آرٽيڪل

ماروئڙن کي اڪيلو نه ڇڏبو!

مجاهد چنا
lLIAQAT BALOCH SAMARO UMARKOT MAN IMDADI SAMAN TAQSEEM KINDA.1امير جماعت اسلامي سيد منور حسن گذريل هفتي بارش متاثره ضلعي بدين جو تفصلي دورو ڪيو.جتي هن الخدمت فائونڊيشن تحت بدين،کوسڪي،شادي لارج سميت ٻين هنڌ تي قائم خيمه وسندين ۽ ميڊيڪل ڪئمپن جو دورو ڪيو.صبح ستين وڳي اسان جو قافلو ڪراچي کان روانو ٿيو جيڪو ڏهين وڳي بدين پهتو،بدين ٻاهران ضلعي امير سيد دائود شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مرڪزي امير جو ڀرپور استقبال ڪيو.ان دوري ۾ جماعت اسلامي سنڌ جو امير مولانا اسدالله ڀٽو،نائب امير ممتاز حسين سهتو،الخدمت فائونڊيشن سنڌ جو صدر ڊاڪٽر تبسم جعفري سميت ڪيترائي صوبائي ۽ مقامي و مرڪزي اڳواڻ هن دوري ۾ گڏ هئاimdad 3.اسان جڏهن نيشنل هاءِ وي ٺٽي کان پوءِ سجاول روڊ ذريعي بدين ضلعي جي حدن ۾ پهتاسين ته هر طرف تباهي ۽ عوامي بي وسي جو منظر هيو.گهر توڙي زمين ۾ بيٺل فصل پاڻي ۾ ٻڏل هئا.سڄو علائقو چئني پاسن کان ڪنهن ڍنڍ جو ڏيک ڏيئي رهيو هو.جماعت اسلامي ضلعي بدين جو امير سيد دائود شاهه گيلاني جيڪو تعلقي گولاڙچي سان تعلق رکندڙ زميندار ۽ پاڻ به متاثرن ۾ شامل آهي.هڪ ڪچهري دوران ٻڌائي رهيو هو ته ضلعي ۾ تيز برسات سبب ٿيل تباهي ۾ عام ماڻهو جو ته جيڪو ڪجهه هيو سو لڙهي ويو پر وڏا زميندار ۽ خاص ڪري سفيد پوش ماڻهو پڻ اذيت ناڪ صورتحال جي ور چڙهيل آهن.پاڪستان ڪارڊ ذريعي ملندڙ امداد به عوام کي وڏين قطارن ۾ بيهاري ذليل ڪيو پيو وڃي.سيد منور حسن ڪڍڻ روڊ سنڌ سمال انڊسٽريز ايريا ۾ قائم الخدمت جي خيمه وسندي جو دورو ڪرڻ کان پوءِ شادي لارج ويجهو پاڻي ۾ ڦاٿل ڳوٺ ڪي ٽي جوڻيجو ۽ وڍڙي چڪ ۾ لانچ ذريعي پهچي ڳوٺاڻن جي خيريت ۽ امدادي سامان ورهايو .ٻڌايو ويو ته هي پُراڻ جو علائقو آهي،پهريان درياءُ بادشاهه هتان وهندو هو پر هاڻي ماڻهن قبضا ڪري گهر ۽ زمينون آباد ڪري ڇڏيون آهن.متاثرن چواڻي ته هتي آرمي جي جوانن کان پوءِ جماعت اسلامي جو امير سيد منورحسن واحد سياسي اڳواڻ آهي جيڪو اسان جي واهر لاءِ هتي پهتو آهي.صحافين ٻڌايو ته هي علائقو ڍورو ۽ دريائي وهڪرن جو پراڻو لنگهه آهي.جنهن جي هتي هن وقت به ڪيترائي فوٽ پاڻي بيٺل آهي.درياءَ جو منظر پيش ڪندڙ پاڻي مان جڏهن به لانچ ٿورڙي ان بيلنس ٿئي پئي ته سڄي سنگت جو ساهه مٺ ۾ ٿيڻ لڳي پيو.bote ameer
