مختصر خبرون
-
ارڙي کان بچاءَ مھم ختم ٿيندي ئي وري ارڙي ڪر کنيو
سنڌ حڪومت پاران ارڙيءَ کان بچاءَ واري مهم ختم ٿيندي ئي ضلعي سکر ۾ ارڙيءَ جي بيماريءَ جي وقفي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر فوتين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو نه رهيو آهي : اصغر مجاهد مهر
تنظيم فڪرونظر سنڌ جي زير انتظام ڪشمير نظرياتي اهميت ۽ پاڪستان جي موضوع تي هڪ مجلس مذاڪره تنظيم جي مرڪزي دفتر سنڌ اسلامڪ سينٽر ۾ زير صدارت چيئرمين تنظيم فڪرونظر سنڌ پروفيسر محمد علي راڄپر ۽ سينيئر نائب صدر فضل الله مهيسر ۽ تنظيم جي سڀ عهديدار ن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ اسان جو فرض آهي ،سعيد احمد جماڻي
لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او سعيد احمد جماڻي گذريل ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ واپارين ۽ شهرين ۽ صحافين سان امن امان جي صورتحال تي غور ويچار ڪندي چيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالخالق شيخ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو جاويد احمد جسڪاڻي جي ڏنل هدايتن تي ڪم ڪري رهيا آهيون
وڌيڪ پڙھو -
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ رکيل پرچا ملتوي
پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جناب اسدالله مهر پڌرو ڪيو آهي ته لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ائنڊ هيلٿ سائنس ڄامشورو اعلان ڪيو آهي ته سرجري 2 ۽ ميڊيسن 2 ايم بي بي ايس فائنل جي 10 سيمسٽر ريگيولر امتحان 2012 جيڪي 7 ڊسمبر 2012 تي ٿيڻا هئا انهن کي بائيڪاٽ جي ڪري ملتوي ڪيو ويو هو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌي ٻوليءُ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ مظاھرو
لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلع لاڙڪاڻو ۽ سنگت ضلعي قمبر شهدادڪوٽ پاران سنگت جي مرڪز تي سنڌي ٻوليءُ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ larkano media فورم آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جن جي اڳواڻي ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي اڳواڻيءَ ۾ ايوب گاد، مختيار سمون، عنايت ميمڻ، ملهار سنڌي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
لاڙڪاڻو: سپاف پنجين ڏينهن به ضلع صدر غني جتوئيءَ خلاف احتجاجي ريلي
لاڙڪاڻو سپاف سٽي طرفان پنجين ڏينهن به ضلع صدر غني جتوئيءَ خلاف ڪئنيڊي مارڪيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي larkano media فورم آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا
وڌيڪ پڙھو -
ٻٽي نظام ۽ ڪراچي ۾ فوج جي نگراني ۾ ووٽرن جي تصديق نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي
ري ميرواهه ۾ فقير سڪندر علي شر ، فقير آفتاب سڪندر شر جي اڳواڻي ۾ ٻٽي نظام ۽ ڪراچي ۾ فوج جي نگراني ۾ ووٽرن جي تصديق نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي ، درگاهه گودڙيه کان نڪتل ريلي ٺري ميرواهه شهر کان پريس ڪلب پهتي
وڌيڪ پڙھو -
ٺري ميرواهه شهر ۾ جشن عيد ميلادالنبي جي سلسلي ۾ هڪ جلسو
ٺري ميرواهه شهر ۾ جشن عيد ميلادالنبي جي سلسلي ۾ هڪ عظيم شان جلسو ٿي گذريو ، جلسي ۾ پ پ پ ايم پي اي سيد پيار علي شاهه جيلاني شرڪت ڪئي ، جڏهن ته خصوصي خطاب پير سيد محمد آصف علي شاهه جيلاني ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
بک هڙتال تي ويٺل نوجوان کي نوڪري جو اعلان
بک هڙتال تي ويٺل معزور غلام اصغر اسلامي کي ايم پي اي سيد پيار علي شاهه پاران نوڪري ڏيارڻ جو اعلان ، بک هڙتال ختم ڪرائي گهر موڪليو
وڌيڪ پڙھو -
پراسرا نموني قتل ٿيل ناري جي قبر ھٿ
سکر جي ڪنڌرا ٿاڻي جي حد دارا واهڻ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ مڙس هٿان مبينه طور پراسرا نموني قتل ٿيل 14سالن جي پٺاڻي ناڙيوال جي پيءُ هدايت الله جي فرياد تي پوليس سندس قبر هٿ ڪري ورتي آهي
وڌيڪ پڙھو