خبرون
-
جھرڪ: 7 معصوم ٻارڙن جي ٽيجهي جون رسمون ادا ڪيون ويون
جهرڪ ويجهو سنڌو درياء ۾ ٻُڏي فوت ٿيل مري برادري جي 7 معصوم ٻارڙن جي ٽيجهي جون رسمون ادا ڪيون ويون. جهرڪ لڳ ڳوٺ دائم مري ۾ ٽيجهي وارين رسمن ۾ پيپلزپارٽي جي خصوصي ٽيم پهچي شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
جھمپير: ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال ۾ ڦھليل پراسرار بيماري تباھي مچائي ڇڏي
ايم ايڇ ڪنڀار جھمپير جي ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال ۾ ڦھليل خطرناڪ پراسرار بيماري تباھي مچائي ڇڏي وڏي تعداد ۾ چوپايو مال مرڻ ڪري ڀاڳين کي مٿي تي ھٿ اچي ويا، چوپائي مال کاتي ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو. ان سلسلي م جھمپير جي ڪوھستاني پٽي جي رھواسي مالوند ماڻھن دانھيندي چيو آھي تہ ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال ۾ اوچتو پيل پراسرار بيماري وٿاڻن جا وٿاڻ خالي ڪري ڇڏيا آھن. ھنن چيو تہ چوپائي مال ڳئون ۽ ٻڪرين جو گلو، ٽنگ جو سڄڻ، تيز بخار سبب وات ۽ نڪ مان رت اچڻ کانپوء جانور چند ڪلاڪن ۾ مريو وڃن ٿا. ھنن چيو تہ ڪجھ ڏينھن اڳ ڪوھستاني ڳوٺ سليمان بروھي ۾ امام بخش بروھي جون پنج ٻڪريون ۽ اڄ ماستر بھرام بروھي جا ٻه ڍور بيماري سبب مري ويا آھن ۽ ڪافي جانور ان موزي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا اھن. ھنن چيو تہ دانھون ڪرڻ باوجود اڃان تائين ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال کي ويڪسين بہ ٿي ناھي سگھي. جڏھن تہ جھمپير شھر ۾ قائم ٿيل چوپائي مال واري اسپتال بند آھي، ڊاڪٽر گھر ويٺـي پگھارون پيا کڻن. ھنن گھر ڪئي تہ ڪوھستاني پٽي ۾ چوپائي مال کي ويڪسين ڪري کين وڌيڪ نقصان کان بچائي جھمپير ۾ بند…
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽو: رسول بخش پليجو جي ٻِي ورسي جنگشاهي شھر لڳ ڳوٺ مُنگر خان پليجو ۾ سادگي سان ملهائي ويئي
سنڌ جي عظيم ڏاهي مُفڪر رسول بخش پليجو جي ٻِي ورسي جنگشاهي شھر ۾ سندس آخري آرامگاه تي عوامي تحريڪ پاران سادگي سان ملهائي ويئي
وڌيڪ پڙھو -
پي ٽي آء جي پاليسي مزدور دشمن ۽ سنڌ دشمن رهي آهي، پ پ اڳواڻ
پي ٽي آء جي پاليسي مزدور دشمن ۽ سنڌ دشمن رهي آهي ۽ حليم عادل شيخ پنهنجو تعلق سنڌ سان ڄاڻائي صرف سنڌ حڪومت کي بُرو ڀلو قرار ڏيڻ ۾ مصروف آهي، پ پ اڳواڻ
وڌيڪ پڙھو -
لاڙڪاڻو: استاد جي گھر ۾چوري
لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد سامٽيا روڊ واري علائقي ۾ نامعلوم چورن پرائمري استاد فيروز سرهيو جي گهر ۾ گهڙي سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا
وڌيڪ پڙھو -
ڄامشورو: پيٽرول جي کوٽ، پيٽرول پمپ مالڪن پاران حڪومت ۽ اوگرا کي ذميوار قرار
ڄامشورو ضلعي ۾ پيٽرول جي کوٽ کانپوء پئٽرول پمپ مالڪ ميدان تي اچي ويا پئٽرول پمپ مالڪ ملڪ ۾ پئٽرول جي کوٽ جو زميوار وفاقي سرڪار ۽ اوگرا کي قرار ڏئي ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
شاھ عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي جي استادن جا مسئلا حال ڪريو، ميوٽا
شاھ عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي انتظاميا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ استادن سان انتقامي ڪارروائي ڪري رهي آهي : مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (ميوٽا) صدر ڊاڪٽر حبيب الله پٽاڻ
وڌيڪ پڙھو -
جهرڪ: 7 ٻارڙا سنڌو درياء ۾ ٻڏي فوت
جهرڪ ويجهو افسوسناڪ واقعو، 7 ٻارڙا سنڌو درياء ۾ ٻڏي فوت، لاش ڪڍي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، سندن گھرن ۾ ڪھرام متل
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽو: خانگي اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر پاران غلط ڊليوري آپريشن سبب نوجوان عورت جي حالت خراب
مڪلي تي قائم خانگي اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر پاران غلط ڊليوري آپريشن سبب نوجوان عورت جي حالت خراب. ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي ريفر
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي ۾ ڪرونا وائرس جا 5 وڌيڪ ڪيس ظاهر
ٺٽي ۾ ڪرونا وائرس جا 5 وڌيڪ ڪيس ظاهر، ضلعي ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ 56 ٿي ويو. سب جيل ٺٽو جي هڪ قيدي ۽ پوليس لائين ٺٽو جي ٻن جوانن سميت 5 ڄڻن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويئي آھي
وڌيڪ پڙھو