شهدادڪوٽ

شھدادڪوٽ: جسمم جي سڏ تي مڪمل شٽربند ھڙتال رھي

ضمير کرل
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شهدادڪوٽ
شهدادڪوٽ ۾ به جسمم جي سڏ تي تحفظ پاڪستان آرڊيننس خلاف مڪمل شٽربند هڙتال رهي، هڙتال سبب شاهي بازار، ريشم گھٽي، ڪوٽو موٽو چوڪ، جمع کرل چوڪ ،شوز بازار، سميت شهر جا ننڍا،وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا، Shahdadkot_ J.s.M.m hartal.  (640x182)جڏهن ته هڙتال سبب ٽريف معمول کان گھٽ رهي جنهن ڪري شهر جا روڊ ۽ رستا ويران نظر اچي رهيا هئا ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ شهر جي مک چوڪن، روڊن ۽ رستن تي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ٻئي پاسي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي سهيل ڀٽي، فياض مگسي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙو آرڊيننس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا تي وار آهي ۽ ان آرڊيننس کي هو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button