جماعت اسلامي
-
جولائی- 2020 -12 جولائیھنڱورجا
ھنڱورجا: سيٺارجا اسٽيشن تي شاليمار ۽ عوام ايڪسپريس جا اسٽاپ بحال ڪريو، جماعت اسلامي جي اڳواڻ جو مطالبو
جماعت اسلامي سيٺارجا جي صدر ڊاڪٽر سيد جاويد حسين شاھ ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد کي خط لکي سيٺارجا اسٽيشن کي شاليمار ايڪسپريس ۽ عوام ايڪسپريس جا اسٽاپ بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
11 جولائیٺٽو
ٺٽو: جماعت اسلامي جي گڏجاڻي، نوجوان پارٽي ۾ شامل
جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي طرفان نور فائونڊيشن اسڪول ٺٽو ۾ ھڪ اھم گڏجاڻي جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ عبدالله آدم گندرو جي صدارت ۾ ٿي گذري
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2013 -13 مئیاليڪشن 2013
فوج ۽عدالت الطاف حسين پاران پاڪستان کان الڳ ڪرڻ جي ڌمڪي جو نوٽيس وٺي. معراج الهدى
13مئي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي آرمي چيف ۽چيف جسٽس آف پاڪستان کان گهر ڪئي آهي ته هو الطاف حسين طرفان ڪراچي کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ جي ڌمڪي جو نوٽيس ورتو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2013 -30 اپریلاليڪشن 2013
ٽنڊو محمد خان ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي
سماجي تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن پاران ايندڙ الڪيشن 2013 جي سلسلي ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي، آفيسر ڪلب ٽندو محمد خان ۾ منقعد ڪيل کلي ڪچهري ۾ مختلف تڪن جي اميدوارن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ، سول سوسائٽي جي نمائندن ، وڪيلن ، صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
فروری- 2013 -8 فروری
سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ان جي روح مطابق عمل نه ڪيو ويو ته پوءِ ملڪ ۾صاف ۽ شفاف چونڊن واري دعوى ڪوڙي ثابت ٿيندي، ممتاز سهتو ۽ ٻين جو خطاب
بوگس ووٽر لسٽن جي خاتمي ۽ ڪراچي ۾ فوج جي نگراني هيٺ تصديقي عمل نه ڪرائڻ خلاف اڄ جماعت اسلامي سميت مختلف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست ڌرين طرفان جناح باغ چوڪ تي زبردست احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2012 -23 جون
ايندڙ چونڊن ۾ ڪا به هڪ سياسي پارٽي اڪثريت حاصل ڪري نه سگهندي، جماعت اسلامي
جماعت اسلامي جي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪا به هڪ سياسي پارٽي اڪثريت حاصل ڪري نه سگهندي ۽ سياسي جماعتون اتحادن ذريعي ئي گڏيل طور اليڪشنون وڙهنديون اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊو محمد خان لڳ باقر نظاماڻي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
نومبر- 2011 -3 نومبر
ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ زرداري ريلي پنهنجي دهشتگردي جا رستا کولڻ لاءِ ڪڍي:جماعت اسلامي سنڌ
جماعت اسلامي سنڌچيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ زرداري ريلي پنهنجي دهشتگردي جا رستا کولڻ لاءِ ڪڍي .گهرو وزير رحمان ملڪ پنهنجي کل ايم ڪيو ايم کي ڏيڻ جو اعلان ڪري قرباني جي کلن لاءِ ٿيندڙ دهشتگردي کي يقين بڻائي ڇڏيو آهي.آصف زرداري سان متحده جي اقتداري محبت جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ جي امن ڪوشش کي نقصان پهچندو.حڪومت قرباني جي جانورن جي کلن ڦرڻ واري دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ ڀرپور اقدامات ۽ رينجرز سميت مڙني قانون لاڳوڪندڙ ادارن کي عيد جا ٽيئي ڏينهن امن قائم ڪرڻ لاءِ فري هينڊ ڏنو وڃي.اهڙو مطالبو جماعت اسلامي سنڌ جي مجلس شوريٰ جي هڪ اجلاس ۾ منظور ٿيندڙ هڪ ٺهراءَ ۾ ڪيو ويو جيڪو جماعت اسلامي سنڌ جي امير اسدالله ڀٽو جي صدارت هيٺ قباءَ آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيو.
