چئن ٻارن کي پوليو جي وائرس جي حوالي سان ميڊيا ۾ آيل خبرن جو اِي ڊي او هيلٿ ڪئپٽن ڊاڪٽر احسان الله سيال سخت نوٽيس وٺـندي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او ) جي ڊاڪٽر عمران ، پوليو جي حوالي سان ضلعي سرويلينس ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر امان الله عباسي ۽ ڊاڪٽر مير اقبال حسين ٽالپر تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي بعد ۾ ڪاميٽي جي ميمبرن لاڳاپيل يونين ڪائونسل جي فوڪل پرسن سان گڏجي مذڪوره ڳوٺ ۾ متاثر ڄاڻايل ٻارن جو طبي معائنو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
معاشري ۾ شعور پيدا ڪرڻ ضرورت آهي، بسوا جو دورا
ڊسٽرڪٽ آفيسر سوشل ويلفيئر خيرپور رياض فاطمه ۽ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر مسعود احمد شيخ ڀٽائي سوشل واچ اينڊ ايڊوڪيسي (بسوا) آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊي او سوشل ويلفيئر رياض فاطمه چيو ته معاشري ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومتي ادارن ۽ فلاحي ادارن کي موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور :درگاهه غريب شاهه جي سالياني ميلي تي سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙو
صوبائي راندين واري کاتي پاران شاهه حسين خيرپور باءِ پاس ويجهو درگاهه غريب شاهه جي سالياني ميلي تي سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙو منعقد ڪرايو ويو جنهن ۾ پهرين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي ملهه پهلوانن حصو ورتو. ملاکڙي جي فائنل مقابلن ۾ پهرين جوڙ ۾ علي نواز ميتلو، ٻئي جوڙ ۾ خميسو خان لُنڊ ۽ ٽئين جوڙ ۾ اختر علي ميتلو ڪامياب ٿيا.
وڌيڪ پڙھو -
عورتن ملڪ توڙي دنيا ۾ مخلتف شعبن ۾ پاڻ مڃرايوآهي، نصرت اختر ابڙو
گورنمينٽ وومين ڪاليج خيرپور ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪ تقريب ٿي گُذري جنهن ۾ ڪاليج جي شاگردياڻين عورتن جي مناسبت سان تقريرون ۽ مختلف ٽيبلو پيش ڪيا جنهن کي ڀرپور داد ڏنو ويو. ان موقعي تي تقريب ۾ وومين ڪاليج خيرپور جي پرنسپال نصرت اختر ابڙو خطاب ڪندي چيو ته عورتن ملڪ توڙي دنيا ۾ مخلتف شعبن ۾ پاڻ مڃرايوآهي
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: نادرا پاران11 مارچ کان 22 مارچ 2013 تائين مختلف علائقن ۾ موبائيل وينون هلايون وينديون
نادرا ريجنل هيڊ ڪوارٽر سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر موبائيل رجسٽريشن وينز نادرا موبائيل رجسٽريشن جو شيڊول پڌرو ڪندي ڄاڻايو آهي ته خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن اندر مختلف يونين ڪائونسلن ۾ عام ماڻهن کي مقامي علائقن ۾قومي شناختي ڪارڊ جي فراهمي جي سهولت لاءِ 11 مارچ کان 22 مارچ 2013 تائين مختلف علائقن ۾ موبائيل وينون هلايون وينديون
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور يوٿ آرگنائيزيشن پاران 17 مارچ 2013 تي انٽر ڪووئيز مقابلو ڪرايو ويندو
خيرپور يوٿ آرگنائيزيشن (ڪي واءِ او) پاران 17 مارچ 2013 تي گورنمينٽ سُپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ صبح جو 10 وڳي انٽر ڪووئيز مقابلو ڪرايو پيو وڃي جنهن ۾ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا شاگردياڻيون توڙي شاگرد حصو وٺندا.
وڌيڪ پڙھو