اسلام آباد

غلط پاليسين سبب ملڪ خطرناڪ موڙ تي بيٺو آهي: فضل الرحمان

Fazul rahmanاسلام آباد: جمعيت علماءَ اسلام جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان چيو ته غلط پاليسين جي سبب ملڪ خطرناڪ موڙ تي بيٺو آهي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪمران اتحادين جي صفن مان ٻاهر نڪرن ۽ پرڏيهي پاليسي جو قبلو درست ڪن ۽ غيرن جي مفادن بدران ملڪ ۽ ملت جي مفاد ۾ پاليسيون جوڙين. هو هتي پارٽي اڳواڻن مولانا محمد يوسف مولانا محمد امجد خان مولانا رشيد احمد لڌيانوي مولانا جميل الرحمان درخواستي مولانا عتيق الرحمان ۽ ٻين عهديدارن تي ٻڌل وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هيو. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي ۾ فوري يو ٽرن وٺڻ جي ضرورت آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ديني مدرسن جي خلاف سازشون هڪ دفعو ٻيهر شروع ڪيون پيون وڃن پر جي يو آءِ ديني مدرسن جي تقدس کي پائيمال ٿيڻ نه ڏيندي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button