اسلام آباد

اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ ايٽ ۾ آپگھاتي حملو، ھڪ شخض مارضي ويو

isl ambulance 543اسلام آباد: اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ ايٽ ۾ مرڪز ۾ واقعي ھڪ بينڪ جي سامھون ڌماڪي جي نتيجي ۾ حملو ڪندڙ مارجي جڏھن ته گارڊ جام شهادت نوش ڪيو. بي ايس ايس پي ان ڳالھھ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي ته حملو آپگھاتي ھيو. آپگھاتي حملو ڪندڙ بينڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر سيڪيورٽي گارڊ حملو ڪندڙ کي روڪڻ جي ڪئي ۽ حملي ڪندڙ ڌماڪو ڪري ڇڏيو. ڌماڪو ايترو ته شديد ھئو جو بينڪ جي سامھون وارو حصو ۾ دٻجي ويو جڏھن ته ويجھو بيٺل گاڏين کي نقصان پھتو ۽ شيشا ٽٽي ويا . ريسڪيو ذريعن سيڪيورٽي گارڊ جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڄڏي .
گھرو وزير رحمان ملڪ چيو آھي ته گارڊ کي ستاره شجاعت ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويندي. آءِ جي پوليس واجد دراني ٻڌايوته سيڪيورٽي گارڊ بشير روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. اعليٰ عھديدارن مطابق 7 کان 9 ڪلوتائين بارودي مواد استعمال ٿيو، خود ڪش حملي ڪندڙ جو مٿو ۽ جسماني عضوا ملي ويا آھن. سفيد شلوار قميض پاتل حملي ڪندڙ جي عمر 18 سالن جي لڳ ڀڳ ھئي ۽ چھري تي ھلڪي ڏاڙھي ھئي. اکين ڏٺل شاھدن جو چوڻ آھي ته گارڊ پنھنجي جان جي پرواھ نه ڪندي مشڪوڪ ماڻھو کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button