منور حسن سامان ورهائڻ واري تقريب کي خطاب دوران چيوته حڪومت برسات متاثرن جي امداد ۽ بحالي وارن ڪمن ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي.ان جي سستي ۽ غفلت سبب لکين ماڻهو پنهنجن اجهن ۽ ملڪيتن کان محروم ٿيا.جماعت اسلامي انسانيت جو درد رکندڙ جماعت ۽ اقامت دين جي هڪ عالمگير تحريڪ آهي.بارش متاثرن کي اڪيلو نه بلڪه سندن بحالي تائين امدادي سرگرميون جاري رهنديون.اسان اهو نيڪ ڪم ڪنهن جي مٿان احسان نه بلڪه پنهنجو قومي ۽ ديني فرض سمجهي ڪري سرناجام ڏيئي رهيا آهيون.هن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجو ديني ۽ اخلاقي فرض سمجهي ڪري متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪن.ان کان پوءِ بدين ڪلوئي روڊ شادي لارج ۾ الخدمت طرفان قائم الخدمت اسپتال جو دورو ڪيو.جنهن ۾ داخل مرد توڙي عورتن ۽ ٻارن جي عيادت ۽ انهن جي ترت صحتيابي جي دعا ڪئي.اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر سيد عابد حسين شاهه ٻڌايو ته شادي لارج جي ڀرپاسي ۾ الخدمت ۽ پيما جون ميڊيڪل ٽيمون روزانو جي بنياد تي متاثر علائقن ۾ وڃي ڪري مريضن جو علاج ۽ مفت دوائون ڏنيون.اهڙي طرح هن ڪلينڪ ۾ هيل تائين اسان ست هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪري چڪا آهيون.ياد رهي ته هتي وڏي عرصي کان الخدمت ڪلينڪ قائم آهي جنهن ۾ شادي لارج توڙي ڀرپاسي جي ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪيو پيو وڃي.
جماعت اسلامي جي امير سيد منورحسن کوسڪي ۾ خيمه وسندي جو دورو ڪرڻ کان پوءِ جماعت الدعوت جي فلاحي اداري فلاح انسانيت جي دعوت تي کوسڪي ۾ منعقد امدادي ڪئمپ جو دورو ڪيو.جتي هن 500 کان وڌيڪ برسات متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو .جماعت الدعوت جي اڳواڻن خالد سيف الله ۽ زبير احمد امير جماعت جو شڪريو ادا ڪرڻ سان گڏ مرڪزي اڳواڻ حافظ سعيد احمد جو پيعام ۽ نيڪ خواهشات پهچايون.منور حسن خطاب ڪندي چيو ته پنجاب ۾ ڊينگي ۽ سنڌ ۾ برسات جي صورت ۾ قدرتي آفت انسايت لاءِ آزمائش سان گڏوگڏ الله تعاليٰ طرفان سجاڳ ٿي پاڻ سنڀالڻ جو اشارو پڻ آهي.انڪري اسان کي اهڙي موقعي تي توبه استغفار ۽ رجوع الي الله ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته زلزلي کان وٺي برسات متاثرن جي واهر لاءِ جماعت الدعوت ۽ فلاه انسانيت جون سرگرميون پڻ قابل تعريف آهن.انسان ذات جي خدمت عين عبادت آهي.
