مختصر خبرون

خيرپور: نادرا پاران11 مارچ کان 22 مارچ 2013 تائين مختلف علائقن ۾ موبائيل وينون هلايون وينديون

خيرپور: نادرا ريجنل هيڊ ڪوارٽر سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر موبائيل رجسٽريشن وينز نادرا موبائيل رجسٽريشن جو شيڊول پڌرو ڪندي ڄاڻايو آهي ته خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن اندر مختلف يونين ڪائونسلن ۾ عام ماڻهن کي مقامي علائقن ۾قومي شناختي ڪارڊ جي فراهمي جي سهولت لاءِ 11 مارچ کان 22 مارچ 2013 تائين مختلف علائقن ۾ موبائيل وينون هلايون وينديون شيڊول موجب ناري تعلقي جي يونين ڪائونسل چونڊڪو لاءِ ايس ايم يو چونڊڪو، تعلقي ڪوٽڏيجي ۽ خيرپور جي مختلف يونين ڪائونسلن لاءِ موبائيل وين نمبر 14، تعلقه گمبٽ لاءِ نادرا رجسٽريشن سينٽر گمبٽ ۾ 11 مارچ کان 15 مارچ ۽ تعلقه گمبٽ ۽ سوڀوديرو جي مختلف يونين ڪائونسلن لاءِ 18 مارچ کان 22 مارچ تائين موبائيل وين نمبر 20، تعلقه ڪوٽڏيجي، ڪنگري ۽ سوڀوديرو جي مختلف يونين ڪائونسلن لاءِ موبائيل وين نمبر 22 ۽ تعلقه ناري جي يونين ڪائونسلن لاءِ موبائيل وين نمبر 21کي ڄاڻايل شيڊول مطابق روانو ڪيو ويندو. ڪمپيوٽرائزڊ شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي لڳاپيل علائقي واسين کي نادرا جي نمائندن سان رابطي ڪرڻ جي لاءِ گذارش ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button