قومي خبرون

  • صحافي سليم شهزاد ڪيس جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم، جسٽس ثاقب نثار پاران سربراهي ڪرڻ کان انڪار

    سلام آباد ۾ بيدردي سان قتل ٿيل سينيئر صحافي سليم شهزاد ڪيس بابت حڪومتي ڪميشن تڪراري بڻجي وئي، حڪومت پاران جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻ بعد جسٽس ثاقب ڪميشن جي سربراهي کان معذرت ڪري ڇڏي، تفصيل موجب حڪومت صحافي سليم شهزاد جي قتل ڪيس جي تحقيقات لاءِ ڪميشن جوڙي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، 5 رڪني ڪميٽي 6 هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي، ذريعن موجب جسٽس ثاقب کي مقرر ڪرڻ تي چيف جسٽس سان مشورو نه ڪيو ويو، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن ۾ جسٽس آغا تيمور ايڊيشنل آءِ جي انويسٽيگيشن پنجاب، بي ايف يو جي صدر ۽ ڊپٽي ڊي آءِ جي وفاقي پوليس ميمبر هوندا، جڏهن ته چيف جسٽس سان صلاح مشورو نه ڪرڻ تي جسٽس ثاقب ڪميشن جو سربراهه ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • غلط پاليسين سبب ملڪ خطرناڪ موڙ تي بيٺو آهي: فضل الرحمان

    جمعيت علماءَ اسلام جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان چيو ته غلط پاليسين جي سبب ملڪ خطرناڪ موڙ تي بيٺو آهي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪمران اتحادين جي صفن مان ٻاهر نڪرن ۽ پرڏيهي پاليسي جو قبلو درست ڪن ۽ غيرن جي مفادن بدران ملڪ ۽ ملت جي مفاد ۾ پاليسيون جوڙين. هو هتي پارٽي اڳواڻن مولانا محمد يوسف مولانا محمد امجد خان مولانا رشيد احمد لڌيانوي مولانا جميل الرحمان درخواستي مولانا عتيق الرحمان ۽ ٻين عهديدارن تي ٻڌل وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هيو. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي ۾ فوري يو ٽرن وٺڻ جي ضرورت آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ديني مدرسن جي خلاف سازشون هڪ دفعو ٻيهر شروع ڪيون پيون وڃن پر جي يو آءِ ديني مدرسن جي تقدس کي پائيمال ٿيڻ نه ڏيندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ملڪ ۾ سڀ کان وڏا دهشتگرد ڪالاباغ ڊيم مخالف آهن:نواز ليگ ميمبر راڻا افضل

    بجيٽ تي بحث لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته اپوزيشن ليڊر راجا رياض احمد پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته جناب اسپيڪر اسان قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جي ان بيان جي شديد لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون جنهن ۾ هن بابر اعواڻ کي قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏني آهي، هن چيو ته هن چيو ته بابر اعواڻ سميت ڪنهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يا ڪارڪن کي پنجاب ۾ نقصان پهتو ته ان جي ايف آءِ آر قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله ۽ وزير اعليٰ پنجاب شهباز شريف خلاف داخل ڪرائي ويندي، هن چيو ته راڻا ثناءُ الله شيطاني ذهن رکندڙ ماڻهو آهي، هو صوبي ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، هن جا واسطا پابندي پيل مذهبي تنظيمن ۽ دهشتگردن سان آهن، شهيد گورنر پنجاب سلمان تاثير جي قتل جا پيرا به راڻا ثناءُ الله ڏانهن وڃي رهيا آهن، هي دهشتگردن جو سربراهه ۽ قبضا مافيا جو اڳواڻ آهي، جيترا هي شريفن جي حق ۾ نعرا هڻي رهيو آهي ان کان پهريان هي مشرف ۽ ٻين اڳواڻن جي حق ۾ نعرا هڻندو هو ۽ شريف ڀائرن کي گاريون ڏيندو هو.

