نوشھرو فيروز
-
مارچ- 2020 -27 مارچمختصر خبرون
ڪورونا وائرس وبا باوجود نوشھروفيروز ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو نه ٿي سگھيو
نوشهروفيروز ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو خاتمو نه ٿي سگهيو، 10 کان 12 ڪلاڪ روزانه لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشان، سيپڪو عملدار ڀتو اوڳاڙڻ ۾ مصروف. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اعلان باوجود نوشهروفيروز ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جاري
وڌيڪ پڙھو -
مارچ- 2013 -26 مارچاليڪشن 2013
مورو: اليڪشن 2013 لاءِ اميدوارن جا فام رٽرننگ آفيسر جي آفيس ۾ پھچڻ شروع
اليڪشن ۾ بيهڻ جي لاءِ فارم وٺڻ جو سلسلو جاري اڄ ڪيترن کي اميدوارن رٽرننگ آفيسر قمرالدين اي عباسي جي آفيس ۾ پهچي فارم وصول ڪيا، اين اي 211 تي 10 اميدوارن، پي ايس 19 تي 5 اميدوارن، پي ايس 22 تي 7اميدوارن ۽ پي ايس 23 تي 8 اميدوارن نامزدگيءَ فارم وصول ڪيا
وڌيڪ پڙھو -
26 مارچ
مورو: ڳوٺ بنگل خان بُڙدي ۾ نامعلوم هٿياربند پاران ڳوٺاڻن کان ڦر لٽ
مورو ڀرسان ڳوٺ بنگل خان بُڙدي ۾ نامعلوم هٿياربند پاران ايندڙ ويندڙ ڳوٺاڻن کان ڦر لٽ ڪئي ان دوران ڳوٺ ويندڙ موٽر سائيڪل سوار نوجوان ڏاڏو عرف مهوال ڀٽي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
26 مارچ
پ پ حڪومت سنڌ کي پنجن سالن ۾ ڪرپشن، بک بدحالي، چورين ڦرن کانسواءِ ڪجھ نه ڏنو،غلام مرتضى خان جتوئي
سنڌ ۾ نگران وزير اعلى زاهد قربان علوي جي مقرري پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي مِلي ڀگت آهي اليڪشن ۾ هٿ ٺوڪيا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجو نگران سيٽ اپ آندو آهي اسان ان نگران سيٽ اپ کي نٿا مڃون
وڌيڪ پڙھو -
25 مارچ
هنڱورجا: ايس ايڇ او جي گاڏي روڪي ڦرڻ جي ڪوشش
هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي ڪورائي ٿاڻي جو ايس ايڇ او جي گاڏي روڪي ڦرڻ جي ڪوشش هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ايس ايڇ او ۽ گارڊ زخمي هٿياربند فرار، پوليس کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻائي ڀر واري ڳوٺ ۾ هڻي ٻن ڄڻ کي گرفتار ڪري ورتو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو
وڌيڪ پڙھو -
اکتوبر- 2011 -26 اکتوبر
پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ راجا جي گهر ۾ ڏک سان گڏ خوشي، تدفين وقت پٽ جو جنم
اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس اڳيان بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ ساڙيندڙ ڪنڊيارو واسي نوجوان راجا خان رند جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، لاش لحد ۾ لاهڻ وقت سندس گهرواري گلن جهڙي پٽ کي جنم ڏنو، خوشي واري ڪيفيت تي غم حاوي ٿي ويو، غريب ۽ بي پهچ نوجوان جي جنازي نماز ۾ برادري جي ماڻهن کانسواءِ ڪنهن به وزير، ايم اين اي، ايم پي اي، مقامي ڪاموري توڙي سياسي سماجي اڳواڻ شرڪت نه ڪئي، خبر موجب 3 ڏينهن اڳ غربت ۽ مفلسي کان تنگ ٿي پارليامينٽ هائوس اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات ڪندڙ ٻن ٻارن جي پيءُ راجا خان رند جو لاش ڪالهه صبح جو سوير ايمبولينس ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ کان سندس اباڻي ڳوٺ حاجي سائينداد رند پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2011 -5 جون
ڪنڊياري ڀرسان مزدوري تي ويندڙ همراهه گوليون هڻي قتل
ڪنڊيارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پڪا گهانگهرا وٽ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري گهران مزدوري لاءِ نڪتل 40 ورهين جي ڳوٺاڻي محمد محمد بچل گهانگهري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر نه ملڻ خلاف مقتول جي وارثن قومي شاهراهه تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، بعد ۾ پوليس ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ منٺار گهانگهرو جي فرياد تي ٻن ڀائرن حبيب الله ۽ روشن گهانگهرو سميت صوبوگهانگهرو ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدارن پراڻي دشمني تان سندس ڀاءُ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، آخري اطلاعن تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو هو.
وڌيڪ پڙھو