مختصر خبرون

عورتن ملڪ توڙي دنيا ۾ مخلتف شعبن ۾ پاڻ مڃرايوآهي، نصرت اختر ابڙو

خيرپور : گورنمينٽ وومين ڪاليج خيرپور ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪ تقريب ٿي گُذري جنهن ۾ ڪاليج جي شاگردياڻين عورتن جي مناسبت سان تقريرون ۽ مختلف ٽيبلو پيش ڪيا جنهن کي ڀرپور داد ڏنو ويو. ان موقعي تي تقريب ۾ وومين ڪاليج خيرپور جي پرنسپال نصرت اختر ابڙو خطاب ڪندي چيو ته عورتن ملڪ توڙي دنيا ۾ مخلتف شعبن ۾ پاڻ مڃرايوآهي ۽ پنهنجا جائز حق ورتا آهن جڏهن ته نئين دور جي تقاضائن موجب پڻ عورتون مختلف شعبن ۾ پنهنجو بهتر مقام حاصل ڪيو آهي ۽ هاڻي عورتن مختلف فورسز پوليس توڙي فوج ۾ پڻ ڀرتي ٿي پنهنجو ۽ ملڪ توڙي دنيا جو نالو روشن ڪيو آهي. ان موقعي تي پرنسپال پاران تقريرون ۽ ٽيبلو پيش ڪندڙ شاگردياڻين ۾ انعام ۽ شيلڊون ورهايون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button