    وڌيڪ پڙھو
  • ناليواري صحافي سليم شهزاد جي قتل جي تحقيقات مختلف رخن جي حوالي سان جاري آهي، ان جي رپورٽ اچڻ سان ڪيترائي ابهام ختم ٿي ويندا: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

    : سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ناليواري صحافي سليم شهزاد جي قتل جي تحقيقات مختلف رخن جي حوالي سان جاري آهي، ان جي رپورٽ اچڻ سان ڪيترائي ابهام ختم ٿي ويندا، حڪومت صحافي برادري جي سڀني مطالبن جو جائزو وٺي مشاورت کانپوءِ واضح لائحه عمل اختيار ڪندي، جنهن ذريعي صحافي برادري جا خدشا ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اربع ڏينهن صحافين طرفان هنيل ڌرڻي جي حوالي سان پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هن وقت پوري دنيا ۾ ڪو به ملڪ اهڙو نه آهي، جنهن کي دهشتگردي جي حوالي سان پاڪستان کان وڌيڪ چئلينجز آڏو هجي. پاڪستان واحد ملڪ آهي، جيڪو دهشتگردي جهڙي وڏي مسئلي جي ور چڙهيل آهي، دهشتگردي جي هن جنگ ۾ پاڪستان 36 هزار سويلين ۽ فوجي جوانن جي قرباني ڏني آهي. عام شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ صحافي به دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • نوجوان جو قتل، ڊي جي رينجرس ۽ آءِ جي سنڌ کي سندن عھدن تان ھٽايو ويو

    پاڪ فوج سنڌ رينجرس جي ڊي جي ميجر جنرل اعجاز چوڌري کي ان عھدي تان ھٽائي ڇڏيو آھي جڏھن ته وفاق سنڌ جي آءِ جي فياض لغاري کي ھٽائي ڪري اسلام آباد ۾ اسٽبلشمنٽ ڊويزن موڪلي ڇڏيو آھي. پاڪ فوج جي ترجمان طرفان اڄ ھڪ مختصر بيان جاري ۾ چيو ويو آھي ته ميجر جنرل اعجاز چوڌري جي بدلي ڪئي وئي اھي ۽ اھو قدم سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي پيروي ڪندي کنيو ويو آھي. سپريم ڪورٽ جي پنجن رڪنن تي مشتمل بينچ ڪراچي جي نوجوان جي قتل جو ازخود نوٽس ورتو ھئو. عدالت ان واقعي تي ڊي جي رينجرس ۽ آءِ سنڌ کي ٽن ڏينھن ۾ ھٽائڻ جو حڪم ڏنو ھئو، ان جي مھلت ڪالھھ ختم ٿي وئي ھئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ صوبن کي 7 سئو ارب رپيا منتقل ڪيا آهن:حفيظ شيخ

    ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. . اهڙو اظهار هن لارمس ڪاليج گهوڙا گلي مري جي 150 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي 20 رپين جي يادگار سڪي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي هر شهري کي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده حڪومت شهرين جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. نوجوان نسل کي فني تعليم جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن اهي معاشري جا ڪارگر شهري بڻجي سگهن. ميڊيا سان خاص ڳالهه بولهه ڪندي هن ٻڌايو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ انهن لاءِ حڪومت 700 ارب رپيا صوبن کي منتقل ڪري ڇڏيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ ايٽ ۾ آپگھاتي حملو، ھڪ شخض مارضي ويو

    اسلام آباد: اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ ايٽ ۾ مرڪز ۾ واقعي ھڪ بينڪ جي سامھون ڌماڪي جي نتيجي ۾ حملو ڪندڙ مارجي جڏھن ته گارڊ جام شهادت نوش ڪيو. بي ايس ايس پي ان ڳالھھ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي ته حملو آپگھاتي ھيو. آپگھاتي حملو ڪندڙ بينڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر سيڪيورٽي گارڊ حملو ڪندڙ کي روڪڻ جي ڪئي ۽ حملي ڪندڙ ڌماڪو ڪري ڇڏيو. ڌماڪو ايترو ته شديد ھئو جو بينڪ جي سامھون وارو حصو ۾ دٻجي ويو جڏھن ته ويجھو بيٺل گاڏين کي نقصان پھتو ۽ شيشا ٽٽي ويا . ريسڪيو ذريعن سيڪيورٽي گارڊ جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڄڏي

