اليڪشن 2013ڳڙهي خيرو

ڳڙهي خيرو: پي ايس 13 تي پ پ پ اميدوار ممتاز حسين جکراڻي ڪامياب

ساگر ڀٽي،ڳڙهي خيرو
Garhi Khairo pic 28-04-2013پي ايس 13 ڳڙهي خيرو تي پ پ پ اميدوار ممتاز حسين جکراڻي 20486 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته مسلم ليگ ن اميدوار سردار منظور خان پهنور 18209 ووٽ حاصل ڪيا ، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر رميش لعل سرڪاري نتيجن جو اعلان ڪندي ممتاز حسين جکراڻي جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو . ٻئي پاسي منظور خان پهنور ۽ اين اي 208 تي نواز ليگ اميدوار الاهي بخش سومري پريس ڪانفرنس ڪندي ڌانڌلي جو الزام هڻندي نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، انهن وڌيڪ چيو ته ڄاڻي واڻي 24 ڪلاڪن تائين نتيجا روڪي ڌانڌلي ڪئي ئي انهن چيو ته آر او ۽ ڊي آر او جکراڻين سان مليل آهن ۽ انهن پئسا وٺي نتيجا تبديل ڪيا آهن جنهن خلاف اسان ڪورٽ ۾ وينداسين .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button