خبرون
-
ڪامريڊ غلام رسول سھتو جي مرڻ گھڙي تائين ھڙتال جاري
خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي 62 هين ڏينهن به مرڻ گهڙي واري بک هڙتال جاري.
وڌيڪ پڙھو -
فلاحي رياست ۾ عوام کي بنيادي سهولت جي فراهمي هڪ مسلسل عمل آهي : وزيراعظم راجا پرويز اشرف
وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته فلاحي رياست ۾ عوام کي بنيادي سهولت جي فراهمي هڪ مسلسل عمل آهي ۽ جمهوري چونڊيل قيادت عوام جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
ٺري ميرواهه جا بااثر وڏيرا ۽ پوليس اسانکي قتل ڪرائڻ چاهين ٿا، پريمي جوڙو
ٺري ميرواهه جا بااثر وڏيرا ۽ پوليس اسانکي قتل ڪرائڻ چاهين ٿا ٺري ميرواهه جي پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جون صحافين اڳيان دانهون.
وڌيڪ پڙھو -
چيف انجنيئر سکر ٺري ميرواهه۽ فيض گنج جي مختلف واهن جو دورو ڪيو
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي حُڪم تي آبپاشي کاتي جو چيف انجنيئر سکر بئراج آغا اعجاز احمد پٺاڻ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ آبپاشي کاتي جو ايس اِي ولي محمد نائچ ٺري ميرواهه۽ فيض گنج جي مختلف واهن جو دورو ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
يو جي فوڊ فيڪٽري پورهيتن کي نوڪري مان بيدخل ڪري ڇڏيو
بن قاسم جي علاقي گهگهر صنعتي ايريا ۾ قائم يو جي فوڊ فيڪٽري طرفان مختلف الزامن تحت اڪبر کوسو سميت ڏهن پورهيتن کي نوڪري تان بيدخل ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
مھاڻن جي وسندي تي پوليس جي ڪاھ، گھر گھر تلاش، انصاف جي اپيل
ماڙيپور ۾ سحري دوران مهاڻن جي وسندي ڪڪا وليج تي پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ايجنسين جي اهلڪارن جي چڙهائي، ڳوٺ کي گهيري ۾ آڻي گهر گهر تلاشي، عورتون قرآن شريف کڻي پوليس کي گهرن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪينديون رهيون، هڪ مهاڻو گرفتار
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ ۾ مهراڻ سماجي اتحاد (سنڌ) جو قيام
شهدادڪوٽ ۾ مهراڻ سماجي اتحاد (سنڌ) جو قيام عمل ۾ آندو ويو ، نوان عهديدار چونڊيا ويا ۽ يوٿ ونگ جي بنياد جو پڻ اعلان ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ جي مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال بهتر آهي، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ گهٽ ٿي آهي ۽ مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال بهتر آهي. تازو پوليس پاران 11 ڄڻن کي ڀتاخوري جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
پيرڳوٺ ۾ درگاهه روضي ڌڻي ۾ پير پاڳاري جي مرحومه ڀيڻ جي لاءِ دعا
پيرڳوٺ ۾ درگاهه روضي ڌڻي ۾ پير پاڳاري جي مرحومه ڀيڻ جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪري دعا گهري وئي، هزارين ماڻهن جي شرڪت
وڌيڪ پڙھو -
پيرڳوٺ واسڻ نوجوان عورت ويم دوران خيرپور جي اسپتال ۾ فوت
پيرڳوٺ واسڻ نوجوان عورت ويم دوران خيرپور جي اسپتال ۾ فوت، وارثن پاران لاش کڻي پيرڳوٺ ۾ ڊاڪٽرياڻي جي گهر آڏو ڌرڻو، احتجاج
وڌيڪ پڙھو