سکر

مولائي شيدائي تڪليفون برداشت ڪري علمي پورهيو ڪيو، ورسي کي خطاب

Maulai Shaidai anniversry (640x140) سکر (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر سٽي ۽ مولائي شيدائي اڪيڊمي پاران ڪالهه سکر پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيل 35 ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي ناليوارن اديبن،شاعرن ۽ صحافين اياز گل،ڊاڪٽر ادل سومرو،اختر درگاهي، خواجه ذوالفقار،امير علي بروهي،خالد بروهي،شير محمد عباسي ۽ ٻين چيو ته مولائي شيدائي غربت واري ان دور ۾ تڪليفون برداشت ڪري علمي پورهيو ڪيو ۽ سخت جان بڻجي تحقيق کانپوءِ جنت السنڌ سميت 50 ڪتاب لکيا جنهن ۾سنڌي ٻولي جي برک تاريخدان محقق،اديب،شاعر ۽ صحافي رحيم داد مولائي شيدائي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ ٻولي جي ترقي سميت سنڌ جي جاگرافي حالتن کي گهرائي سان پيش ڪيو هنن چيو ته رحيم داد مولائي شيدائي محرخ هجڻ سميت گهڻ رخ شخصيت جو مالڪ هو جنهن ڏينهن رات سهولتن جي اڻاٺ باوجود پهريان نقشو ٺاهي پوءِ جرنل لائبري مان ڪتابي نوٽس ذريعي تحقيق ڪري تاريخ لکي چند اهڙن تاريخدانن کانپوءِ هينئر سندن طرزعمل واري تحقيق گهٽجندي پئي وڃي ان تي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته رحيم داد مولائي شيدائي سخت جفا ڪشي ڪري علمي پورهئي ذريعي ڌرتيءَ جو قرض لاهي اسان کي قرضي بڻائي ويو سندن واٽ تي هلڻ سان ئي ترقي ڪري سگهجي ٿي نالي واري تاريخدان مولائي شيدائي جي سنڌي ٻولي ۽ تحقيق لاءِ ڪيل خدمتن عيوض لفظن جي ڀيٽا ڏيندي چيو آهي ته هن سخت محنتن ۽ مشڪلاتن مان گذري ورهايل سنڌ جي تاريخ کي گڏڪري جنت السنڌ جي روپ ۾ايندڙ نسل کي تحفو ڏنو هينئر سنڌي ٻولي،تمدن،تهذيب ۽ تاريخ ڏانهن دلچسپي وڌائڻ لاءِ مولائي شيدائي جي رهجي ويل ڪتابن کي ڇپرائي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن سندس پيغام ايندڙ وقت لاءِ روشن مثال بڻجي سگهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button