نوشهرو فيروز

ڪنڊياري ڀرسان مزدوري تي ويندڙ همراهه گوليون هڻي قتل

ڪنڊيارو(م ڊ) ڪنڊيارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پڪا گهانگهرا وٽ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري گهران مزدوري لاءِ نڪتل 40 ورهين جي ڳوٺاڻي محمد محمد بچل گهانگهري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر نه ملڻ خلاف مقتول جي وارثن قومي شاهراهه تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، بعد ۾ پوليس ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ منٺار گهانگهرو جي فرياد تي ٻن ڀائرن حبيب الله ۽ روشن گهانگهرو سميت صوبوگهانگهرو ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدارن پراڻي دشمني تان سندس ڀاءُ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، آخري اطلاعن تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button