لاڙڪاڻو

اسان عورتن کي اوليت ڏئي رهيا آهيون، اياز سومرو

بختيار بگٽي، لاڙڪاڻو
SONY DSCسنڌ جي صوبائي وزير قانون ۽ هائوسنگ جناب محمد اياز سومرو چيو آهي ته پ پ پ حڪومت تعليم جي واڌاري لاءِ هتي تعليمي بورڊ ٺهرائي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي جو ڪئمپس قائم ڪيو ته جيئن هتان جي نوجوان شاگردن کي وڌ کان وڌ تعليم جي سهولت ملي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ شاهنواز ڀٽو لائبرري ۾ لاڙڪاڻو بورڊ جي طرفان مئٽرڪ ۽ انٽرميڊئيٽ سال 2011 جي امتحانن دوران 34 پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ ميڊل ايوارڊ ۽ ڪيش انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيوته سنڌ اسيبملي مان بل منظور ڪرايو آهي ۽ سنڌ جي تعليمي بورڊن کي وزير اعليٰ جي انڊر ۾ ڪيو ويو. جنهن سان تعليم ۾ واڌارو ايندو ۽ هن چيو ته هتي 16 سالن کان بورڊ لاءِ پلاٽ نه هيو پر موجوده حڪومت پلاٽ خريد ڪري 35 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان بلڊنگ تيار ڪرائي رهي آهي جيڪو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو واعدو هيو ان کي اسان پوروڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جن شاگردن محنت ڪري ميرٽ تي ميڊل حاصل ڪيا آهن انهن کي مبارڪباد ٿو ڏيان، جڏهن ته ڊڪٽيٽر چيو هو ته سنڌين ۾ عقل ۽ ميرٽ نه آهي ۽ توهان ان جي الزام کي رد ڪيوآهي تاريخ گواهه آهي ته ٻهراڙي جا شاگردن سي ايس ايس جا امتحان پاس ڪندا هيا. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيوته اهو منهنجو شوق ۽ ذميواري آهي ته هتي هر شهر لاءِ سٺيون بلڊنگيون ٺهن. جڏهن ته 17 سالن کان بورڊ کي پنهنجي بلڊنگ نه هئي ۽ اهو چيئرمين بورڊ دائود ميمڻ جي لاءِ ٽاسڪ آهي ته هو جنگي بنيادن تي تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي پنهنجي بلڊنگ تيار ڪرائي ۽ جيڪو پنهنجي اداري سان سنسيئر نه هوندو اهو پنهنجي قوم سان به سنسيئر نه هوندو. هن وڌيڪ چيو ته مان خاص ڪوششون وٺي صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري، ميڊم فريال ٽالپر ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه کان 25 ڪروڙ روپين جي چيڪ لاڙڪاڻو بورڊ جي نئين بلڊنگ جي تعمير لاءِ ڏياري آهي. هن چيو ته ٽن صوبن ۾تعليمي بورڊ جو ڪنٽرول وزير اعليٰ وٽ هوندو هو مگر هتي گورنر جي هيٺان تعليمي بورڊ ڪم ڪنديون هن چيئرمين بورڊ لاڙڪاڻو دائود ميمڻ کي هدايت ڪئي ته تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي بلڊنگ جو ڪم جلد مڪمل ڪري اتي آفيسرن لاءِ بنگلا ۽ اسٽاف کي گهر ٺهرائي ڏئي. هن سڀني اعليٰ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ميرٽ کي اوليت ڏني وڃي ۽ يونيڪ تعليمي بورڊ ٺاهي وڃي جيئن شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ٺاهي وئي آهي. هن چيو ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري کان ميڊيڪل يونيورسٽي لاءِ هڪ ارب روپيه منظور ڪرايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان عورتن کي اوليت ڏئي رهيا آهيون ۽ هر ڇوڪرين کي ماستري جي ٽيسٽ ۾ 20 سيڪڙو مارڪون وڌيڪ ڏنيون آهن. اسان جو اوهان سان وچن آهي ته ڪيتريون به بندشون پون اسان روزگار ڏينداسين ۽ شهيد راڻي به چيو هيو ته پي آءِ اي ۾ روزگار ڏيڻ منهنجو گناهه آهي ته اهڙا گناهه مان ڪندي رهندس ڇو ته پ پ پ جي اڳواڻن هميشه جيل به ڪاٽيو ته ڏک به برداشت ڪيا آهن ۽ اسان اهڙا بار پنهنجي ڪلهن ٿي کڻي چڪا آهيون توهان مايوس نه ٿيندا ڇو ته مايوسي گناهه آهي. ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو استادن ۽ شاگردن کي پيغام ڏنو ته تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ محنت ڪن ڇو ته اسان جا شاگرد هوشيار آهن ۽ اهي مقابلي جي امتحانن حصو وٺن ۽ ڪاپي ڪلچر کان پاسو ڪن اسان ڪوشش ڪيون ته هر ماڻهو ۾تعليم بابت سجاڳي پيدا ڪيون ته جيئن بهترين انجنيئر ۽ ڊاڪٽر پيدا ڪري سگهون. ان موقعي تي وائيس چانسلر ايس ايم بي بي ايم يونيورسٽي پروفيسر اڪبر حيدر سومرو پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته محمد اياز سومرو جي ڪاوشن سان ميديڪل يونيورسٽي ۽ لاڙڪاڻو بورڊ جي نئين بلڊنگ قائم ٿي رهي آهي ۽ هن شاگردن کي اپيل ڪئي ته ڪاپي کان پاسو ڪن. جڏهن ته هن اعلان ڪيو ته بائيولاجي ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙ کي چيف منسٽر ۽ مئٿ ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙن شاگرد کي محمد اياز سومرو جي نالي سان شيلڊ ڏيندس. جڏهن ته ايم پي اي غلام مجدد اسراڻ ۽ چيئرمين سکر بورڊ سيد علي شاهه پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. جڏهن ته چيئرمين لاڙڪاڻو بورڊ دائود ميمڻ آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ بورڊ جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي ۽ چيو ته هي ٽيون ايوارڊ پروگرام منعقد ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته گرلس شاگردياڻين جي لاءِ الڳ امتحاني سينٽر مقرر ڪيا آهن ۽ ڪاپي کي روڪڻ لاءِ امتحاني ڪارڊ تي سيل لڳائي ويندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڪشمور لاءِ شڪارپور ۾ الڳ بوٿ کوليا آهن ته جيئن شاگرد اتان به پنهنجا شرٽيفڪيٽ ۽ مارڪشيٽون ۽ ٻئي معلومات حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته بورڊ جي نئين بلڊنگ جو ڪم هلي رهيو آهي جيڪو 50 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ مارچ ۾ ڪجهه سيڪشن نئين بلڊنگ ۾ شروع ڪيا ويندا. بعد ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ ميڊل ۽ ڪيش انعام پڻ ورهايا. ان بعد صوبائي وزير آپا ڪنيز فاطمه چغتائي جي گهر ويو ۽ سندس سان ٿيل ڌاڙي جي واردات تي همدردي ڪئي ۽ چيو ته ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ هر شهري جي جان ومال جو تحفظ ڪرڻ اسانجي ذميواري ۽ فرض آهي هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ضلعي اندر صفائي جي نظام کي بهتري لاءِ نساسڪ سان گڏجاڻي ڪئي ويندي. ان موقعي تي هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته نواز شريف لاءِ عزت آهي هو اسانجو مهمان هو مگر هو اهو ٻڌائي ته هن پنهنجي اقتدار دوران ڪيترن سنڌين کي نوڪريون ڏنيون ۽ نوڪرين مان ڪڍيو ۽ سنڌ اندر ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا. ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو سعيد احمد مڱڻيجو ، ڊپٽي ڪمشنر اسد الله ابڙو، ايس ايس پي جاويد احمد جسڪاڻي ۽ ٻيا موجود هئا. ان بعد صوبائي وزير ريشم گلي لاڙڪاڻو ۾ بلاول جيولرز جي مالڪن سان مليو ۽ انهن کي يقين ڏياريو ته ڏوهه ۾ ملوث ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪري انهن کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو ويندو. جڏهن ته واپاري بشير احمد شيخ جي گهر ويو ۽ ان جي ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان بعد ايڊووڪيٽ جاويد ديناري جي گهر وڃي سندس والد جي وفات تي تعزيت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button