پير جو ڳوٺ

پيرڳوٺ ۾ درگاهه روضي ڌڻي ۾ پير پاڳاري جي مرحومه ڀيڻ جي لاءِ دعا

Fateha for Pir Pagaros sisterپير جو ڳوٺ (رپورٽر) پيرڳوٺ ۾ درگاهه روضي ڌڻي ۾ پير پاڳاري جي مرحومه ڀيڻ جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪري دعا گهري وئي، هزارين ماڻهن جي شرڪت، رپورٽ موجب، هڪ هفتو اڳ سعودي عرب ۾ روڊ حادثي سبب فوت ٿيل حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ سربراهه پير صاحب پاڳاري جي ننڍي ڀيڻ نائله بي بي جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ حرجماعت پاران درگاهه محمد راشد روضي ڌڻي جي احاطي ۾ قرآن خواني ڪرائڻ سان گڏ خيرات جي ماني ڪري دعا گهري وئي، دعا جي هن تقريب ۾ حر جماعت جي چيف خليفي فقير قادر بخش مڱريو، مفتي محمد رحيم سڪندري، جان محمد مڱريو، مولوي محمد موريجو، حافظ ثناءُ الله، مولوي غلام شبير سومرو، مولانا سيد مصري شاهه سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button