ڪنڊيارو

ڪنڊيارو ۾ رمضان جي آمد ئي لوڊشيڊنگ وڌائي ويئي

electric 400رمضان شريف جو مقدس مهينو ايندي ئي حڪومت پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ ڏهه ڪلاڪن کان وڌائي 12 ڪلاڪ ڪئي وئي آهي،ان سلسلي ۾ سيپڪو ڪنڊيارو جي هڪ اهم ملازم ٻڌايو ته نئين شيڊول مطابق بجلي رات جو ٻين وڳي کان ٽين وڳي تائين هڪ ڪلاڪ،صبح جو ڇهين وڳي کان نائين وڳي تائين ٽي ڪلاڪ،منجهند جو 11 وڳي کان ٻين وڳي تائين ٽي،ڪلاڪ،شام جو چئين وڳي کان ستين وڳي تائين ٽي ڪلاڪ ۽ رات جو 8 وڳي کان ڏهين وڳي تائين لوڊشيڊنگ سبب بند ڪئي ويندي،جنهن بعد شهري ۽ ڪاروبارين ۾ سخت مايوسي ڇائنجي وئي آهي،جن جو چوڻ آهي ته هاڻي ڏينهن جي 11 ڪلاڪن مان 9 ڪلاڪ بجلي بند هجڻ سبب ڪهڙو ڪاروبار ٿي سگهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button