group foto bhutto sb@tando adam sindh مانجهاندي ۽ جمعته المبارڪ جي نماز کان پوءِ اسان جي اڳين منزل ٽنڊو باگو هئي.رستي ۾ سفر دوران الخدمت فائونڊيشن ضلعي بدين جي صدر عبداللطيف کوسي ٻڌايو ته الخدمت طرفان پنگريو روڊ نندوباءِ پاس ٽنڊو باگو ۾ قائم خيمه وسندي ۾ 350 خاندانن ۽ 1400 ماڻهو ترسيل آهن.تن کي کاڌي،پيتي ۽ علاج معالجي سميت زندگي جون سڀ سهولتون ڏنيون پيون وڃن.ايستائين جو ٻارن جي راند روند لاءِ جهولا،سيلون قائم ڪري وار ٺاهيا ۽ ننڍڙن ٻارن جا طهر پڻ ڪرايا ويا آهن.جڏهن ته هڪ ليڊي ڊاڪٽر جون خدمتون پڻ ورتيون ويون آهن.هن ڪئمپ ۾ هن وقت ڏهن جوڙن جون شاديون ۽ 8 ٻار پڻ پيدا ٿيا آهن.ان کان علاوه مالوند ماڻهن جي مال جي چاري جو بندوبست پڻ ڪيو ويو.امير جماعت منجهد جو چار وڳي ٽنڊو باگو خيمه وسندي پهتو ته نگران مولانا عبدالڪريم بليدي اڳواڻن جو آڌر ڀاءُ ڪيو.سڀ کان پهريان منور حسن صاحب جماعت اسلامي جي عورت ونگ طرفان خيمه بستي ۾ عورتن لاءِ قائم سلائي ڪڙهائي جي مرڪز جو افتتاح ڪيو.ٻڌايو ويو ته خيمه بستي ۾ ترسيل عورتن کي ديني تعليم سان آراسته ڪرڻ سان گڏوگڏ سلائي ڪڙهائي (ڀرت) جو هنر پڻ سيکاريو پيو وڃي ته جيئن اهو هنر سکڻ سان گڏ پنهنجا ڪپڙا پاڻ بهتر نموني سبي سگهن.ان کان پوءِ ميڊيڪل يونٽ جو افتتاح ڪيو ويو.الخدمت سنڌ جي صدر ڊاڪٽر تبسم جعفري ٻڌايو ته هونءِ ته خوراڪ کان وٺي علاج سميت متاثرن کي سڀئي سهولتون پهچائڻ جي هر ممڪن ڪو شش ڪئي پئي وڃي پر ميڊيڪل يونٽ جي آغاز سان عورتن خاص طور تي ڳورهارين عورتن جا مسئلا گهڻي ڀاڱي حل ٿي ويندا ڇو ته ان سرجيڪل يونٽ ۾ آپريشن سميت ڊليوري جون سڀئي سهولتون موجود آهن سندن جو چوڻ هو ته گهڻي عرصي کان پاڻي بيٺل هجڻ ۽ مال جي مرڻ سبب وبائي بيمارين جي پکڙجڻ جي خطري سبب الخدمت جي صحت واري شعبي ڏانهن گهڻي توجه آهي.ان موقعي تي ٽنڊو باگو ۾ هڪ وڏو جلسو پڻ منعقد ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي سيد منورحسن چيو ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ ڪرپشن کان پاڪ حڪومت ۽ ڪرپشن کان پاڪ معاشري جي تشڪيل لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي.عوام جيستائين ڪرپٽ ۽ چورن کي ووٽ ڏيندو رهندو ته انهن جي حقن تي ڌاڙا لڳندا رهندا.عوام ڪرپٽ ماڻهن مان جند ڇڏائڻ ۽ پنهنجي نسلن جي محفوظ مستقبل لاءِ قابل ۽ عوام دوست ماڻهن کي اڳتي آڻين.حڪمران جيڪڏهن پنهنجي عوام سان مخلص هجن ها ته اڄ لکين ماڻهو هيئن دربدر نه هجن ها.بعد ۾ ميڊيا بريفنگ دوران ڳالهائيندي امير جماعت اسلامي چيو ته 12 مئي جي حوالي سان عدالتي فيصلو خاموش آهي.جنهن سان بلاشبه قوم کي مايوسي ٿي آهي.ان مان چڱي طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عدالتون به دهشتگردن جو نالو کڻڻ کان ڊڄي رهيون آهن.اسان سمجهون ٿا ته 12 مئي،9 امريل،12 ربيع الاول ۽ عاشوره سانحات جي ذميوارن جو تعين ڪري سزا ڏني نه ٿي وڃي.