خيرپور

ٺري ميرواهه جا بااثر وڏيرا ۽ پوليس اسانکي قتل ڪرائڻ چاهين ٿا، پريمي جوڙو

Dasti Premi Joroخيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) ٺري ميرواهه جا بااثر وڏيرا ۽ پوليس اسانکي قتل ڪرائڻ چاهين ٿا ٺري ميرواهه جي پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جون صحافين اڳيان دانهون. تفصيل موجب ٺري ميرواهه جي ڳوٺ هنڊياري جي پيار جوپرڻو ڪندڙ جوڙي وسيم اڪرم دستي ۽ قمرسلطانه دستي پريس ڪلب خيرپور ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيوته اسان هڪٻئي کي ڪافي عرصي کان چاهيندا هئاسين ۽ اسان پنهنجي مائٽن کي شادي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو اسانجا دشمن ٿي ويا هئا تنهن ڪري اسان گهران نڪري پيار جو پرڻو ڪيو هو. هنن چيوته اسان هڪٻئي کان هڪ پل به الڳ نه ٿا رهي سگهو. جڏهن ته برادري جي ڀوتارن ۽ قمر سلطانه جي مائٽن پلاند ۾ وسيم اڪرم جي گهر تي ڪاهه ڪري ٽي عورتون اغوا ڪري ڇڏيون هيون. جڏهن ته وڏيرن جرڳو ڪري اسانکي قتل ڪرڻ جي فتوا جاري ڪئي آهي. هنن چيوته اسان جي زندگين کي خطرو آهي. ڇوته برادري جي سردارن اسانکي قتل ڪرڻ لاءِ هٿياربند اسانجي پويان لائي ڇڏيا آهن. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان اپيل ڪئي ته اسانکي تحفظ ڏنو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button