ھنڱورجا

سنڌ صوفين ، بزرگن ، امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي، ڪاظم علي شاھ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي ۽ درگاهه سخي ناصر شاهه جي گادي نشين پير سيد ڪاظم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوفين ، بزرگن ، امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي ۽ سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاهن تي امن ۽ محبت جو پيغام ملي ٿو

ھنڱورجا: فنڪشنل ليگ ايم اين اي سيد ڪاظم علي شاھ درگاھ نڀندو شاھ جي مزار تي چادر چاڙھي دعا گھرندي
ھنڱورجا: فنڪشنل ليگ ايم اين اي سيد ڪاظم علي شاھ درگاھ نڀندو شاھ جي مزار تي چادر چاڙھي دعا گھرندي
اسان کي به انهن جي واٽ تي هلڻ گهرجي. هنڱورجا جي درگاهه حضرت نڀندو شاهه جي سالياني عرس مبارڪ جي تقريبات جي سلسلي ۾ مزار تي چادر چاڙهڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. ڪراچي ۾ اڄ به دهشتگردن ۽ اندروني سنڌ ۾ وري ڌاڙيلن جي راڄ آهي . هن چيو ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان اڳ حڪومت پنهنجي مرضي موجب يوسيز کي ٽوڙي ڌانڌلين جي شروعات ڪري ڏني آهي . چونڊن ۾ سڄي سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ پنهنجا اميدوار بيهاريندي. پ پ اميدوارن جي شڪست جو خوف کان پنهنجي مرضي جون يوسيز ٺاهيون آهن پر عوام فنڪشنل مسلم ليگ سان گڏ آهي. مخالفن کي مڪاني چونڊن ۾ به شڪست ملندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button