مختصر خبرون

مورو: ڳوٺ بنگل خان بُڙدي ۾ نامعلوم هٿياربند پاران ڳوٺاڻن کان ڦر لٽ

جاويد ڪانڌڙو، مورو
مورو ڀرسان ڳوٺ بنگل خان بُڙدي ۾ نامعلوم هٿياربند پاران ايندڙ ويندڙ ڳوٺاڻن کان ڦر لٽ ڪئي ان دوران ڳوٺ ويندڙ موٽر سائيڪل سوار نوجوان ڏاڏو عرف مهوال ڀٽي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي نوجوان هٿياربندن سان مزاحمت ڪئي ۽ هٿياربندن فائرنگ ڪري سندس کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو اطلاع مورو ۽ گچيرو ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو، اطلاع کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم جي لاءِ تعلقي اسپتال مورو ۾ آندو جتي مقتول ڏاڏو عرف مهوال ڀٽي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو هوڏانهن پوليس ۽ ڳوٺاڻن هٿياربند ڦورون جو پيڇو ڪري ٽن ڦورن احسان علي مغل، سعيد ولد لائق ٻگهيو ۽ علي اصغر لغاري کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ مٿس قتل جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button