خبرون
-
ڪوئيٽا واقعي خلاف ھنڱورجا ۾ ڌرڻو
ڪوئٽه سانحي جي خلاف هنڱورجا ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري سمورو ڪاروبار بند ڪيو ويو، مختلف شيعه تنظيمن مجلس وحدت المسلمين ، آءِ ايس او جي سوين ڪارڪنن مولوي منظور سولنگي، زنوار لياقت علي دايو، جواد ملاح، منور حسين شاهه ، زاهد شاهه ، ذاڪر حسين شاهه ، مبشر جهانگر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنجهٽي چوڪ کان سخي ناصر شاهه گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي يا حسين جو صدائون بلند ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: پاڻي جي خلاف مظاھرو
هنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار جي سڏ تي 200 کان وڌيڪ ٽيوب ويل گذريل 10 سالن کان ناڪارا هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ٿي وڃڻ ۽ 17 شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف تعلقي جي چاليهه کان وڌيڪ ڳوٺن ڳوٺ ڪينجهر، ڳوٺ سهتا، ڳوٺ سولنگي، ڳوٺ مڱڻيجا، ڳوٺ خدا بخش سهتو، ڳوٺ پناهه سولنگي، ڳوٺ جونگل خان چانگ، ڳوٺ ڀونگل خان چانگ، گاجي ڳوٺ، مڱڻا پوٽا، سميت ٻين ڳوٺن جي آبادگار ۽ هارين ريلين جي صورت ۾ هنڱورجا جي سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ پهچي قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
شيعه تنظيمن پاران شهدادڪوٽ ۾ مڪمل طور شٽر بند ھڙتال
شهدادڪوٽ ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل پاران ڪوئيٽا سانحي خلاف شهر ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ، هڙتال سبب شاهي بازار ، ريشم گهٽي ، ڪوٽوموٽو چوڪ ، جمع کرل چوڪ ، ڊرٻ پاڙي ، ڪپڙي بازار سميت شهر جا ننڍا ، وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا
وڌيڪ پڙھو -
سکر :ڪوئٽه واقعي جي خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي
سڄي ملڪ وانگر سکر ۾ به ڪوئٽه واقعي جي خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ٻٻرلو پائي پاس ۽ سکر پريس ڪلب چوڪ تي شيعه تنظيم پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا
وڌيڪ پڙھو -
مولائي شيدائي تڪليفون برداشت ڪري علمي پورهيو ڪيو، ورسي کي خطاب
ولائي شيدائي غربت واري ان دور ۾ تڪليفون برداشت ڪري علمي پورهيو ڪيو ۽ سخت جان بڻجي تحقيق کانپوءِ جنت السنڌ سميت 50 ڪتاب لکيا
وڌيڪ پڙھو -
نگران سيٽ اپ لاءِ مشاورت نه ڪئي وئي، مخدوم شاهه محمود قريشي
اڳوڻي وزير خارجه،۽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ۽ تمام سياسي پارٽيون اليڪشن چاهين ٿيون
وڌيڪ پڙھو -
اسان عورتن کي اوليت ڏئي رهيا آهيون، اياز سومرو
سنڌ جي صوبائي وزير قانون ۽ هائوسنگ جناب محمد اياز سومرو چيو آهي ته پ پ پ حڪومت تعليم جي واڌاري لاءِ هتي تعليمي بورڊ ٺهرائي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي جو ڪئمپس قائم ڪيو ته جيئن هتان جي نوجوان شاگردن کي وڌ کان وڌ تعليم جي سهولت ملي سگهي.
وڌيڪ پڙھو -
شهيد بينظير ڀٽو خطرن باوجود هن عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ، نثار کھڙو
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو عوام جي چوڻ تي وطن واپس آئي هئي،۽ تمام خطرن باوجود هن عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ۽ عوام لاءِ جان قربان ڪئي،پيپلز پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي
وڌيڪ پڙھو -
ايندڙ اليڪشن ۾ نواز شريف کي عبرت ناڪ شڪست ڏينداسين، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاه چيو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ نواز شريف کي عبرت ناڪ شڪست ڏينداسين . جنهن کانپوءِهو ڪڏهن به سنڌ ڌرتي جو رخ نه ڪندو
وڌيڪ پڙھو -
ڪيراڻي روڊ تي ڌماڪو، 64 شھيد، 130 کان وڌيڪ زخمي
ڪوئيٽا جي علائقي ڪيراڻي روڊ تي ھزاره ڪالوني ۾ ريمورٽ ڪنٽرول بم جي ڌماڪي ۾ عورتن سميت 64 ماڻھو شھيد، واقعي ۾ 130 کان وڌيڪ زخمي جڏھن ته 25 جي حالت نازڪ آھي. زخمين کي سي ايم ايڇ منتقل ڪري جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
وڌيڪ پڙھو