ڪراچي

ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ زرداري ريلي پنهنجي دهشتگردي جا رستا کولڻ لاءِ ڪڍي:جماعت اسلامي سنڌ

ijlas ji sindh 02ڪراچي : جماعت اسلامي سنڌچيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ زرداري ريلي پنهنجي دهشتگردي جا رستا کولڻ لاءِ ڪڍي .گهرو وزير رحمان ملڪ پنهنجي کل ايم ڪيو ايم کي ڏيڻ جو اعلان ڪري قرباني جي کلن لاءِ ٿيندڙ دهشتگردي کي يقين بڻائي ڇڏيو آهي.آصف زرداري سان متحده جي اقتداري محبت جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ جي امن ڪوشش کي نقصان پهچندو.حڪومت قرباني جي جانورن جي کلن ڦرڻ واري دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ ڀرپور اقدامات ۽ رينجرز سميت مڙني قانون لاڳوڪندڙ ادارن کي عيد جا ٽيئي ڏينهن امن قائم ڪرڻ لاءِ فري هينڊ ڏنو وڃي.اهڙو مطالبو جماعت اسلامي سنڌ جي مجلس شوريٰ جي هڪ اجلاس ۾ منظور ٿيندڙ هڪ ٺهراءَ ۾ ڪيو ويو جيڪو جماعت اسلامي سنڌ جي امير اسدالله ڀٽو جي صدارت هيٺ قباءَ آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيو.
ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته قرباني حضرت ابراهيم عليه السلام جي سنت آهي قرباني جي کلن جو مصرف قرآن ۽ سنت ۾ واضح طور تي بيان ڪيل آهي.انڪري مسلمانن کي پنهنجي مرضي موجب ديني ۽ فلاحي ادارن کي قرباني جي جانورن جون کلون ڏيڻ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جو فرض آهي.پر وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ جي الطاف سان ملاقات ۽ کلن جي سلسلي ۾ بيان ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي جو رستو کولي ڇڏيو آهي،اهڙو بيان دين ۾ مداخلت آهي.اقتدار ۽ مفاهمت جي نالي تي دهشتگردن جي سرپرستي ڪئي وڃي پئي.هوڏانهن مولانا اسدالله ڀٽو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جماعت اسلامي هڪ اصولي ۽ نظرياتي جماعت آهي سامراج ۽ ان جا ايجنٽ ديني جماعتن جي رستا روڪ لاءِ سازشون ۽ حڪمران ٽولو عوام جي اندر ڪرندڙ پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ هڪ ٻئي خلاف لفظن جي جنگ ۽ نوان نوان شوشا ڇڏي رهيا آهن.ڪرپٽ ۽ ڌارين جا ڳيجهو حڪمران واري واري سان عوام جي حقن جو استحصال ۽ ملڪي دولت لٽيندا رهيا آهن.جن پنهنجي دور ۾ عوام کي مهانگائي،ڪرپشن،بدامني ۽ ٻوري بند لاشن کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو.ملڪ ۽ قوم جي تقدير اهل ۽ نيڪ قيادت ئي بدلائي سگهي ٿي.ان ڪري ڪرپٽ قيادت کان نجات ۽ اسلامي عادلاڻي نظام جو قيام وقت جي عين ضرورت آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button