مختصر خبرون

خيرپور ۾ پوليو جي حوالي سان ميڊيا ۾ آيل خبرن تي نوٽيس

خيرپور: تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ تڳيل موهل يونين ڪائونسل ڪوٽ مير محمد ۾ چئن ٻارن کي پوليو جي وائرس جي حوالي سان ميڊيا ۾ آيل خبرن جو اِي ڊي او هيلٿ ڪئپٽن ڊاڪٽر احسان الله سيال سخت نوٽيس وٺـندي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او ) جي ڊاڪٽر عمران ، پوليو جي حوالي سان ضلعي سرويلينس ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر امان الله عباسي ۽ ڊاڪٽر مير اقبال حسين ٽالپر تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي بعد ۾ ڪاميٽي جي ميمبرن لاڳاپيل يونين ڪائونسل جي فوڪل پرسن سان گڏجي مذڪوره ڳوٺ ۾ متاثر ڄاڻايل ٻارن جو طبي معائنو ڪيوجنهن ۾ ڪوبه ٻار پوليو وائرس ۾ مبتلا ڪونه هو جڏهن ته ميڊيا ۾ ڄاڻايل ٻارن ۾ پيدائشي بيمارين جون علامتون هنيون جن کي ميڊيا پاران پوليو وائرس جو شڪ ڏيکاريو ويو. جڏهن ته مذڪوره ٻارن کي ضروري علاج ۽ دوائون ڏنيون ويون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button