ڄامشورو

سياسي پارٽين کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڊاڪٽر سڪندر شورو

امام علي ڀلائي، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
Sikander Shoro (640x375)پشاور ۾ وڌندڙ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪريون ٿا، سڀني سياسي پارٽين کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي حمايت ڪريون ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار پ پ پ ضلعي ڄامشورو جي صدر ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شوري بلوچستان ۾ زلزلي متاثرن لاءِ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، ڊاڪٽر سڪندر شوري وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ آيل زلزلي ۾ ٿيل نقصان تي سڄي ملڪ کي صدمو رسيو آهي، انهن جي بحالي ۽ امداد لاءِ هر ڪنهن کي اڳتي وڌڻ گهرجي، هن چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪا نئين ڳالهه ناهي، اها گذريل 35 سالن کان جاري آهي، جتي امن قائم ڪرڻ لاءِ جاري آپريشن جي حمايت ڪريون ٿا، اهڙي آپريشن سان دهشتگردي کي گهڙي حد تائين ٻنجو ڏئي سگهجي ٿو، ڊاڪٽر سڪندر شوري چيو ته پشاور واقعن تي انتهائي صدمو رسيو آهي، اهڙا واقعا انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏين ٿا، دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن جي خاتمي لاءِ وفاق توڙي سيڪيورٽي ادارن کي منظم طريقي سان ڪم ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته بلوچستان جي زلزلي متاثرن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن جي واهر لاءِ وڏي وزير جي هدايتن تي ڄامشورو سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ امدادي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي گڏ ڪيل سامان قافلي جي صورت ۾ متاثرن ڏانهن روانو ڪيو ويندو. ان موقعي تي ممتاز بڙدي، عبدالمجيب ابڙو، علي مراد چانڊيو، لياقت خاصخيلي، امير جان ڏاهاڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button