خیرپور
-
جولائی- 2012 -4 جولائی
مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپور جي پرنسپال گڏجاڻي جي صدارت ڪئي
مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپور ميرس ۾ شروع ٿيڻ واري سيمسٽر جي رٿابندي جي سلسلي ۾ پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي صدارت ۾ انتظامي ۽ تدريسي شعبن جي سربراهن جي هڪ گڏجاڻي ٿي گذري.گڏجاڻي کي خطاب ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2012 -21 جون
شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي 59 سالگرهه خيرپور ۾ سادگي سان ملهائي وئي
شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي 59 سالگرهه خيرپور ۾ سادگي سان ملهائي وئي ان موقعي تي ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور ۾ ضلعي انتظاميه ۽ صحت کاتي پاران ٽن ڏينهن واري بلڊ ڊونيشن ڪئمپ قائم ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2012 -29 مئی
خيرپور امن ڪاميٽي جو قيام خيرپور جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان ليکيو ويندو،محمد عباس بلوچ
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ ۽ امن ڪاميٽي خيرپور جي اڳواڻن گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته خيرپور امن ڪاميٽي جو قيام خيرپور جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان ليکيو ويندو جنهن سان شهر اندر امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي.
وڌيڪ پڙھو -
26 مئی
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ پوليو مھم جي صدارت ڪئي
گڏجاڻي۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ٻُڌايو ته ايندڙ پوليومهم دوران هر لاڳاپيل تعلقي جي ٽي ايم اي پاران پوليو ٽيمن کي ٽرانسپورٽ ۽ جڏهن ته لاڳاپيل تعلقي اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران پنهنجن تعلقن جي بي ايڇ يو تي پوليو مهم دوران ٽن ڏينهن لاءِ برف مهيا ڪندا.
وڌيڪ پڙھو -
26 مئی
پاڪستان نيوي ۾ بطور سيلر جي ڀرتي لاءِ رجسٽريشن جاري آهي
ڪمانڊر پاڪستان نيوي آفيسر انچارج ذوالفقار احمد ڄاڻايو آهي ته پاڪستان نيوي ۾ بطور سيلر جي ڀرتي لاءِ رجسٽريشن جاري آهي ان سلسلي ۾ رجسٽريشن جي آخري تاريخ 08 جون 2012 مقرر ڪئي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
25 مئی
پيپلز پارٽي الله تعالى کانپوءِ طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندي آهي، نفيسه شاهه
ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني چيو آهي ته پيپلز پارٽي الله تعالى کانپوءِ طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندي آهي تنهن ڪري پارٽي پاران عوام جي حُڪمراني قائم ڪئي وئي آهي هن چيوته موجوده حڪومت عورتن مالي سائتا لاءِ گُذارا الائونس شروع ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
مارچ- 2012 -15 مارچ
موجوده حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي: نثار احمد کهڙو
وقتي گورنر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته موجوده حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته انسان سڄي زندگي مختلف ذريعن کان علم جي اُڄ اُجهائيندو رهي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت امن امان کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن اهڙو اظهار هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڇهين ڪانووڪيشن ۽ سلور جوبلي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي گذريل 25 سالن کان علائقي واسين کي اعلى تعليم جهڙي زيور سان نوازي رهي آهي جڏهن ته سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جا صوبي جي مختلف ضلعن اندر ڪئمپس قائم ڪيا ويندا ان سلسلي ۾ ڪراچي يونيورسٽي جا نوشهروفيروز ۽ ٿرپارڪر ۾ ڪئمپس کوليا ويندا.
وڌيڪ پڙھو -
ستمبر- 2011 -26 ستمبر
خيرپور ضلعي جي 136 مختلف اسڪولس کي ڪئمپس اسڪول بڻائي ٻيا اسڪول ضم ڪيا پيا وڃن: اِي ڊي او ايجوڪيشن
اِي ڊي او ايجوڪيشن خيرپورغلام اصغر ميمڻ هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ضلعي خيرپور اندر تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته حڪومتِ سنڌ جي تعليم کاتي جي “ اسڪول ڪنساليڊيٽيڊ پاليسي” مطابق ضلعي اندر مختلف ساڳين علائقن جي 500 ميٽر اندر هلندڙ مختلف اسڪول کي هڪ مرڪزي اسڪول سان ڳنڍي ڪري حڪومت جي وسيلن کي موثر انداز سان ڪتب آندو پيو وڃي. هن پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته استاد تنظيمن جي اڳواڻن جا ان سلسلي ۾ خدشات دور ڪرڻ جي لاءِ ڊي سي او خيرپور پاران کين گڏجاڻي ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو هو پرانهن احتجاج جو رستو اختيار ڪريو. اِي ڊي او ايجوڪيشن واضح ڪيو ته اهڙي پاليسي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران جوڙي وئي آهي ته جيئن صوبي اندر تعليم جي معيار کي بهتر بڻايو وڃي جڏهن ته استاد تنظيمن جي اڳواڻن اسڪول ڪنساليڊيٽيڊ پاليسي کي ضلعي حڪومت جي پاليسي سمجهڻ غلط فهمي جو نتيجو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
26 ستمبر
خيرپور ۾ قومي پوليو مھم اڄ کان شروع
اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر احسان الله سيال هڪ اعلان ذريعي ڄاڻايو آهي ته قومي پوليو مهم جي سيپٽمبر 26 کان سيپٽمبر 28 تائين جي ڏينهن ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦُڙا پياريا ويندا جنهن لاءِ والدين کي گذارش ڪئي وئي آهي ته 5 سالن تائين پنهنجن گُلڙن جهڙن ٻارن کي مقرر ڏينهن ۾ پوليوکان بچاءُ جا ڦُڙا پيارڻ لاءِ صحت کاتي مقرر پوليو ٽيم سان رابطي ۾ اچن يا ايِ ڊي او هيلٿ آفيس جي نمبرن 9280151 ۽ 9280152 تي رابطو ڪري مدد وٺي سگهن ٿا.
وڌيڪ پڙھو