خيرپور

پيپلز پارٽي الله تعالى کانپوءِ طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندي آهي، نفيسه شاهه

MNA Nafisa Shah Photo
نفيسه شاھ خطاب ڪندي
خيرپور : ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني چيو آهي ته پيپلز پارٽي الله تعالى کانپوءِ طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندي آهي تنهن ڪري پارٽي پاران عوام جي حُڪمراني قائم ڪئي وئي آهي ۽ پارٽي پنهنجي منشور اٽو، لٽو ۽ اجهو (روٽي، ڪپڙا اور مڪان) تي اڃان تائين قائم ۽ دائم آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت ملڪ اندر خاص طور تي عورتن جي معاشي خوشحالي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون آهن. هن اهڙواظهارضلعي زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي خيرپور پاران ضلعي اندر 14مختلف ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ادارن ۾ هنري سکيا وٺندڙ 527 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميرٽ اسڪالرشپ جي چيڪن جي ورهائڻ واري تقريب کي مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيوته موجوده حڪومت عورتن مالي سائتا لاءِ گُذارا الائونس شروع ڪيو آهي جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ فنڊ تحت 60 لک کان وڌيڪ غريب ۽ مستحق عورتن کي مالي امداد پڻ ڏني پئي وڃي. پيپلز پارٽي جي اها ڪاميابي آهي ته موجوده حڪومت عوامي آهي ۽ عوام جي خدمت ڪري رهي آهي تنهن ڪري عوام پيپلز پارٽي کي ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ ڏئي عوام جي حُڪمراني قائم ڪندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي مخالف پارٽين وٽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو به پروگرام ڪونهي جڏهن ته پيپلز پارٽي مخالف حڪومتن ماضي ۾ پيپلز پارٽي پاران هزارين نوجوانن کي ڏنل روزگار کسي کين بيروزگار ڪيو پر وڏي عرصي کانپوءِ وري جڏهن عوام جي طاقت سان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي ته انهن بيرزگارن کي نوڪرين تي بحال ڪري کين اٽي ، لٽي ۽ اجهي لاءِ قابل بڻايو. هن چيو ته ماضي جي آمر حڪمران کي ٻاهرين هزارين ۽ لکين ڊالر امداد ملي پر عوام کي ان امداد امان ڪو به فائدو نه پهتو. جڏهن ته موجوده حڪومت پنهنجي دور ۾ مها ٻوڏ ۽ خطرناڪ برساتن جي صورتحال کي منهن ڏئي عوام جي سار سنڀال لڌي کين کاڌ خوراڪ ۽ رهائش لاءِ جوڳو بندو بست ڪري پاڪستان ۽ وطن ڪارڊ ذريعي مالي امداد پڻ ڪئي وئي. هن چيو ته موجوده حڪومت پاران عوام کي رهائش جي سهولت لاءِ گهر پڻ ٺهرائي ڏنا آهن صرف خيرپور ضلعي اندر ڏهه هزار کان وڌيڪ گهر ٺهرايا ويا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو حڪومت ملڪ جي واحد حڪومت رهي آهي جنهن ملڪ اندر توانائي جي بحران جي خاتمي لاءِ جامع پروگرام جوڙيا آهن ۽ پاور جنريشن جي لاءِ مختلف پروجيڪٽس جي شروعات ڪئي جنهن ۾ خاص طور تي ٿر ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ وارو ڪامياب پروجيڪٽ پڻ شامل آهي جڏهن ته گذريل حڪومتن پرڏيهي امداد هوندي به پاور جنريشن ۽ توانائي جي بحران جي حل لاءِ ڪو به توجهه نه ڏنو نتيجي طور تي پيپلز پارٽي ٻين ڪيترن ئي چيلينجز سان گڏو گڏ بجلي جي بحران واري چيلينج کي پڻ قبول ڪيو. هن چيو ته اسانجا نوجوان تعليم سان گڏو گڏ موجوده حڪومت جي هلندڙ مختلف هنري سکيا ۽ ٻين تربيتي پروگرامن مان پڻ فيضياب ٿين ته جيئن پنهنجي روزگار جا پاڻ مالڪ بڻجي سگهن. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ضلعي زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي جي چيئرمين فقير شير علي ڏيٿو، ضلعي زڪوات آفيسر فرمان علي ٽانوري پڻ خطاب ڪيو جڏهن ليڊيز ونگ جي غزاله سيال، زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي جي ميمبر ۽ اڳوڻي يوسي سوڀوديرو جي ناظمه آپا نور جهان عباسي، پيپلز پارٽي اڳواڻ غلام حُسين مغل، علي شير مڪول ۽ ضلعي جي مخلت ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ادارن جي سربراهن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ خطاب کان بعد ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني ضلعي زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي خيرپور پاران ضلعي جي مختلف 14 ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ادارن هنري سکيا وٺندڙ 527 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 31 لک 62 هزار روپين جي ماليت جا چيڪ تقسيم ڪيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button