سکر
-
جولائی- 2014 -23 جولائی
سينٽرل جيل سکر وَن تي امڪاني حملي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مشق ڪئي وئي
سينٽرل جيل سکر وَن تي امڪاني حملي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مختلف سيڪيورٽي ۽ سول ادارن پاران علامتي حملي کانپوءِ آپريشن جي مشق ڪئي وئي، جنهن دوران ڪامياب آپريشن ڪندي علامتي دهشتگردن تي ڪنٽرول ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
23 جولائیتعليم ۽ نئين ٽھي
سکر: علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ موسم خزان جي سيميسٽر ۾ داخلا پهرئين آگسٽ 2014ع کان شروع ڪئي پئي وڃي
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڊپٽي ريجنل ڊائريڪٽر عطا حسين موسوي جي جاري ڪيل پڌرائي موجب موسم خزان جي سيميسٽر ۾ داخلا پهرئين آگسٽ 2014ع کان شروع ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ سکر ريجن ۾ پراسپيڪٽس ۽ ٻي معلومات لاءِ گهوٽڪي، سکر، ڏهرڪي، اوٻاوڙو ۾ رابطيڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
22 جولائی
سکر: سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف سکر ۽ ڀرپاسي ۾ شٽرڊائون هڙتال ڪئي وئي
سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ شٽرڊائون هڙتال ڪئي وئي، جنهن لاٰءِ جيئي سنڌ محاذ جيئي سنڌ تحريڪ، جسقم، ايس يو پي، ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن طرفان تير چوڪ، گهنٽه گهر، بس اسٽينڊ، پراڻي سکر ۽ ٻين علائقن ۾ الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا
وڌيڪ پڙھو -
21 جولائیزراعت
بلوچستان کي 300 ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي، ارسا ٽيم
بلوچستان سرڪار طرفان پٽ فيڊر ۽ کيرٿر ڪئنالن مان ورڇ کان گهٽ حصي ملڻ جي شڪايت تي ارسا جي ٽيم شهدادڪوٽ ويجهو گڙنگ ريگيوليٽر وٽ پاڻي جي ماپ ڪئي ارسا ٽيم جي ڪيل ماپ مان ظاهر ٿيو ته بلوچستان کي 300 ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
21 جولائی
14 آگسٽ تي ڌرڻي نه هڻڻ بابت عمران خان جو بيان مثبت آهي، خورشيد شاهه
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته 14 آگسٽ تي ڌرڻي نه هڻڻ بابت عمران خان جو بيان مثبت آهي هاڻي حڪومت کي به لانگ مارچ ۾ رڪاوٽون نه وجهڻ گهرجن ۽ عمران خان کي خطاب جو موقعو ڏيڻ گهرجي
وڌيڪ پڙھو -
16 جولائی
سکر: فلسطين مٿان اسرائيلي جارحيت ۽ فوجي حملن خلاف وڪيلن جو مظاھرو
فلسطين مٿان اسرائيلي جارحيت ۽ فوجي حملن خلاف سکر جي وڪيلن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي شفقت رحيم، علي حيدر ادا، قربان ڪلوڙ، سڪندر جوڻيجو، ظفر عيدن منگي، امان الله ملڪ، حفيظ ميراڻي ۽ٻين چيو ته اسرائيل فلسطين تي حملا ڪري بيگناهه معصوم جانيون ضايع ڪري رهيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
16 جولائی
سکر: رپورٽر فيض الله خان کي افغان حڪومت پاران ڏنل سزا خلاف مظاھرو
پاڪستان فيڊ رل يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي سکر يونين آف جرنلسٽ طرفان اي آر واءِ جي رپورٽر فيض الله خان کي افغان حڪومت پاران ڏنل چئن سالن جي سزا خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري افغان حڪومت خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي،
وڌيڪ پڙھو -
15 جولائی
ڪنڌڪوٽ جي نابينن پاران زمين تي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو
ڪنڌڪوٽ جي نابينن پاران زمين تي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪنڌڪوٽ جي رهواسي ٽن نابين ڀائرن عبدالڪريم، حافظ عبدالرحمان، همت علي بلو صحافين کي ٻڌايو ته سندن علائقي جي با اثر جوابدارن ببلو پٺاڻ، مختيار، فيروز ۽ ٻين سندن ٻه ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
15 جولائی
سمورا ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجون ذميواريون ڀرپور طريقي سان ادا ڪن، قائم علي شاھ
وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمورن ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجون ذميواريون ڀرپور طريقي سان ادا ڪن هر ضلع ۾ نساسڪ جي ڪمن، واٽر سپلاءِ، نڪاسي آب ۽ تعليم سان گڏو گڏ صحت جي حوالي سان سمورن اُپائن تي ڀرپور توجه ڏني وڃي
وڌيڪ پڙھو -
13 جولائی
حڪومت ۽ عمران خان پنهنجا پنهنجا شوق پورا ڪن، کين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، خورشيد احمد شاه
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاه چيو آهي ته عمران خان ۽ حڪومت ڌر 14 آگسٽ کي سياست جو حصو نه بڻائين ڇاڪاڻ ته اهو قومي ڏهاڙو آهي، حڪومت طرفان ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي ته ان وقت سوچيو ويندو
وڌيڪ پڙھو