وڌيڪ پڙھو -
اکتوبر- 2011 -26 اکتوبر
ماروئڙن کي اڪيلو نه ڇڏبو!
امير جماعت اسلامي سيد منور حسن گذريل هفتي بارش متاثره ضلعي بدين جو تفصلي دورو ڪيو.جتي هن الخدمت فائونڊيشن تحت بدين،کوسڪي،شادي لارج سميت ٻين هنڌ تي قائم خيمه وسندين ۽ ميڊيڪل ڪئمپن جو دورو ڪيو.صبح ستين وڳي اسان جو قافلو ڪراچي کان روانو ٿيو جيڪو ڏهين وڳي بدين پهتو،بدين ٻاهران ضلعي امير سيد دائود شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مرڪزي امير جو ڀرپور استقبال ڪيو.ان دوري ۾ جماعت اسلامي سنڌ جو امير مولانا اسدالله ڀٽو،نائب امير ممتاز حسين سهتو،الخدمت فائونڊيشن سنڌ جو صدر ڊاڪٽر تبسم جعفري سميت ڪيترائي صوبائي ۽ مقامي و مرڪزي اڳواڻ هن دوري ۾ گڏ هئا.
وڌيڪ پڙھو -
25 اکتوبر
جماعت اسلامي پنجاب طرفان 5 ڪروڙ رقم، ست هزار مريضن،5 هزار جانورن جو علاج ۽ ستر هزار مڻ خوراڪ ورهايو ويو آهي.ڊاڪٽر سيد وسيم اختر
جماعت اسلامي پنجاب جي امير اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سيد وسيم اختر چيو آهي ته حڪمران ٽولو پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ بجاءِ عوام جي اهنجن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري.آمريڪي غلامي مان نڪري قومي مفاد ۽ عوامي امنگن موجب پاليسيون جوڙيون وڃن.آءِ ايم ايف کان نجات جو واحد رستو اسلامي طرز معيشت آهي.ملڪ کي بيروني امداد تي هلائڻ بدران پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ خود انحصاري واري پاليسي کي اپنايو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي سانگهڙ ۾ برسات متاثرن ۾ امداد ورهائڻ بعد غوري هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
13 اکتوبر
جماعت اسلامي پاران سيري ۽ گاجا موري ۾ 200برسات متاثرخاندانن ۾ راشن ورهايو ويو ،ممتاز حسين سهتوسيري بس اسٽاپ وٽ قائم خيمه وسندي جو دورو ڪيو.
الخدمت فائونڊيشن طرفان يوسي سيري ضلعي حيدرآباد ۾ گاجا موري سميت سيري جي 200برسات متاثر خاندانن ۾ راشن بيگ،پاڻي جا ڪولر،تڏيون ۽ ٻيو ضروري سامان ورهايو ويو .ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلع حيدرآباد جي امير شيخ شوڪت علي،نائب امير جعفرعلي نظاماڻي،ريليف انچارج ارشاد علي اگهيم ۽ نيعم مغل خطاب ڪندي چيو ته برسات سٽيل عوام امداد جو مستحق آهي،جماعت اسلامي ۽ ان جو فلاحي ادارو الخدمت پهرين ڏينهن کان مظلوم ماروئڙن جي خدمت ڪري پيو .برسات متاثرن جي مدد ڪري اهو اسان ڪنهن تي احسان نه بلڪه پنهنجو قومي ۽ اخلاقي فرض سمجهون ٿا
وڌيڪ پڙھو