خيرپور
-
مارچ- 2013 -14 مارچ
عورتن ملڪ توڙي دنيا ۾ مخلتف شعبن ۾ پاڻ مڃرايوآهي، نصرت اختر ابڙو
گورنمينٽ وومين ڪاليج خيرپور ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪ تقريب ٿي گُذري جنهن ۾ ڪاليج جي شاگردياڻين عورتن جي مناسبت سان تقريرون ۽ مختلف ٽيبلو پيش ڪيا جنهن کي ڀرپور داد ڏنو ويو. ان موقعي تي تقريب ۾ وومين ڪاليج خيرپور جي پرنسپال نصرت اختر ابڙو خطاب ڪندي چيو ته عورتن ملڪ توڙي دنيا ۾ مخلتف شعبن ۾ پاڻ مڃرايوآهي
وڌيڪ پڙھو -
14 مارچ
خيرپور يوٿ آرگنائيزيشن پاران 17 مارچ 2013 تي انٽر ڪووئيز مقابلو ڪرايو ويندو
خيرپور يوٿ آرگنائيزيشن (ڪي واءِ او) پاران 17 مارچ 2013 تي گورنمينٽ سُپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ صبح جو 10 وڳي انٽر ڪووئيز مقابلو ڪرايو پيو وڃي جنهن ۾ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا شاگردياڻيون توڙي شاگرد حصو وٺندا.
وڌيڪ پڙھو -
13 مارچ
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس جي امتحاني مرڪزن جو دورو
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ميرس ڪئمپس جي پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر پاران ڪئمپس ۾ هلندڙ پهرئين، ٽئين ۽ پنجين ٽرم جي سپليمينٽري ۽ مڊ ٽرم امتحاني مرڪزن جو دورو.
وڌيڪ پڙھو -
11 مارچ
خيرپور:سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ تربيت وٺندڙ آفيسرن جي وفد ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات
سول سروسز اڪيڊمي لاهور جي 40 ڪورس جي مختلف گروپن ۾ تربيت وٺندڙ آفيسرن جي وفد ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. جڏهن ته وفد درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن سان هڪ گڏجاڻي ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
فروری- 2013 -12 فروری
خيرپور: نادرا جو ٽيمون مختلف علائقن جو دورو ڪنديون
نادرا ريجنل هيڊ ڪوارٽر سکر ڊپٽي ڊائريڪٽر موبائيل رجسٽريشن وينز نادرا موبائيل رجسٽريشن جو شيڊيول پڌرو ڪندي ڄاڻايو آهي ته خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن اندر مختلف يونين ڪائونسلن ۾ عام ماڻهن کي سندن مقامي علائقن ۾ قومي شناختي ڪارڊ جي فراهمي جي سهولت لاءِ 11 فيبروري 2013 کان 22 فيبروري 2013 تائين مختلف علائقن ۾ موبائيل وينون هلايون وينديون
وڌيڪ پڙھو -
12 فروریخيرپور
خيرپور: استاد محمد جمن جي ياد ۾ 16 فيبروري تي ملھائي ويندي
خيرپور آرٽس ڪائونسل جي سيڪريٽر لعل بخش منگي ڄاڻايو آهي ته خيرپور آرٽس ڪائونسل پاران سنڌ جي سدا حيات راڳي ۽ موسيقار استاد محمد جمن جي ياد ۾ 16 فيبروري 2013 تي سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ هڪ يادگار ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
7 فروری
پوليو جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ورتيون پيون وڃن ، طاهر حُسين سانگي
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي چيو آهي ته پوليو جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن ته صحت، روينيو، تعليم کاتي جي ملازمن کي پوليو مهم سان لڳايو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
4 فروری
مارچ ۾ ڌمال ٿيندي، اپريل ۾ اليڪشن ٿيندي، منظور حسين وساڻ
صوبائي وزير جيل خانه ۽ معدنيات منظور حسين وساڻ چيو آهي ته مارچ ۾ ڌمال ٿيندي، جڏهن ته اپريل ۾ اليڪشن ٿيندي، هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ صوبي اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا آهن جن جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي.
وڌيڪ پڙھو -
جنوری- 2013 -30 جنوری
ڪمشنر سکر شهيد بينظير ڀُٽو پارڪ، جانورن جي اسپتال ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن جو دورو ڪيو
ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ خيرپور اندر نساسڪ پاران مريم توب کان نيشنل بئنڪ تائين ڊرينيج لائين جي تبديلي واري ترقياتي ڪم، شهيد بينظير ڀُٽو پارڪ، جانورن جي اسپتال ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن جو دورو ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
30 جنوری
خيرپور شهر اندر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ گڏجاڻي
خيرپور ضلعي خاص طور تي خيرپور شهر اندر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گُذري
وڌيڪ پڙھو