پ پ پ
-
اکتوبر- 2013 -22 اکتوبر
ڳڙهي خيرو: مير ممتاز خان جکراڻي کي سنڌ ڪابينا وزارت ملڻ جي خوشي ۾ ريلي
پي ايس 13 ڳڙهي خيرو واري تڪ تان چونڊيل ايم پي اي مير ممتاز خان جکراڻي کي سنڌ ڪابينا وزارت ملڻ جي خوشي ۾ ڳڙهي خيرو ۾ پ پ سپاف ڪارڪنن پاران ارشاد علي بروهي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مٺائي ورهائي وئي
وڌيڪ پڙھو -
15 اکتوبر
پ پ حڪومت سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري آندي آھي، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران صوبي جي عوام جي معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن ته صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري آندي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
3 اکتوبر
سياسي پارٽين کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڊاڪٽر سڪندر شورو
پشاور ۾ وڌندڙ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪريون ٿا، سڀني سياسي پارٽين کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي حمايت ڪريون ٿا
وڌيڪ پڙھو -
3 اکتوبر
سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام، وڏو وزير استعيفا ڏئي، ڪاظم علي شاهه لڪياري
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چيو آهي ته سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ توڙي سنڌ جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2013 -8 جون
پ پ جون پاڙون غريب عوام ۾ آهن، آمر پارٽي جو ڪجھ به بگاڙي نه سگھيا، نثار احمد کهڙو
پ پ اڳواڻ ۽ سابقه سنڌ اسمبلي جو اسپيڪر ۽ سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ هن پارٽي جون پاڙون غريب عوام ۾ آهن هن پارٽي کي ڪيترن ئي آمرن جابرن ڊڪٽيرن مٽائڻ جون ڪوششون ڪيو پر پارٽي جو ڪجھ به بگاڙي نه سگهيا
وڌيڪ پڙھو -
8 جون
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خيرپور آمد تي شاندار استقبال
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وڏي وزير جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ پهريون دفعو خيرپور پهتو جنهن جو سکر ايئر پورٽ تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سکر ايئرپورٽ کان شاندار ريلي جي صورت ۾ خيرپور روانو ٿيو
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2013 -17 مئیاليڪشن 2013
اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي اين اي 217 جي تڪ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ
اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي اين اي 217 جي تڪ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ، درخواست ڏيندڙ پي پي اميدوار ووٽن جي ڳڻپ دوران ڳڻپ جي عمل جو بائڪاٽ ڪري هليو ويو. سيڪيورٽي جا انتظامات انتهاهي سخت ڪيا ويا. رينجرس ۽ پوليس پاران آر او آفيس جا سڀ رستا سيل ڪيا ويا.
وڌيڪ پڙھو -
15 مئیاليڪشن 2013
ووٽرن جي آڱوٺي جو نشان چيڪ ڪري ووٽنگ جي ڳڻپ ٻيهر ڪئي وڃي، ڊاڪٽر قادر مگسي
ايس ٽي پي جي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته مو جوده اليڪشن ۾ پ پ پ سڄي ملڪ مان بري طور شڪست کاڌي آهي پر سنڌ ۾ وڏي ميندٽ سان کٽيو آهي ۽ اسان اهو سوال پچڻ جو حق رکون ٿا ته هنن سنڌ ۾ اهڙو ڪهڙو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو جو شهيد راڻي جي شهادت کان به سندن اميدوارن وڌيڪ ووٽ کنيا
وڌيڪ پڙھو -
12 مئیاليڪشن 2013
ڳڙهي خيرو: پي ايس 13 تي پ پ پ اميدوار ممتاز حسين جکراڻي ڪامياب
پي ايس 13 ڳڙهي خيرو تي پ پ پ اميدوار ممتاز حسين جکراڻي 20486 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته مسلم ليگ ن اميدوار سردار منظور خان پهنور 18209 ووٽ حاصل ڪيا
وڌيڪ پڙھو -
12 مئیاليڪشن 2013
اين اي 222: ھڪ پولنگ اسٽيشن تي مبينه طور جعلي ووٽ وجهڻ جو انڪشاف
ٽنڊو محمد خان جي اين اي 222 ۽ پي ايس 53 جي گڏيل پولنگ اسٽيشن نمبر 113 ڊسٽرڪٽ اسپتال جي پولنگ اسٽيشن تي مبينه طور جعلي ووٽ وجهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
وڌيڪ پڙھو