خبرون
-
جيئي سنڌ محتده محاذ (جسمم) جي مرڪزي سڏ تي باڊھ ۾ مڪمل ھڙتال رھي
جيئي سنڌ محتده محاذ (جسمم) جي مرڪزي سڏ تي تحفظ پاڪستان آرڊيننسس ڪاري قانوني جي خلاف اعلاڻيل هڙتال جي موٽ ۾ باڊهه شهر مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جنهن ڪري سڄي شهر جو ڪاروبار بند رهيو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ترقي پسند پارٽي ڄامشوري جي اڳواڻ پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي
سنڌ ترقي پسند پارٽي ڄامشوري جي اڳواڻ ڪامريڊ پيرل کوکر پنهنجي ساٿين ۽ برادري جي سوين ماڻهن سان گڏ پ پ پ ۾ شموليت ڪري ڇڏي آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي ڄامشوري جي اڳواڻ ڪامريڊ پيرل کوکر پ پ پ يونين ڪائونسل 10، ڄامشورو جي اڳواڻ حاجي واحد بخش ڀلائي سان گڏجي پ پ پ ضلعي ڄامشوري جي صدر ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شوري سان ملاقات ڪري پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
سفارشي ڪلچر جي ڪا به اهميت ناهي، سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪندڙ سنڌي نياڻي سھائي عزيز ٽالپر جو آجياڻي کي خطاب
سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري پهرين سنڌي نياڻي اي ايس پي بڻجندڙ سهائي عزيز ٽالپر چيو آهي ته سنڌ جي مسڪين ۽ غريب ماڻهن جا درد سيني ۾ سانڍي مقابلي واري امتحان ۾ ويٺي هيس ۽ انهن ئي جذبن ۽ ملڪ جي غريب عوام جي خدمت جي جذبي ئي مون کي اهڙي امتحان ۾ ڪاميابي لاءِ اتساهه ڏنو
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي ۾ صوفياڻي محفل ٿي گذري
هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي ۾ ڊاڪٽر ذاڪر حسين سولنگي جي رهائش گاهه تي صوفياڻي محفل ٿي گذري جنهن ۾ سنڌ جي ريڊيو ٽي وي جي صوفي فنڪار فقير راهب علي، فقير نياز علي منڱڻيجو، خدن فقير، فقير بخشڻ ۽ ٻين حضرت سچل سرمست، شاهه عبداللطيف، مهدي سائين ، جانڻ چن، بلي شاهه سميت ٻين جي ڪلام پيش ڪيا
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: ڪاٽن فيڪٽري کي اوچتو باهه لڳڻ سبب سوا لک کان وڌيڪ مڻ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون
هنڱورجا ۾ اسلام ڪاٽن فيڪٽري کي اوچتو باهه لڳڻ سبب سوا لک کان وڌيڪ مڻ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون، اطلاع ڏيڻ باوجود فائررگيڊ عملو هڪ ڪلاڪ ڍير سان پهتو، فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب پورهيتن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، 40 ڪروڙن جي نقصان ٿيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: جسمم جي مرڪزي اڳواڻ برڪت چانڊيو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ميڙاڪو
جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) جي مرڪزي اڳواڻ شهيد برڪت چانڊيو (عرف پريم ديوان جي ياد ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ باڊهه ۾ جسمم پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن کي جسمم لاڙڪاڻي ضلعي جي صدر احمد علي ڪانڌڙو، ايس يو پي جي اسد گوپانگ، جسمم لاڙڪاڻي ضلعي جي سيڪريٽري شڪيل کونهارو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ صوفين ، بزرگن ، امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي، ڪاظم علي شاھ
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي ۽ درگاهه سخي ناصر شاهه جي گادي نشين پير سيد ڪاظم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوفين ، بزرگن ، امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي ۽ سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاهن تي امن ۽ محبت جو پيغام ملي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
قائم علي شاهه جي تبديلي جا مطالبا ڪندڙن جو خواب پورو نه ٿيندو، جاويد شاهه جيلاني
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد جاويد شاهه جيلاني چيو آهي ته وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه جي تبديلي جا مطالبا ڪندڙن جو خواب پورو نه ٿيندو. فنڪشنل ليگ اهڙا اجايا پئي ڪري، وزيراعلي جي سربراهي ۾ ڪراچي آپريشن جا مثبت نتيجا نڪتا آهن. ۽ ڪراچي ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ امن آهي.
وڌيڪ پڙھو -
سکر: مسيحي برادري جي سڏ تي امن ريلي
سکر ۾ مسيحي برادري جي سڏ تي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان سينٽ سيويئر اسڪول کان پريس ڪلب تائين امن ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ اسڪولي ٻارڙن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئ
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪئي ويئي
جيئي سنڌ محاذ باڊهه پاران 17 آڪٽوبر ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن امان الله وسطڙو، شهيد مالڪ خشڪ، شهيد امير علي شاهه، شهيد مٺو بليدي، شهيد انور عباسي، ذڪريا ميمڻ جي ياد ۾ ٽائون هال اڳيان ميڻ بتيون ٻاري خراج تحسين پيش ڪئي
وڌيڪ پڙھو