مورو

پ پ جون پاڙون غريب عوام ۾ آهن، آمر پارٽي جو ڪجھ به بگاڙي نه سگھيا، نثار احمد کهڙو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو

 سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو
سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو
پ پ اڳواڻ ۽ سابقه سنڌ اسمبلي جو اسپيڪر ۽ سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ هن پارٽي جون پاڙون غريب عوام ۾ آهن هن پارٽي کي ڪيترن ئي آمرن جابرن ڊڪٽيرن مٽائڻ جون ڪوششون ڪيو پر پارٽي جو ڪجھ به بگاڙي نه سگهيا، وقتي طور تي ڪجھ پارٽي ۾ ڪجھ لاها چاڙها آيا آهن پر اسان پارٽي کي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اڳئي کان به وڌيڪ فعال بڻائينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن مورو ۾ سنڌ کوکر اتحاد جي اڳواڻن قربان علي کوکر ۽ فيض کوکر پاران ڏنل مان ۾ آجياڻي ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هن وڌيڪ چيو ته گذريل حڪومت ۾ اسان مفاھمتي پاليسي تي هلندي پنج 5 سال اسمبلي جو مُدو پورو ڪيو جيڪو ملڪي تاريخ جو ريڪارڊ آهي ۽ ان دوران اسان بنا ڪنهن فرق اونچ نيچ جي فرق ڪرڻ بغير وڏي تعداد بي روزگار نوجوانن کي متلف خاتن ۾ روزگار سان لڳايو جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي گهرن جا اوجهاميل چلها ٻريا، ان کان علاوه وڏي تعداد ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي گهر گهر رقم پهچائڻ سان سنڌ سميت سڄي ملڪ مان غربت جو خاتمو گهٽائڻ ۾ مدد ملي، اسان جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ملڪي معيشيت بلڪل تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي هئي پر صدر آصف علي زرداري جي قائدانا صلاحيتن جي ڪري ملڪ ترقي طرف گامزن ٿيو، هن وقت اسان جي ڪوشش آهي ته عوام طرفان مليل موٽ جي عيوض سندن وري به خدمت ڪندا رهون ان کان علاوه اسان جمهوريت جي بالادستي کي قائم رکڻ جي لاءِ صوبائي اسمبلين سميت وفاق ۾ به پنهنجو ڪردار نڀائينداسين ۽ جمهوريت جي لاءِ جيڪا به قرباني ڏيڻي پئي ته اسان پوئتي نه هٽنداسين، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ٻين قومن ۽ ذاتين وانگر کوکر برادري به هميشھ ڏک سک ۾ پ پ جو ساٿ ڏنو آهي جيڪا اسان ڳالھ ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين، هن وڌيڪ چيو ته اقتدار اچڻي وڃڻي شيءَ آهي پر اسان هميشھ عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندا رهنداسين، ان موقعي تي حاجي محمد صديق کوکر، مظهر علي کوکر ۽ کوکر برادري جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ موجود هئا ان کان اڳ نثار احمد کهڙو جو مورو پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ سنڌ جي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ پڻ پيش ڪيا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button