نوشهرو فيروز

ڪنڊيارو ۾ رمضان جي آمد ئي لوڊشيڊنگ وڌائي ويئي

ڪنڊيارو ۾ رمضان جي آمد ئي لوڊشيڊنگ وڌائي ويئي

رمضان شريف جو مقدس مهينو ايندي ئي حڪومت پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ ڏهه ڪلاڪن کان وڌائي 12 ڪلاڪ ڪئي وئي آهي
پيار پرڻي سبب سولنگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو راڄوڻي نبيرو

پيار پرڻي سبب سولنگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو راڄوڻي نبيرو

ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ خانڻ سولنگي ۾ پيار پرڻي سبب گذريل 12 سالن کان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو راڄوڻي نبيرو پاڪ ڪتاب تي سردار عثمان خان عالماڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو
20 سالن کان پاڻي جي بندش خلاف مظاھرو

20 سالن کان پاڻي جي بندش خلاف مظاھرو

ڪنڊيارو تعلقي جي گل مائينر جي سوين آبادگارن پاران گذريل 20 سالن کان وڌيڪ عرصو پاڻي بند هجڻ واري عمل خلاف متاثر آبادگار محمد بخش گهانگهرو،سڪندر سهتو،ڊاڪٽر ماجد سهتو،نبي بخش شاهه،صاحب خان گهانگهرو،امين چانڊيو،مشتاق گهانگهرو،امير بخش وگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سراپا احتجاج ٿيندي رستن تي نڪري آيا
سيد اسماعيل شاهه راشدي تي حملي خلاف ڪنڊيارو ۾ ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، احتجاج

سيد اسماعيل شاهه راشدي تي حملي خلاف ڪنڊيارو ۾ ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، احتجاج

پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي جي نينگر سيد اسماعيل شاهه راشدي ۽ پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ ڊاڪٽرس فورم جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر ممتاز شيخ مٿان ٿيل قاتلاڻن حملن وارن واقعن خلاف ڪنڊيارو ۾ احتجاج
ڪنڊيارو: ذوالفقارآباد رٿا خلاف احتجاج

ڪنڊيارو: ذوالفقارآباد رٿا خلاف احتجاج

ڪنڊيارو ۾ جسقم جي سڏ تي ذوالفقارآباد رٿا خلاف ٽائون ڪاميٽي ڪنڊيارو کان حيدري هوٽل چونڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو پڻ هنيو ويو
پيار جي پرڻي سبب هلندڙ تڪرار ۾ ٻيهر تيزي اچي ويئي

پيار جي پرڻي سبب هلندڙ تڪرار ۾ ٻيهر تيزي اچي ويئي

ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ خانڻ سولنگي ۾ پيار پرڻي سبب 15 سالن کان هلندڙ تڪرار ۾ ٻيهر تيزي اچڻ سبب فائرنگ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڀر واري ڳوٺ ۾ ٻج ڏسڻ لاءِ ويندڙ ڳوٺ جمعي ڪلهوڙو جو رهائشي ميهر ڪلهوڙو گولي لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو
پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ راجا جي گهر ۾ ڏک سان گڏ خوشي، تدفين وقت پٽ جو جنم

پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ راجا جي گهر ۾ ڏک سان گڏ خوشي، تدفين وقت پٽ جو جنم

اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس اڳيان بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ ساڙيندڙ ڪنڊيارو واسي نوجوان راجا خان رند جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، لاش لحد ۾ لاهڻ وقت سندس گهرواري گلن جهڙي پٽ کي جنم ڏنو، خوشي واري ڪيفيت تي غم حاوي ٿي ويو، غريب ۽ بي پهچ نوجوان جي جنازي نماز ۾ برادري جي ماڻهن کانسواءِ ڪنهن به وزير، ايم اين اي، ايم پي اي، مقامي ڪاموري توڙي سياسي سماجي اڳواڻ شرڪت نه ڪئي، خبر موجب 3 ڏينهن اڳ غربت ۽ مفلسي کان تنگ ٿي پارليامينٽ هائوس اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات ڪندڙ ٻن ٻارن جي پيءُ راجا خان رند جو لاش ڪالهه صبح جو سوير ايمبولينس ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ کان سندس اباڻي ڳوٺ حاجي سائينداد رند پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو
ڪنڊياري ڀرسان مزدوري تي ويندڙ همراهه گوليون هڻي قتل

ڪنڊياري ڀرسان مزدوري تي ويندڙ همراهه گوليون هڻي قتل

ڪنڊيارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پڪا گهانگهرا وٽ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري گهران مزدوري لاءِ نڪتل 40 ورهين جي ڳوٺاڻي محمد محمد بچل گهانگهري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر نه ملڻ خلاف مقتول جي وارثن قومي شاهراهه تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، بعد ۾ پوليس ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ منٺار گهانگهرو جي فرياد تي ٻن ڀائرن حبيب الله ۽ روشن گهانگهرو سميت صوبوگهانگهرو ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدارن پراڻي دشمني تان سندس ڀاءُ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، آخري اطلاعن تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو هو.
نوشهرو فيروز ۾ پوليو مھم 28 ڊسمبر کان 30 تائين ٽن ڏينهن لاءِ شروع ڪئي پئي وڃي

نوشهرو فيروز ۾ پوليو مھم 28 ڊسمبر کان 30 تائين ٽن ڏينهن لاءِ شروع ڪئي پئي وڃي

ملڪ ۾ ٻين حصن جيان ضلعي نوشهرو فيروز ۾ پڻ 28 ڊسمبر کان 30 تائين ٽن ڏينهن واري پوليو مهم شروع ڪئي پئي وڃي .ان سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس اي ڊي او روينو منظوراحمد سومرو جي صدارت ۾ سندس آفس ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي منظور احمد سومرو چيو ته پوليو خلاف مهم ۾ وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. ته جيئن هن موذي مرض کي روڪي سگهجي. هن چيو ته هن قومي فريضي ۾ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بنايو وڃي ته ڪو به ٻار ڦڙن پيارڻ کان رهجي نه وڃي. هن خاص طور تي ٽرانزٽ پوائنٽ تي وڌيڪ پوليو ٽيمون مقرر ڪرڻ تي زور ڏنو ته جئين سفر ڪندڙ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري سگھجن.
Back to top button