پير جو ڳوٺ

پيرڳوٺ واسڻ نوجوان عورت ويم دوران خيرپور جي اسپتال ۾ فوت

Woman died due to ignoranceپير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) پيرڳوٺ واسڻ نوجوان عورت ويم دوران خيرپور جي اسپتال ۾ فوت، وارثن پاران لاش کڻي پيرڳوٺ ۾ ڊاڪٽرياڻي جي گهر آڏو ڌرڻو، احتجاج، ڇتي نعريبازي، پوليس جي مظاهرين تي لٺبازي، 3 ڄڻا بيهوش، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ بهار لاڙڪ جي رهواسڻ نوجوان عورت مسمات ڪريمه زال نذير احمد لاڙڪ جيڪي ويم لاءِ وارث خيرپور جي ريڊ ڪريسينٽ اسپتال ۾ کڻائي ويا جتي عورت ويم دوران فوت ٿي وئي ان سلسلي ۾ فوتي عورتن جي وارثن لاش کڻي پيرڳوٺ ۾ ڄاڻايل ڊاڪٽرياڻي جي گھر آڏو لاش رکي ننٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي فوتي عورت جي مڙس نظير لاڙڪ ۽ ڀاءُ غلام مرتضي لاڙڪ ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته اسان عورت کي ويم لاءِ خيرپور جي ڄاڻايل اسپتال کڻي وياسين جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرياڻي رشيدان کيمٽيو لاپرواهي ڪندي ويم دوران اسانجي عورت کي اسپتال ۾ ڇڏي گهر هلي ويئي جنهنڪري اسانجي عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي جيڪا اسان سان وڏي زيادتي ۽ ظلم آهي هوڏانهن لاپرواهي جي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽرياڻي رشيده کيمٽيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڄاڻايل عورت اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي سيريس حالت ۾ هئي جنهن جي زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جو خون اڳ ئي ختم ٿي چڪو هو جنهنڪري هوءُ فوت ٿي وئي باقي اسانجي ڪابه لاپرواهي نه آهي ٻئي طرف پيرڳوٺ پوليس ڊي ايس پي قدوس ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ مظاهرين مٿان مڇرجي لٺبازي ڪري ڏني جنهن ۾ مظاهرو ڪندڙ 3 نوجوان زخمي ٿي پيا ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ پوليس جي اهڙي زيادتي خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي چيو ته عورت به اسانجي فوت ٿي وئي آهي ابتو ڊي ايس پي پيرڳوٺ اسان مٿان لٺبازي ڪري اسانجي ٽن نوجوانن يعقوب لاڙڪ، اسحاق لاڙڪ ۽ محمد علي لاڙڪ کي زخمي ڪري وڏو ناحق ڪيو آهي هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ڊاڪٽرياڻي جي زيادتي ۽ پوليس جي انصافي جو نوٽيس وٺي سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button