    وڌيڪ پڙھو
  • اسلام آباد ۾ بم ڌماڪو، 3 ڄڻا زخمي

    وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ڀر واري علائقي بهار ڪهو ويجهو ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آچر تي ٻنپهرن جو ڏسو صفحو3 نمبر64 ملپور ۾ ڌماڪي کان پوءِ امدادي ڪارڪن، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ پوليس علائقي ۾پهچي وئي.ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٽن مان ٻن ماڻهن جي سڃاڻپ 16 سالن جي ظفر احمد ۽ 35 سالن جي وحيد طور ٿي جن کي مقامي اسپتال داخل ڪرايو ويو.تفصيل مطابق آچر تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي علائقي مل پور ويجهو مري روڊ جي ڪناري تي نصب بم ڦاٽڻ سبب ڀرسان گذرندڙ سفيد رنگ جي ڪرولا ايڪس لائي ڪار نمبر جي 470 جيڪ قمر عباس نالي شخي هلائي رهيو هو اونڌي ٿي پئي جنهن سبب ڊرائيور زخمي ٿي پيو جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار ظفر اقبال ۽ سندس پٽ صغير پڻ زخمي ٿيا جن کي علاج لاءِ اسپتال پهچايو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • پشاور جي علائقي خيبر مارڪيٽ ۾ ھڪ ٻئي پويان ٿيندڙ ٻن ڌماڪن ۾ مارجي ويندڙن جو انگ 37 ٿي ويو

    پشاور جي خيبر سپر مارڪيٽ ويجهو 2 ڌماڪن جي نتيجي ۾ هڪ صحافي سوڌو 37 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ صحافي ۽ 8 سيڪيورٽي اهلڪار به شامل آهن، ڌماڪن بعد ويجهو موجود عمارتن کي تي باهه وڪوڙي وئي، تفصيل موجب خيبر پختونخوا جي گادي واري شهر پشاورجي ڪينٽ واري علائقي ۾ واقع خيبر سپر مارڪيٽ ۾واقع هڪ هوٽل ۾ پهريان هڪ ڌماڪو ٿيو، ريسڪيو ذريعن موجب اهو ڌماڪو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو، جنهن بعد ماڻهن جو وڏو انگ ، صحافي ۽ سيڪيورٽي به ڌماڪي واري جاءِ تي پهتا ته ٺيڪ ان وقت ٻيو ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب 37 ڄڻا مارجي ويا ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ صحافين سميت 100 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ مقامي اخبار جو صحافي اسفند يار چمڪني شامل آهن، جڏهن ته صحافي صفيع الله ۽ عمران بخاري سميت 2 صحافي زخمي پڻ ٿي پيا، جڏهن ته ايس پي ڪينٽ سوڌو 8 اهلڪار به زخمين ۾ شامل آهن،

    وڌيڪ پڙھو
  • پوري دنيا وانگر مسيحي برادري پاڪستان ۾ اڄ عيد نزول ملھائي رھي آھي

    اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ مسيحي برادري روح القدس جي نزول جي عيد ملھائي رھي آھي جنھن کي عيد پينتاڪوس جي نالي سان ڄاتو ويندو آھي. ھي ڏينھن مسيحي مذھب جي اعتبار کان ڪليسا جي آغاز جو ڏينھن آھي. ان عيد سان گڏوگڏ مسيحي برادري فصلي شڪرگزاري جو ڏينھن ملھائيندي آھي ۽ گرجا گھرن کي خاص طرح اناج، ميون ۽ سبزين سان سجايو ويندو آھي. ان حوالي سان سڀ کان وڏو اجتماع پنجاب جي صوبائي گاديءَ واري ھنڌ لاھور جي ڪيٿيڊرل چرچ ۾ ٿيو جنھن ۾ ملڪي سالميت ۽ ترقيءَ لاءِ خاص دعائون گھريون ويون

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button