ڪنڊيارو

پيار پرڻي سبب سولنگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو راڄوڻي نبيرو

اياز عباسي، ڪنڊيارو
national bank kandiaro 336x280ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ خانڻ سولنگي ۾ پيار پرڻي سبب گذريل 12 سالن کان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو راڄوڻي نبيرو پاڪ ڪتاب تي سردار عثمان خان عالماڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو،جنهن ۾ خليفن واري طرف کان محمد حسن سولنگي ۽ ڌمون ماڇي،جڏهن ته جبار عرف جبو ماڇي واري ڌر پاران ماستر منظور سولنگي ۽ مجنون سولنگي امينن طور تي شرڪت ڪئي. راڄوڻي نبيري ۾ پاڪ ڪتاب تي ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد خليفن واري ڌر تي پريميڪا جي ٻانهن کڻڻ جا 8 لک رپيا، هڪ همراهه سليم ماڇي کي زخمي ڪرڻ جا ڏيڍ لک رپيا،ٽريڪٽر جا ٽائر برسٽ ڪرڻ جا هڪ لک 20 هزار رپيا ۽ سندن ٻن عورتن جي زخمي ٿيڻ متعلق ڪوڙي ساک کڻڻ جي هڪ لک رپين سميت مجموعي طور تي 11 لک 70 هزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جيڪو اهي پنجن ڏينهن اندر جبار عرف جبو ماڇي واري ڌر کي ادا ڪندا،جڏهن ته خليفن واري ڌر جا ٿيل سمورا نقصان سندن اڳرائي ثابت ٿيڻ سبب ان جو ڪاٿو نه لڳايو ويو. آئنده ڳوٺ ۾ ڪنهن به امڪاني گڙٻڙ کي روڪڻ ۽ امن و امان قائم رکڻ جي دعواي هيٺ پريمي جوڙي کي قيامت تائين ڳوٺ نيڪالي رهندي ۽ هو ڪڏهن به ڳوٺ اچي نه سگهندا. مذڪوره راڄوڻي نبيرو پاڪ ڪتاب تي ٿيڻ سبب ٻئي ڌريون ان تي عمل ڪرڻ ۽ آئنده اڳرائي نه ڪرڻ جون پابند هونديون جڏهن ته سندن امين مذڪوره راڄوڻي نبيري تي عمل ڪرائڻ جا ذميوار پڻ رهندا. راڄوڻي نبيري بعد ٻنهي ڌرين جي ماڻهن فيصلي کي قبول ڪندي پاڻ ۾ ڀاڪر پاتا ۽ کين کير کنڊ ڪيو ويو. ٻنين تان قبضا ختم ڪري ٻنهي ڌرين جا مورچا پڻ ڊاهيا ويا آهن،ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ٻنهي ڌرين جي جبار عرف جبو ماڇي ۽ نبن ماڇي ٻڌايو ته کين پاڪ ڪتاب تي ٿيل راڄوڻي نبيرو قبول آهي ۽ انشاءَ الله هو ان تي عمل پڻ ڪندا. ياد رهي ته مذڪوره ڌرين وچ ۾ 12 سال اڳ ڳوٺ خانڻ سولنگي ۾ پريمي نواب سولنگي ۽ خدڻ سولنگي پاران ڪيل پيار پرڻي بعد ڌرين وچ ۾ تڪرار شروع ٿيو هو جنهن بعد مذڪوره جوڙو حياتيءَ جي ڊپ کان سعودي عرب فرار ٿي ويو هو ۽ ڏهه سال اتي گذارڻ بعد ملڪ واپس اچي گذريل ٻن سالن کان ڪراچيءَ ۾ دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته جوڙي جي واپسي بعد جبار عرف جبو ماڇي واري ڌر پاران ساڳي ٻانهن موٽائڻ جي ضد بعد ڌرين وچ ۾ ٻيهر تڪرار تيز ٿي ويو هو جنهن سبب علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس سبب روڊ،رستا ۽ اسڪول ويران پيل هئا ۽ ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي معمول سبب تر جي ماڻهن جي زندگي پڻ عذاب ۾ پيل هئي ۽ ڪيترائي ڀيرا گولين جا خول وغيره آسپاس جي گهرن ۾ ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن جو زخمي ٿيڻ پڻ معمول بنيل هئو ۽ تر ۾ ڌرين جي مدد لاءِ ٻين علائقن کان آيل ڏوهارين جي موجودگي سبب علائقي ۾ موٽرسائيڪل ڦرن ۽ چورين ۾ پڻ تمام تيزي هئي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان ايڏي انتشار جي باوجود حد جي پوليس توڻي مقامي انتظاميه مڪمل طور تي اگهور ننڊ ۾ ستل هئي ۽ 12 سال ايتري عرصي باوجود سندن پاران امن امان قائم ڪرڻ توڻي ڌرين وچ ۾ ڪنهن حل لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ پڻ ڪين ڪيا ويا. جنهن بعد مجبور ٿي علائقي جي مختلف ساڃاهه وندن پاران ڌرين وچ ۾ مداخلت ڪندي انهن ڏانهن منٿ ميڙ قافلا وٺي وڃڻ جا سلسلا شروع ڪيا ويا جنهن بعد علائقي جي چڱن مٺن سردار شاهنواز خان خشڪ ۽ نواب خان سولنگي پاران ٻه ٽي ڀيرا اڳ به راڄوڻي نبيرا ڪرڻ باوجود نه ئي ڌرين فيصلي کي مڃيو پئي ۽ نه ئي فيصلي تي عمل ٿي سگهيو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button