اوستائين ڪراچي ۾ امن ناممڪن آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جو ڪڏهن به دوست ڪو نه ٿو ٿي سگهي.ڇو ته هو پاڪستان جي قربانين ۽ دوستي باوجود خطي ۾ ڀارت جي بالادستي لاءِ ڪوشان آهي.آمريڪا اسلام پاڪستان ۽ انسانيت جو دشمن آهي. اهو ڪڏهن به ڪنهن جو دوست ۽ مسلمانن جو همدرد نٿو بڻجي سگهي.هاڻي اسان جي قافلي جي حيدرآباد واپسي هئي ٽنڊو باگو کان ماتلي واري رستي اسان روانه ٿياسين ته حيدرآباد جي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي سيري ۽ گاجا موري جي ساٿين صوبائي اڳواڻ سابق ايم پي اي مولانا عبدالوحيد قريشي،استاد جعفر نظاماڻي ۽ مرزا نعيم مغل جي قيادت ۾ ڀرپور استقبال ڪيو.نعيم مغل موجب الخدمت طرفان سيري اسٽاپ تي قائم الخدمت خيمه وسندي ۾ 20 خاندان ۽ هڪ سو جي قريب ماڻهو رهائش پذير آهن.جتي متاثرن جي ڀرپور واهر ڪئي پئي وڃي.سيد منورحسن ۽ ٻين اڳواڻن مقامي ساٿين جي اهڙي عمل جي ڀرپور تعريف ڪئي.بعد نماز مغرب مرڪز تبليغ اسلام حيدرآباد ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل حليم پارٽي ۾ شرڪت کان پوءِ ڳالهائيندي سيد منورحسن چيو ته برسات جي شڪل ۾ قدرتي آفت ماڻهن جو مستقبل به اونداهو ڪري ڇڏيو آهي.جيڪو ڪم وقت جي سرڪار کي ڪرڻ کپي ها هو اهو به نه ڪري سگهي آهي.سيد منورحسن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پ پ اڪثريت باوجود سنڌ ۾ مفاهمت جي نالي تي ايم ڪيو ايم کي شام ڪري دهشتگردن کي تحفظ ڏنو آهي.ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا ڪهڙي ريت اسان جي ملڪ پارٽين ۽ سوسائٽي تي اثرانداز ٿي رهيو آهي.اسان سڀئي اختلاف وساري اي پي سي ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي مڙني پارٽين اي پي سي ذريعي آمريڪا کي اهو پيغام ڏنو آهي ته ملڪي سالميت لاءِ اسان سڀئي متحد آهيون.پاڪستاني قوم ڪنهن به بيروني جارحيت کي برداشت ڪو نه ڪندي.هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت اي پي سي جي اعلاميه مطابق اقدامات ڪري پنهنجي ماضي جو ٽريڪ رڪارڊ درست ڪري.سيد منورحسن هڪ سوال جي جي جواب ۾ چيو ته جماعت اسلامي جا ن ليگ،عمران خان سميت مختلف سطحن تي سڀني پارٽين سان رابطا آهن جيئن ئي چونڊن جي حوالي سان صورتحال واضح ٿي ته حالتن مطابق مشاورت سان فيصلو ڪنداسين.
اهڙي طرح جماعت اسلامي جي امير سيد منورحسن برسات متاثرن جي واهر،لانچ تي چڙهي متاثرن جي خيريت توڙي امداد ورهائي ۽ خيمه وسندين وڃي ڪري بار بار پنهنجي هن عزم کي ورجايو ته ماروئڙن کي اڪيلو نه ڇڏبو ! مفلوج زندگي جي بحالي،مرجهايل چهرن تي مرڪ آڻڻ تائين جماعت اسلامي ۽ الخدمت جا رضاڪار پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا رهندا.ان ريت صبح جو پنجي وڳي کان رات جو يارهين وڳي تائين ڪراچي کان بدين جو حيدرآباد ۽ واپس ڪراچي جو دورو پورو ٿيو.
مجاهد چنا
mujahid.channa@gmail.com
0300-2346623

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button