مختصر خبرون

خيرپور :درگاهه غريب شاهه جي سالياني ميلي تي سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙو

خيرپور : صوبائي راندين واري کاتي پاران شاهه حسين خيرپور باءِ پاس ويجهو درگاهه غريب شاهه جي سالياني ميلي تي سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙو منعقد ڪرايو ويو جنهن ۾ پهرين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي ملهه پهلوانن حصو ورتو. ملاکڙي جي فائنل مقابلن ۾ پهرين جوڙ ۾ علي نواز ميتلو، ٻئي جوڙ ۾ خميسو خان لُنڊ ۽ ٽئين جوڙ ۾ اختر علي ميتلو ڪامياب ٿيا. ملاکڙو راند ۾ ڊسٽرڪٽ آفيسر اسپورٽس خيرپور مير محمد ڪلهوڙو، ضلعي اطلاعات آفيسر خيرپور ۽ ڪمشنر سکر ڊويزن جو ترجمان صاحب خان ڀنڊ، درگاهه جي متولي رئيس بگن خان نظاماڻي، وڏيرو صيفل خان جوڻيجو، فقير سوڍل جوڻيجو، استاد عبدالقادر ميتلو ۽ بخش علي ڪنڀر خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته ملاکڙي جي فائنل ۾ ڪامياب ٿيندڙ پهرين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي پهلوانن کي ڊي او اسپورٽس خيرپور مير محمد ڪلهوڙو ۽ ڊي آءِ او خيرپور صاحب خان ڀنڊ پاران روڪ انعام ۽ ٽرافيون پڻ ڏنيون ويون جنهن ۾ پهرين جوڙ ۾ کٽي ايندڙ ملهه پهلوان کي 4000 هزار روپيه روڪ پهريون نمبر ٽرافي ، ٻئي جوڙ ۾ کٽي ايندڙ ملهه پهلوان کي 300 هزار روپيه روڪ گڏ ٽرافي ۽ ٽئين جوڙ ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙ ملهه پهلوان کي هڪ هزار روپيه روڪ ۽ ٽرافي پڻ ڏني وئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button